لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 11 ۾ پشاور زلمي ڪراچي ڪنگز کي آساني سان 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز پشاور زلمي خلاف ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
ڪراچي ڪنگز مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن تي 182 رنسون ٺاهيون، جيسن روءِ 85 رنسن سان نمايان رهيو، جڏهن ته اعظم خان 35 رنسون اسڪور ڪيون.
پشاور زلمي جي نوجوان فاسٽ بالر علي رضا اننگز جي آخري 3 بالن تي هيٽ ٽرڪ مڪمل ڪئي، هن ميچ ۾ 4 وڪيٽون ورتيون، ان کانسواءِ محمد باسط، افتخار احمد، سفيان مقيم ۽ ايرون هارڊي هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
18 ورهين جو علي رضا پي ايس ايل جي تاريخ ۾ هيٽ ٽرڪ ڪندڙ سڀ کان ننڍي عمر وارو بالر بڻجي ويو آهي، جڏهن ته هو پي ايس ايل ۾ هيٽ ٽرڪ ڪندڙ ستون بالر آهي.
ڪراچي طرفان مليل 183 رنسن جو هدف پشاور زلمي ڪوشال مينڊس جي شاندار اننگز جي مدد 19 هين اوور ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.
پشاور زلمي طرفان ڪوشال مينڊس 80 ۽ فرحان يوسف 58 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي.
ڪوشل مينڊس کي هڪ ٻي شاندار اننگز تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
پشاور زلمي ٽورنامينٽ ۾ اٺين فتح سان پوائنٽس ٽيبل تي پهرين پوزيشن تي برقرار آهي.
پشاور زلمي ايونٽ ۾ هينئر تائين ناقابلِ شڪست آهي، زلمي 9 ميچن ۾ 17 پوائنٽس سان پهرئين نمبر تي آهي (هڪ ميچ برسات جي ور چڙهي وئي هئي).
ٻئي پاسي ڪراچي ڪنگز 8 ميچن ۾ 6 پوائنٽس سان ستين نمبر تي آهي.
واضح رهي ته پشاور زلمي پهرين ئي پلي آف لاءِ ڪواليفائي ڪري چڪي آهي.