حقيقي جمهوريت جو ڪمال

نديم اختر

جڏهن جمهوريت رکندڙ ملڪن ۽ انهن جا شهري ڏکئي دور مان گذرن ٿا، تڏهن جمهوريت هميشه انهن جي مدد لاءِ موجود بيٺي هوندي آهي۔ آمريڪا کي به جڏهن پنهنجي تاريخ جي بدترين معاشي بحرانن مان هڪ اهڙو بحران پيش آيو، جنهن تي روايتي سياسي پاليسين سان قابو پائڻ ممڪن نه هو، تڏهن جمهوريت ڊونلڊ ٽرمپ جي صورت ۾ هڪ انتهائي منفرد، قوم پرست ۽ غير روايتي آمريڪي شخص کي صدارت جي منصب تي ويهاريو۔ صدر ٽرمپ ملڪ کي بحران مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تيزيءَ سان اهڙا غير معمولي قدم کنيا، جن آمريڪي سماج جي وڏي حصي کي سڌي طرح متاثر ڪيو۔ ڪيترن ئي کرب ڊالرن جي ناقابلِ برداشت تجارتي ۽ بجيٽ خساري کي گهٽائڻ لاءِ ڪو ٻيو رستو نه رهيو۔ هن دنيا جي هر ملڪ تي اوچتو وڏا درآمدي ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيا، جنهن سبب مارڪيٽن مان سستيون شيون غائب ٿي ويون ۽ مهانگائيءَ جو طوفان اچي ويو۔

آمريڪا ۾ گهٽ اجرت تي ڪم ڪندڙ غير قانوني مهاجرن جو انگ هڪ ڪروڙ پنجاهه لک کان وڌيڪ آهي۔ انهن کي تڪڙو ملڪ بدر ڪرڻ شروع ڪيو ويو، جنهن سان نه صرف معيشت جا ڪيترائي شعبا متاثر ٿيا پر وڏن شهرن ۾ خوف ۽ بيچينيءَ جو ماحول پيدا ٿي ويو۔ آمريڪي نوجوانن کي روزگار جا موقعا ڏيڻ لاءِ غير ملڪي ماهرن لاءِ ويزا حاصل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو بڻايو ويو، جنهن سبب آءِ ٽي، سافٽ ويئر ۽ هاءِ ٽيڪ ڪمپنين کي وڏا مسئلا پيش آيا ۽ انهن ٻين ملڪن ۾ سيڙپڪاري شروع ڪري ڇڏي۔ تعليمي ادارن ۾ به غير ملڪي شاگردن جي آمد تي پابنديون لڳائڻ سان ڪيتريون ئي يونيورسٽيون ۽ ڪاليج مالي بحران ۾ اچي ويا۔

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آمريڪي معيشت کي مڪمل تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ اهي قدم يقيناً ضروري هئا، پر جيڪڏهن اهي عمل تدريجي نموني ڪيا وڃن ها ته نه صرف ڪيترن ملڪن سان لاڳاپا خراب ٿين ها ۽ نه ئي آمريڪي صارفين تي مالي بار ۾ اهڙو وڏو اضافو ٿئي ها۔ نيويارڪ جي ميئر اليڪشن جي نتيجن مان ظاهر ٿئي ٿو ته جمهوريت هڪ ڀيرو ٻيهر مداخلت ڪري سياسي ۽ سماجي توازن کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔ جمهوريت جو ڪمال ئي اهو آهي ته اها ڪنهن به سماج ۾ انتهاپسندي يا عدم توازن کي هڪ حد کان اڳتي وڌڻ نه ٿي ڏئي۔ شايد اهوئي سبب آهي جو جمهوريت رکندڙ ملڪ، اندروني تضادن ۽ مسئلن جي باوجود، گهٽ ئي مڪمل تباهيءَ جو شڪار ٿين ٿا۔ هن پسمنظر ۾ ٻه مثال اهم آهن۔ پهريون، جيڪڏهن ڪنهن جهموري ملڪ ۾ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي ته آزاد پريس جي رپورٽن ۽ مضبوط مخالف ڌر جي احتجاج سبب حڪومت فوراً خبردار ٿي وڃي ٿي، تنهن ڪري اها کوٽ ڪڏهن به ڏڪار جي صورت اختيار نٿي ڪري۔ اهو ئي سبب آهي جو اڄ تائين ڪنهن به جمهوريت رکندڙ ملڪ ۾ ڏڪار نه آيو آهي۔ ٻيو مثال اهو آهي ته ٻن حقيقي جمهوري ملڪن جي وچ ۾ تڪرار ڪڏهن به مڪمل جنگ جي صورت اختيار نٿو ڪري، ڇو ته عوام جنگ نٿو چاهي ۽ حڪومتون جنگ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي مسئلن کان ڊڄن ٿيون۔

آمريڪا هڪ ڏينهن ۾ عظيم جمهوريت نه بڻيو۔ جارج واشنگٽن جي قيادت ۾ برطانوي نوآبادياتي تسلط خلاف آزاديءَ جي جنگ 1775 ۾ شروع ٿي ۽ 1783 تائين جاري رهي۔ 4 جولاءِ 1776 تي ٿامس جيفرسن اعلانِ آزادي پيش ڪيو، جيڪو اڄ به آمريڪا ۾ آزاديءَ جي ڏينهن طور ملهائجي ٿو۔ آمريڪي جمهوريت جي بنياد ان اعلان جي چئن اهم اصولن تي بيٺل آهي: سڀ انسان برابر پيدا ٿيا آهن، هر انسان کي زندگي، آزادي ۽ خوشي حاصل ڪرڻ جو حق آهي، حڪومت جي طاقت عوام جي رضا مان نڪري ٿي ۽ جيڪڏهن حڪومت ظلم ڪري ته عوام کي ان کي بدلائڻ يا ختم ڪرڻ جو حق حاصل آهي۔

آمريڪي جمهوريت ارتقا جي ڪيترن مرحلن مان گذري اڄ هن مقام تي پهتي آهي۔ آزاديءَ کان پوءِ به غلاميءَ جو سلسلو ڊگهي عرصي تائين جاري رهيو۔ جنگِ آزاديءَ جو سالار جارج واشنگٽن ۽ سندس زال وٽ پاڻ وٽ 577 غلام هئا۔ آمريڪا ۾ غلاميءَ جو خاتمو چار سالن جي گهرو ويڙهه ۽ لکين انسانن جي جاني نقصان کان پوءِ 1865ع ۾ ٿيو۔ 1869 ۾ ماڻهن کي ڄمڻ سان شهريت جو حق مليو، هر شهري لاءِ قانون جي برابري قائم ٿي ۽ 1920 ۾ عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو ويو۔

ظهران ممداني جي چونڊ ڪاميابي ثابت ڪري ٿي ته آمريڪا اڄ به هڪ زنده ۽ عظيم جمهوريت آهي۔ دنيا ۾ شايد رڳو آمريڪا ۾ اهڙو مثال ملي، جتي هڪ خاندان صرف 27 سال اڳ يوگنڊا جهڙي غريب افريقي ملڪ مان هڪ ستن ورهين جي ٻار سان هتي لڏي آيو هجي، ٻار جو والد ڀارتي نسل جو گجراتي مسلمان ۽ ماءُ پنجابي هندو هجي، ان ٻار کي 2018 ۾ آمريڪي شهريت ملي ۽ 2025 ۾ اهو ئي ٻار دنيا جي وڏي شهر نيويارڪ جو ميئر چونڊيو وڃي، جنهن جي آبادي ٻه ڪروڙ ۽ جي ڊي پي 1.2 ٽريلين ڊالر (پاڪستان کان چار ڀيرا وڌيڪ) هجي۔اهو جمهوريت جو معجزو آهي، جيڪو انسانن کي ڳنڍي ٿو، ورهائي نٿو۔ ان جو بهترين مثال نيويارڪ آهي، جتي 800 ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن  ظهران ممداني کي پنهنجو ميئر چونڊيو آهي۔ جمهوريت کي فقط موقعو ڏيو ته پنهنجا پير مضبوط ڪري، پوءِ ڏسو اهو انساني تاريخ جا ڪهڙا معجزا ڏيکاري ٿي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.