ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان سياست نه پر صيهوني مفادن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني جا اسرائيلي تخت گاهه تل ابيب سان رابطا ملڪ دشمن قوتن جي ايس سي او ڪانفرنس کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوششن جو حصو آهن، پي ٽي آءِ ۽ اسرائيل جو ڳٺ جوڙ ملڪ جي قومي مفادن تي سمجهوتو آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ جو ٿنڪ ٽينڪ تل ابيب ۾ ويٺو آهي، پي ٽي آءِ کي تل ابيب مان پاليسيون، هدايتون ۽ حمايت ملي رهي آهي، عالمي لابنگ لاءِ تل ابيب ۾ پي ٽي آءِ جا هينڊلز متحرڪ آهن، پي ٽي آءِ قيادت ملڪ دشمن ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ پاڪستان جي سلامتي ۽ خود مختياري تي ملڪ دشمن مفادن کي ترجيح ڏيندي آهي.
You might also like