اقتداري ۽ وفاقي جماعتون به ملڪ جو خيال نه ڪن ته باقي ڇا بچيو!

اسان جي ملڪ اندر ڪي سياسي جماعتون اهڙيون هونديون آهن جن کي واري واري سان اقتدار ملندو آهي اهڙين جماعتن ۾ وفاقي سطح تي پ پ، مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ اهم آهن جن کي مختلف وقتن ۾ اقتدار ملندو رهيو آهي. عام طور تي انهن وفاقي جماعتن مان ملڪي مفاد ۾ سياست ڪرڻ جي توقع هوندي آهي. پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) هڪ ٻئي جون سخت حريف رهيون آهن پر قومي ۽  ملڪي نزاڪتن کي ڏسندي اهي هڪ ٻئي سان سهڪار به ڪنديون هيون پر پي ٽي آءِ  جي معاملي ۾ اها روايت نظر نه ٿي اچي. ان اها عجيب حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي ته جڏهن به اسلام آباد ۾ ڪا عالمي ڪانفرنس ٿيندي آهي، ڪو وڏو ملڪي سربراهه ايندو آهي ته انهن موقعن تي پي ٽي آءِ حڪومت  خلاف احتجاج ڪندي آهي.

ان حوالي سان پي ٽي آءِ هاڻي باقاعدي بدنام به ٿي چُڪي آهي. 2014 ۾ مسلم ليگ (ن)  جي حڪومت ۾ سي پيڪ جي معاهدي لاءِ چين مان صدر اچي رهيو هو ته  انهن ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ ڊي چوڪ تي ڌرڻو ڏئي ويٺي هئي تنهن ڪري چيني حڪومت دورو ملتوي ڪري ڇڏيو هو. هاڻي به جڏهن اسلام آباد ۾ 14 آڪٽوبر کان 16 آڪٽوبر تائين شنگهائي ڪانفرنس ٿي رهي آهي ته پي ٽي آءِ کان حڪومت مطالبو ڪري رهي آهي ته اها ان موقعي تي اها پنهنجو  احتجاج ملتوي ڪري ته جيئن شنگهائي ڪانفرنس لاءِ  ايندڙ ملڪي سربراهن تي ڪو خراب تاثر نه پوي يا پي ٽي آءِ جي احتجاج جي اوٽ ۾ ملڪ دشمن ڪا ٽين ڌر نه فائدو وٺندي ڪا دهشت گردي يا تخريب ڪاري نه ڪري وجهي جنهن سان ملڪ ۽ حڪومت بدنام ٿئي پر افسوس ته پي ٽي آءِ پنهنجي پاليسي  اهڙو ئي تاثر ڏئي رهي آهي ته اها حڪومت کي بدنام ڪرڻ لاءِ ئي احتجاج جا اهڙا ڏينهن چونڊي رهي آهي. ته جيئن حڪومت بدنام ٿئي ۽ ناڪام بڻجي.

اسان پهريون به هن ايڊيٽوريل ۾ پي ٽي آءِ جي ان غير سنجيده سياست جي نشاندهي ڪئي هئي ته پي ٽي آءِ جيئن ته پارلياماني جماعت به آهي ۽ پارليامينٽ ۾ اپوزيشن بنيچن تي ويٺل وڏي جماعت آهي ته ان ناتي ان جي ذميواري آهي ته اها سنجيده سياست ڪري. ان مان اها تقاضا ان ڪري به ڪجي ٿي جو اها حڪومت ۾ رهي چُڪي آهي ۽ ان جو سربراهه ملڪ لاءِ ڪرڪيٽ ۾ به وڏو نالو ۽ ليجنڊري حيثيت ماڻي چُڪو آهي، ان کي ملڪ جي عزت جو ته وڌيڪ خيال ڪرڻ گهرجي جو هن ڪرڪيٽ جي پليٽ فارم تان  پهريون فاسٽ بالر ۽ پوءِ  ٽيم جي ڪپتان جي حيثيت ۾ ملڪ جو ڪرڪيٽ  جي دنيا ۾ نالو روشن ڪيو آهي پر سياست ۾ ان جي ابتڙ ڪم ٿي رهيو آهي. سياست ۾ پي ٽي آءِ جي سربراهه ۽ اڳواڻي ليجنڊ ڪرڪيٽ کي جيڪا ذميواري ادا ڪرڻ گهرجي سا ادا نه پئي ڪئي وڃي جنهن تي حيرت جو اظهار ڪري سگهجي ٿو.

اسان ته هن سال فيبروري ۾ ٿيل چونڊ کان پوءِ  ئي هڪ ايڊيٽوريل ۾ تجويز ڏني هئي ته ملڪ کي هاڻي نئين سياست جي ضرورت آهي. هڪ اهڙي سياست جي ضرورت آهي جنهن ۾ سياسي جماعتون هڪ ٻئي جو مينڊيٽ قبول ڪندي، پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ۽ ڪن ڪوشش ڪن ته روايتي انتقامي ڪارروائين کان پاسو ڪن. جيڪو نوي جي ڏهاڪي ۾ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) هڪ ٻئي سان ڪيو سو هاڻي پي ٽي آءِ سان نه ٿيڻ گهرجي. پر افسوس ته پارلياماني جماعتون نئين سياست جي حوالي سان درست رخ ۾ اڳڀرائي نه ڪري سگهيون آهن ۽ هاڻي نوي جي ڏهاڪي واري سياست پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ (ن) جي وچ ۾ هلي رهي آهي. جڏهن ته مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ، پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي آڇ به ڪنديون رهيون آهن.

ٻيو مسئلو نائين مئي وارو واقعو به آهي جنهن پي ٽي آءِ کي اسٽيبلشمينٽ جي آڏو به بيهاري ڇڏيو آهي. جڏهن ته مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ سان ته ڳالهائڻ کان ته پي ٽي آءِ صاف انڪاري رهي آهي البته نائين مئي واري واقعي کان پوءِ به پي ٽي آءِ اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين لاءِ نه رڳو راضي آهي پر پس پرده ڪوششون به ڪندي رهي آهي.  جڏهن ته هڪ پارلياماني ۽ جمهوري يا نظرياتي جماعت هئڻ ڪري پي ٽي آءِ کي پارليامينٽ ۽ جمهويت ئي مضبوط ڪرڻ جي سياست ڪرڻ گهرجي پر اها اڃان به اسٽيبلشمينٽ سان ويجهو رهڻ جي سياست ڪري رهي آهي ۽ عوام يا پارليامينٽ  بدران اسٽيبلشمينٽ کي ئي طاقت جو  سرچشمو  سمجهندي رهي آهي ۽ اهڙي جماعت کي پوءِ عوامي يا نظرياتي جماعت سمجهي سگهجي ٿو يا نه اهو ٻيو معاملو آهي.

پي ٽي آءِ جي غيرنظرياتي سوچ جو عالم اهو آهي ته اها عوام جي چونڊيل ٻن جماعتن کي جيڪي سينئر پارلياماني جماعتون آهن تن سان گڏ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ  لاءِ تيار ناهي باقي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪري اقتدار  وٺڻ لاءِ تيار آهي. جڏهن ته ان کي پارلياماني ۽ جمهوري جماعتن سان گڏ ويهڻ جي پاليسي اختيار ڪرڻ گهرجي پر افسوس ته پي ٽي آءِ کي اها ڳالهه نه پاڻ ٿي سمجهه ۾ اچي نه ئي سندس حامي سنجيده حلقن کي نتيجي ملڪ ۽ عوام افراتفري جو شڪار آهي.سو  پي ٽي آءِ جي مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ سان دشمني پنهنجي جاءِ تي پر هاڻي مٿس عالمي ملڪي مفادن کي سبوتاز ڪرڻ جو به الزام لڳي رهيو آهي. ممڪن آهي ته عين وقت تي پي ٽي آءِ شنگهائي ڪانفرنس کي ڏسندي احتجاج ملتوي به ڪري پر سياست ۾ ان بهر حال پنهنجو  اهو تاثر ضرور قائم ڪيو آهي ته اها حڪومت جي دشمني  ۾ ملڪي مفادن جو به خيال نه ٿي ڪري. هاڻي ته پي ٽي آءِ جي ئي هڪ اهم اڳواڻ چيو آهي ته مان ذتي طور تي شنگهائي ڪانفرنس جي موقعي تي  پي ٽي آءِ جي احتجاج جي حق ۾ ناهيان پر حڪومت پي ٽي آءِ کي جنهن ريت ديوار سان لڳايو آهي تنهن کي ڏسندي ٻيو آپشن به ناهي.

سو  ان حوالي سان اسان حڪومت کي به گذارش ڪنداسين ته اها ملڪم جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي مفاد ۾ پي ٽي آءِ خلاف گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي حصي جي انتقامي ڪارروائين کان جيترو  پاسو ڪري سگهي سو ڪرڻ گهرجيس ته جيئن ملڪ ۾ سياسي استحڪام قائم رهي جنهن سان ئي معاشي استحڪام سلهاڙيل آهي. ٻيو ته عالمي مفادن جي حوالي سان سڀني جماعتن کي هڪ صفحي تي اچڻ گهرجي ۽ ان معاملي ۾ سڀني کي غير مشورط ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اسٽيبلشمينٽ کي به گهرجي ته نائين مئي جي واقعي کي نظر انداز  ڪري پي ٽي آءِ کي نئين ۽ مثبت سياست جو هڪ ٻيو  موقعو ڏئي ۽ اهو سڀ انائن کي ڦٽو ڪري ملڪ جي مفاد ۾ ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.