فيفا ورلڊ ڪپ: اٺ ڀائرن جون جوڙيون ميدان ۾ لٿل، چار مختلف ملڪن ۾ جون نمائندگي ڪنديون

فيفا ورلڊ ڪپ: اٺ ڀائرن جون جوڙيون ميدان ۾ لٿل، چار مختلف ملڪن جون نمائندگي ڪنديون
فِيِفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ جتي دنيا جون بهترين فٽبال ٽيمون هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هونديون، اتي ڀائرن جون اٺ جوڙيون به ٽورنامينٽ جو حصو بڻجنديون، جن مان چار مختلف ملڪن جي نمائندگي ڪري رهيون آهن.
پرڏيهي خابرو اداري جي هڪ رپورٽ موجب، ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺندڙ ڀائر نه رڳو خانداني رشتن، پر مختلف قومي سڃاڻپ جي ڪري پڻ ڌيان جو مرڪز بڻجي ويا آهن.
سڀ کان دلچسپ ڪهاڻي ڊوئي برادرز جي آهي. گيلا ڊوئي آئيوري ڪوسٽ جي قومي ٽيم لاءِ کيڏي ٿو جڏهن ته سندس ننڍو ڀاءُ ديزير ڊوئي فرانس جي نمائندگي ڪري رهيو آهي.
اهڙي طرح ايٿليٽڪ بلبائو سان تعلق رکندڙ ايناکي وليمز ۽ نيڪو وليمز به مختلف ملڪن لاءِ کيڏن ٿا، ايناکي گھانا جي نمائندگي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جڏهن ته نيڪو اسپينش قومي ٽيم جو حصو آهي ۽ يورو 2024 فاتح ٽيم ۾ شامل رهيو آهي.
گھانا جو مدافع ڊيرڪ لڪاسن ۽ نيڌرلينڊز جو فارورڊ برائن بروبي به ڀائر آهن پر مختلف قومي ٽيمن جي نمائندگي ڪن ٿا.
ان کانسواءِ جان سائوٽر اسڪاٽ لينڊ جڏهن ته ان جو ڀاءُ هيري سائوٽر آسٽريليا جي قومي ٽيم جو اهم رانديگر آهي.

هڪ ئي ملڪ لاءِ کيڏندڙ ڀائر
فرانس جي ٽيم ۾ لوڪاس هرنانڊيز ۽ ٿيو هرنانڊيز ٻئي شامل آهن.
لوڪاس 2018 ۾ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ فرانسيسي ٽيم جو حصو هو جڏهن ته ٿيو موجوده اسڪواڊ جي اهم دفاعي رانديگرن ۾ شمار ٿئي ٿو.
نيڌرلينڊز جي ٽيم ۾ ڪوئٽن ٽمبر ۽ يورين ٽمبر هڪ گڏ کيڏي رهيا آهن.
ڪيپ ورڊي جي قومي ٽيم لاءِ لاروس دوارٽي ۽ ديروي دوارٽي ميدان ۾ لهندا.
ڪيوراسائو جي ٽيم ۾ ليانڊرو باڪونا ۽ جونينو باڪونا به شامل آهن، جن ۾ ليانڊرو ٽيم جو ڪپتان سمجهيو وڃي ٿو.

ڇا ورلڊ ڪپ ۾ ڀائر آمهون سامهون اچي سگهن ٿا؟
رپورٽ موجب، مختلف ملڪن جي نمائندگي ڪندڙ سڀئي ڀائر الڳ الڳ گروپن ۾ شامل آهن، ان ڪري گروپ مرحلي ۾ انهن جو هڪ ٻئي خلاف کيڏڻ ممڪن ناهي.
آئيوري ڪوسٽ گروپ اي جڏهن ته فرانس گروپ آءِ ۾ شامل آهي، ان ڪري گيلا ۽ ديزير ڊوئي جو امڪاني مقابلو رڳو ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ ٿي سگهي ٿو.
اهڙي طرح اسپين گروپ ايڇ ۽ گھانا گروپ ايل ۾ موجود آهي، جنهن جي ڪري ايناڪي ۽ نيڪو وليمز به شروعاتي مرحلي ۾ هڪ ٻئي جي آمهون سامهون نه ايندا.
ڊيرڪ لڪاسن ۽ برائن بروبي جون ٽيمون به الڳ گروپن ۾ آهن جڏهن ته جان ۽ هيري سائوٽر جي وچ ۾ امڪاني مقابلو به رڳو ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ ئي ممڪن هوندو.

ورلڊ ڪپ جون انوکيون خانداني ڪهاڻيون
فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ هن وقت ڀائرن جي اٺن جوڙين جي شرڪت يقيني آهي، جن مان چار هڪ ئي ملڪ ۽ چار مختلف ملڪن جي نمائندگي ڪنديون.
هاڻ ٽورنامينٽ جي نتيجن ۽ ناڪ آئوٽ مرحلي جون جوڙيون ئي فيصلو ڪنديون ته ڇا انهن ڀائرن مان ڪو هڪ ٻئي جي خلاف کيڏندي فٽبال جي تاريخ ۾ ڪو يادگار باب رقم ڪري سگهي ٿو يا نه.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.