گهوٽڪي ضلعي جي تعلقي اوٻاوڙي جي ڪچي واري علائقي رائونتي ۾ شر ۽ سيلرا برادري جو پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، جنهن ۾ ابتدائي رپورٽن مطابق ڇهه ڄڻا مارجي ويا ۽ اٺ ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، ٻڌايو پيو وڃي ته مارجي ويل ماڻهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار به شامل آهي، جڏهن ته اهي به خبرون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن ته سيلرن جي ڳوٺ تي ڪاهه ڪندڙ 20 کان وڌيڪ حملي آورن مان به ڪجهه ڄڻا جوابي فائرنگ ۾ مارجي ويا آهن.
رپورٽن موجب شر برادري جا هٿياربند جديد هٿيارن سان سيلرن جي ڳوٺ تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جيڪا ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهي. اهو حملو پراڻي دشمنيءَ جو نتيجو آهي، جيڪو قبيلائي انتقام ۽ انتظامي بيحسيءَ جي گڏيل پيداوار آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪجهه مهينا اڳ شر برادري جي سردار شهريار خان شر تي حملو ڪيو هو، جنهن ۾ عمر شر سميت ٻئه ڄڻا مارجي ويا هئا، جڏهن ته سردار شهريار خان شر معجزاڻي طور محفوظ رهيو، ان حملي جو الزام سيلرا برادري جي ماڻهن تي لڳايو ويو هو ۽ ڪالهه ٿيل حملو اُن واقعي جي پلاند ۾ ڪيو ويو. ياد رهي ته اڳوڻي وزير ۽ سينٽر ڄام مهتاب ڏهر تي ٿيل قاتلاڻي حملي جون ڪڙيون به ان مسئلي يعني شر سيلرا تڪرار سان ملن ٿيون، جنهن ۾ هڪ ڏهر برادري جو بي گناهه نوجوان شهيد ٿي ويو هو، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته شر سيلرا تڪرار ٻين برادري تائين به پکڙجي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته رائونتي جي مقتل گاهه ۾ نه رڳو عام ۽ مقامي ماڻهن کي بي رحمي سان قتل ڪيو وڃي ٿو، پر هن وقت تائين قبيلائي دهشتگردن هٿان ڪيترائي پوليس اهلڪار ۽ آفيسر به شهيد ٿي چڪا آهن، جيڪي مختلف برادرين سان تعلق رکن ٿا.
ڪجهه وقت پهريان حڪومتي عملدارن ڌاڙيلن کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ کين گرفتاريون پيش ڪرڻ تي قائل ڪيو هو، جنهن کان پوءِ شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ جي علائقن ۾ ڏوهارين جي وارداتن ۾ واضح ٺاپر نظر اچڻ لڳي آهي. اهڙي طرح ٻيو نه ته شر ۽ سيلرن سميت ٻين جهيڙيندڙ ڌرين کي پاڻ ۾ ٺاهه ڪرائڻ جي حڪومت کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي ڪچي ۾ قبيلائي هٿياربند حڪومت کان وڌيڪ طاقتور ڇو نظر اچن ٿا؟ حقيقت اها آهي ته سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ رياست جو قانون نه، پر طاقتور سردارن، قبيلائي اڳواڻن ۽ هٿياربندن جو قانون هلندو آهي.جيڪي پوليس ۽ انتظاميا لاءِ نه رڳو چئلينج بڻيل آهن پر ڪيترين حالتن ۾ سندن پٺڀرائي به سياسي اثر رسوخ تحت ڪئي ويندي آهي. هر ڀيري جڏهن ڪو جهيڙو ٿيندو آهي ته وزير ۽ مشير رڳو مذمتي بيان ڏيندا آهن، اجلاس ڪوٺائيندا آهن ۽ ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪچي ۾ آپريشن جو اعلان ڪندا آهن، پر پوءِ وري ساڳيو خاموشيءَ جو راڄ قائم ٿي ويندو آهي. نتيجو اهو نڪرندو آهي ته جهيڙا ختم ٿيڻ بدران وڌيڪ خطرناڪ صورت اختيار ڪندا آهن.
جڏهن حڪومت ماڻهن کي تعليم، روزگار ۽ انصاف کان محروم رکي ٿي، تڏهن هو پنهنجي سڃاڻپ ۽ تحفظ قبيلائي طاقت ۾ ڳولين ٿا. ان سڄي نظام ۾ پوليس جا آفيسر به سياستدانن جي حڪمن جا پابند بڻيل هوندا آهن، نتيجي ۾ نه ڪيسن ۾ شفاف جاچ ٿئي ٿي، نه ئي متاثر ماڻهن کي تحفظ ملي ٿو.
سنڌ جي ڪچيءَ جو وڏو حصو حڪومتي گرفت کان ٻاهر نڪري چڪو آهي. جتي هر سردار پنهنجي علائقي ۾ قانون بڻيل آهي ۽ هر فيصلو بندوق جي زور تي ٿيندو آهي. اهڙين حالتن ۾ نه ڪو بچاءُ جو نظام ڪم ڪري ٿو، نه انصاف جو. ماڻهن جي زندگيون واري جي ذرن وانگر هوا ۾ اڏامي وڃن ٿيون ۽ رياست جا نمائندا رڳو ڪئميرائن آڏو بيهي افسوس جو اظهار ڪندا آهن. هي وقت آهي ته سنڌ حڪومت پنهنجي پاليسين تي سنجيدگيءَ سان نظرثاني ڪري. جيڪڏهن واقعي به حڪومت چاهي ٿي ته ڪچي مان هٿياربند راڄ ختم ٿئي، ته پوءِ اهو ڪم رڳو آپريشن سان نه، پر سماجي ۽ معاشي سڌارن سان ئي ممڪن آهي. ڪچي وارن علائقن ۾ اسڪول، اسپتالون ۽ روزگار جا مرڪز قائم ڪرڻا پوندا. ماڻهن کي قبيلائي تحفظ بدران رياستي تحفظ تي يقين ڏيارڻو پوندو. ان لاءِ ضروري آهي ته پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سياسي اثر کان آزاد ڪيو وڃي. جيڪڏهن حڪمران سنجيده آهن، ته پوءِ هو ان نظام کي ٽوڙي سگهن ٿا جنهن ۾ انسانيت کي قبيلائي نفرت تي قربان ڪيو وڃي ٿو. پر جيڪڏهن موجوده روش برقرار رهي، ته پوءِ هر ڪجهه مهينن بعد اهڙا جهيڙا وري ڀڙڪندا رهندا، بيگناهه عورتون ۽ ٻار رت ۾ رڱبا رهندا. رائونتي ۾ ڪالهه پيش آيل افسوسناڪ واقعو رڳو اوٻاوڙي تعلقي جي وارتا ناهي، پر سڄي سنڌ جي مجموعي تباھيءَ جو اڇو چٺو پيش ڪري ٿو . ان لاءِ امن ۽ انساني وقار لاءِ حڪومت کي هاڻي فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو ماڻهن کي قانون جو سهارو ڏئي ٿي يا هٿياربندن جي راڄ هيٺ ننڌڪڻو ڇڏي ٿي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪمران پنهنجن سياسي مفادن بدران سنڌ جي امن ۽ عوامي تحفظ کي اوليت ڏين. جيستائين حڪومت پنهنجي ماڻهن کي مڪمل تحفط مهيا نٿي ڪري، تيستائين ڪچيءَ سميت سنڌ ۾ پائدار امن جو قيام ممڪن نه ٿيندو. سنڌ کي هاڻي اهڙي حڪومت گهرجي جيڪا نه رڳو ڌاڙيلن ۽ قبيلائي دهشتگردن جو خاتمو آڻي، پر ان سان گڏوگڏ عوامي کي زندگي جون بنيادي سهولتون جهڙوڪ تعليم، صحت، روزگار وغير ه جي فراهمي کي پڻ يقيني بڻائي ته جيئن ساڻن گذريل مني صدي کان ٿيندڙ ناجائزين ۽ نا انصافين جي حقيقي ازالو ٿي سگهي.