ڪارو ڪاري جا واقعا، سبب ۽ ان جو حل

ارباب رستماڻي

سنڌ  جي ڌرتي جيڪا صوفين جي پيغام محبت امن ۽ ڀائپي جي سڃاڻپ رهي آهي اڄ به هڪ اهڙي بي رحم رسم جي ور چڙهيل آهي جنهن کي ڪاروڪاري چيو وڃي ٿو، هيءَ رسم نه رڳو قانون جي خلاف آهي پر انسانيت جي بنيادي قدرن جي به کليل توهين آهي

گذريل سال ٽي سئو کان وڌيڪ ماڻهو غيرت جي نالي تي قتل ڪيا ويا اهي رڳو انگ اکر نه آهن پر هر هڪ انگ هڪ انساني زندگي هڪ خاندان ۽ هڪ دنيا جي تباهي جي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو. انهن قتلن جي پٺيان جيڪي درد سسڪيون ۽ خاموش فريادون لڪل آهن انهن کي نه ڪا رپورٽ مڪمل بيان ڪري سگهي ٿي ۽ نه ئي ڪو جرڳو انهن جو ازالو ڪري سگهي ٿو

جيڪڏهن هن سماجي الميي کي گهري نظر سان ڏٺو وڃي ته معلوم ٿئي ٿو ته ان جو وڏو نشانو پورهيت ۽ غريب طبقو آهي. اهي ماڻهو، جيڪي اڳ ئي معاشي استحصال ۽ سماجي ناانصافين جو شڪار آهن، سي وڏيرن جي اوطاقن جي نظام هيٺ وڌيڪ ڪمزور بڻايا وڃن ٿا. سندن نياڻيون جيڪي عزت محبت ۽ تحفظ جون حقدار آهن انهن کي بي رحمي سان قتل ڪيو وڃي ٿو ڄڻ اهي انسان نه پر ڪا بي جان شي هجن

افسوسناڪ حقيقت اها آهي ته جانورن لاءِ به رحم ۽ ذميواري جو تصور موجود آهي پر هتي معصوم نياڻين کي قتل ڪري بنا ڪنهن مذهبي رسمن جي جلدي ۾ دفنايو وڃي ٿو نه کين ڪفن نصيب ٿئي ٿو نه جنازو پڙهيو وڃي ٿو ڄڻ سندن زندگي ۽ موت ٻنهي جي ڪا اهميت ئي نه هجي. هي به هڪ ڪڙِي حقيقت آهي ته ڪاروڪاري جا الزام گهڻو ڪري غريبن تي لڳايا وڃن ٿا ڪڏهن به ڪنهن سردار يا وڏيري جي ڌي کي اهڙي انجام تائين پهچندي نٿو ڏٺو وڃي. طاقتور طبقو پنهنجي لاءِ الڳ اصول رکي ٿو جڏهن ته ڪمزور لاءِ رسمون ۽ قانون ٻيا آهن هي ٻٽو معيار ئي هن ظلم کي زنده رکڻ جو بنيادي سبب آهي

اهڙي ناانصافي جو اثر صرف هڪ گهر تائين محدود نٿو رهي پر سڄي علائقي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏي ٿو. قبيلائي تڪرار جنم وٺن ٿا ڳوٺ جنگ جي ميدان ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا ۽ سوين بيگناهه نوجوان پنهنجي حياتيون وڃائي ويهن ٿا انهن ۾ پڙهيل لکيل ماڻهو ڊاڪٽر استاد شاگرد ۽ شعور رکندڙ ساٿي به شامل هوندا آهن جيڪي امن ۽ سڌاري لاءِ اڳتي اچن ٿا پر افسوس جو اهي به تشدد جو نشانو بڻجي وڃن ٿا

ان کان پوءِ سردار ۽ وڏيرا جرڳا ڪوٺائي پنهنجو اثر رسوخ قائم رکندا آهن ٻنهي ڌرين تي ڪروڙين رپين جا ڏنڊ لاڳو ڪيا وڃن ٿا ۽ خون جي بدلي خون جا فيصلا ڪيا وڃن ٿا اهو نظام انصاف نه پر واپار بڻجي چڪو آهي جتي انساني رت کي رقم سان ماپيو وڃي ٿو باقي رقم قسطن ۾ ادا ڪرڻ جا اعلان ڪيا وڃن ٿا ڄڻ انساني زندگيون ڪو قرض هجن جيڪي آهستي آهستي ادا ڪيا وڃن

سوال اهو آهي ته جن ماڻهن جو اصل جهيڙي سان ڪو به واسطو نه هو انهن جا جوان مارجي ويا انهن جا ٻار يتيم ٿي ويا انهن جون عورتون بيواهه ٿي ويون ڇا انهن جي درد جو ڪو حساب آهي ڇا انهن جي زندگين جي تباهي کي هڪ جرڳي جي فيصلي سان ختم ڪري سگهجي ٿو هي سلسلو هتي ختم نٿو ٿئي۔ تڪرار وري جنم وٺن ٿا انتقام جي باهه ٻيهر ڀڙڪي ٿي ۽ وڏيرن جون اوطاقون وري طاقت سياست ۽ مفادن جا مرڪز بڻجي وڃن ٿيون غريب ماڻهو وري ساڳي چڪر ۾ ڦاسي وڃن ٿا جتي سندن زندگيون عزتون ۽ مستقبل سڀ ڪجهه دائو تي لڳل هوندو آهي

اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن ظالماڻي رسم خلاف رڳو ڳالهيون نه پر عملي قدم کنيا وڃن قانون جي بالادستي کي يقيني بڻايو وڃي، ڏوهارين کي سخت سزا ڏني وڃي ۽ سماج ۾ شعور پيدا ڪيو وڃي ته غيرت جي نالي تي قتل دراصل انسانيت جو قتل آهي. ميڊيا تعليمي ادارا، سماجي ڪارڪن ۽ هر باشعور شهري کي پنهنجي ذميواري نڀائڻِي پوندي ڇو ته جيستائين سماج گڏجي هن ظلم خلاف نه بيهندو تيستائين ڪاروڪاري جهڙيون رسمون معصوم زندگين کي ڳڙڪائينديون رهنديون

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.