تهران (ويب ڊيسڪ)ايراني هٿياربند فوجن جي خاتم الانبياءِ مرڪزي هيڊڪوارٽر چيو آهي ته ڏکڻ لبنان ۽ بيروت جي علائقي ضاحيه ۾ اسرائيلي ڪارروائين جي جواب ۾ ايراني فوجن سخت ۽ دردناڪ ردعمل ڏنو آهي ۽ هاڻي اهو آپريشن روڪيو ويو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته صهيوني حڪومت طرفان ڏکڻ لبنان ۽ ضاحيه ۾ ڪيل جارحيت ۽ ظلمن جي جواب ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي هٿياربند فوجن لبناني مظلوم عوام جي حمايت ۾ اسرائيل کي سخت ۽ دردناڪ جواب ڏنو.
بيان ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته هي اهڙو ردعمل هو جنهن مان صهيوني حڪومت ۽ ان جي حامين کي سبق سکڻ گهرجي.
خاتم الانبياءِ مرڪزي هيڊڪوارٽر اعلان ڪيو ته هٿياربند فوجن طرفان ڪارروائيون روڪيون ويون آهن، پر خبردار ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن جارحيت ۽ ظلمن جو سلسلو جاري رهيو ته ان کان وڌيڪ سخت ۽ تباهه ڪندڙ قدم کنيا ويندا.