واشنگٽن(پ ر)سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي ايڊووڪيسي اينڊ رائيٽس ڪميٽي پاران "اٺاويهين آئيني ترميم ۽ ان جا سنڌ توڙي ٻين وفاقي وحدتن تي اثر” جي موضوع تي هڪ اهم آن لائين سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ دانشورن، قانوندانن، صحافين، انساني حقن جي ڪارڪنن، سياسي اڳواڻن ۽ سماجي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.سيمينار جي شروعات ڪندي سانا ايڊووڪيسي اينڊ رائيٽس ڪميٽي جي چيئرمين ذوالفقار خواجه مهمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته اٺاويهين آئيني ترميم بابت هلندڙ بحث وفاقي وحدتن، خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان جي سياسي، آئيني ۽ معاشي حقن سان لاڳاپيل اهم سوال اٿاري رهيو آهي، جن تي سنجيده مڪالمو وقت جي ضرورت آهي.سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌين، بلوچن ۽ ٻين مظلوم قومن سان ٿيندڙ ناانصافين جي تاريخ اڃا ختم نه ٿي آهي. هن چيو ته ڪڏهن ون يونٽ، ڪڏهن بلدياتي نظامن ۽ ڪڏهن جمهوري تحريڪن خلاف ڪاررواين ذريعي ننڍين قومن جي سياسي حقن کي محدود ڪيو ويو آهي. هن ايم آر ڊي تحريڪ ۽ بلوچ قومي جدوجهدن جو حوالو ڏيندي چيو ته انهن تحريڪن کي مختلف وقتن تي بغاوت جو نالو ڏئي چٿڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هن چيو ته موجوده عالمي حالتن، خاص طور ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ کي بين الاقوامي سطح تي سهڪار ملي ٿو ته اها پنهنجي مفادن موجب نوان سياسي ۽ انتظامي فارمولا لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي، ۽ اٺاويهين ترميم جو شوشو به انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي نظر اچي ٿو.بلوچستان نيشنل پارٽي جي صدر سردار اختر جان مينگل پنهنجي تفصيلي خطاب ۾ چيو ته مسئلو صرف ارڙهين يا اٺاويهين ترميم جو نه، پر پاڪستان جي آئيني ۽ سياسي تاريخ جو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي قيام کان پوءِ نَوَ سالن تائين ملڪ بغير آئين جي هليو. 1956ع جو آئين آندو ويو پر جلد ختم ڪيو ويو. پوءِ 1962ع جو آئين آيو ۽ اهو به ختم ڪيو ويو. اسٽيبلشمينٽ مختلف وقتن تي آئين کي پنهنجي ضرورتن موجب استعمال ڪندي رهي آهي.هن چيو ته 1971ع ۾ ملڪ جو اڪثريتي صوبو بنگال الڳ ٿي ويو، جڏهن ته 1973ع ۾ آئين لاڳو ٿيڻ باوجود بلوچستان جي چونڊيل حڪومت ختم ڪئي وئي ۽ بلوچ قيادت کي جيلن ۾ وڌو ويو. هن جنرل ضياءَ الحق جي دور ۾ آندل ترميمن جو ذڪر ڪندي چيو ته مختلف حڪومتن ۽ سياسي پارٽين به پنهنجي سياسي مفادن خاطر آئيني تبديلين ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي.سردار مينگل چيو ته اٺاويهين ترميم بابت ڳالهيون ته هلي رهيون آهن پر ان جو اصل مسودو اڃا تائين عوام آڏو نه آندو ويو آهي. اخبارن ۽ سياسي حلقن ۾ نون صوبن جي قيام بابت بحث هلي رهيو آهي، پر سوال اهو آهي ته جيڪي قوتون موجوده چئن صوبن جا مسئلا حل نه ڪري سگهيون آهن، اهي وڌيڪ صوبا ڪيئن هلائينديون؟ هن چيو ته اصل مسئلو اين ايف سي ايوارڊ ۽ وسيلن جي ورڇ جو آهي. سندس چوڻ هو ته ڪجهه قوتون پيپلز پارٽي جي سياسي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وسيلن بابت سوديبازي ڪري سگهن ٿيون. هن الزام لڳايو ته پيپلز پارٽي کي سنڌ جي عوام کان وڌيڪ سنڌ جي وسيلن ۾ دلچسپي آهي ۽ اقتدار جي سياست خاطر اها دٻاءُ هيٺ اچي اهڙين ترميمن جي حمايت به ڪري سگهي ٿي.نامور قانوندان بئريسٽر شهاب اوستو پنهنجي آئيني ۽ قانوني تجزيي ۾ چيو ته پاڪستان ۾ خاص طور ننڍا صوبا، سنڌ ۽ بلوچستان، مسلسل آئيني ۽ سياسي بحرانن جو شڪار رهيا آهن. هن چيو ته ارڙهين ترميم تحت 18 وفاقي کاتا، لڳ ڀڳ اڍائي سئو آفيسون ۽ سماجي شعبي سان لاڳاپيل ڪيترائي اختيار صوبن ڏانهن منتقل ڪيا ويا. ان سان گڏ پارليامينٽ کي وڌيڪ بااختيار بڻايو ويو، عدليه کي مضبوط ڪيو ويو ۽ قدرتي وسيلن، زمينن ۽ سامونڊي وسيلن تي صوبن جي مالڪي کي آئيني تحفظ ڏنو ويو.بئريسٽر اوستو چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي حدن اندر جيڪڏهن تيل يا ٻيا قدرتي وسيلا دريافت ٿين ٿا ته اهي صوبن جي ملڪيت سمجهيا ويندا. هن چيو ته وفاق هن وقت مالي خسارن ۽ سبسڊيز جي وڏي بار هيٺ آهي، جنهن سبب ڪجهه حلقا اٺاويهين ترميم ذريعي صوبائي اختيارن ۽ وسيلن تي ٻيهر ڪنٽرول حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. سانا جي جنرل سيڪريٽري اسد علي شيخ چيو ته سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ مختلف سياسي پارٽيون سنڌ جي بنيادي مسئلن جو حل آڻڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. هن چيو ته سانا اهڙن علمي ۽ عوامي پروگرامن ذريعي شعور، سجاڳي ۽ مثبت تبديلي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. ا. ان موقعي تي سردار اختر جان مينگل سنڌ جي رهواسي سعيد ميمڻ جي اغوا جي سخت مذمت ڪندي چيو ته سنڌي ۽ بلوچ سياسي اڳواڻن کي گڏجي سندس بازيابي لاءِ ڪوششون ڪري رھيا آھن . هن چيو ته بلوچستان جي قيادت ان معاملي تي سنڌ جي قومپرست اڳواڻن سان رابطي ۾ رهندي ۽ گڏيل جدوجهد ذريعي سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ آواز بلند ڪندي.