ايڇ آءِ وي ڪيسن جا انگ اکر جاري، سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ 15 مهينن دوران 2 هزار کان وڌيڪ ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي سڃاڻپ ٿي.
صحت بابت وفاقي وزارت جي ڪامن مينيجمينٽ يونٽ موجب ايڇ آءِ وي سان متاثر ٻارن ۾ 1274 ڇوڪرا ۽ 834 ڇوڪريون شامل آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻار متاثر ٿيا، جتي 1515 ٻارن ۾ ان مرض جي سڃاڻپ ٿي.
ان فهرست ۾ پنجاب ٻئي نمبر تي آهي، جتي 418، خيبر پختونخواهه ۾ 101، بلوچستان ۾ 38، اسلام آباد ۾ 22 ڪيس رپورٽ ٿيا.
ان کانسواءِ آزاد ڪشمير ۾ 3 ۽ گلگت بلتستان ۾ هڪ ٻار ۾ ايڇ آءِ وي جي سڃاڻپ ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.