اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيني وزيراعظم جي پاڪستان دوري جي حوالي سان پرڏيهي کاتي جي ترجمان تفصيل جاري ڪري ڇڏيا.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب پاڪستان دوري ۾ چيني وزيراعظم سان گڏ وزير، سينيئر اختياريون، پرڏيهي وزارت، واپاري واري وزارت ۽ قومي ترقياتي سڌارن واري ڪميشن جا نمائندا به هوندا.
ترجمان ٻڌايو ته چيني وفد ۾ چين جي عالمي ترقياتي سهڪار واري ايجنسي جا نمائندا به هوندا، وزيراعظم شهباز شريف ۽ چيني وزيراعظم ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپن جي مختلف پهلوئن تي ڳالهائيندا.
ان کانسواءِ پاڪ چين اڳواڻ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي به ڳالهائيندا، چيني وزيراعظم صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪندو، جڏهن ته هو پارلياماني اڳواڻن ۽ پاڪستان جي اعليٰ عسڪري قيادت سان به ملندو.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب چيني وزيراعظم شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.
You might also like