سڄي دنيا ۾ جن خطن، علائقن ۽ ملڪن ۾ سمنڊ آهن، انهن ملڪن ۾ دنيا سان وڻج واپار سبب ملڪ جي معيشت کي هٿي ملي ٿي، 5 نومبر سونامي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، ماضي ۾ سونامي جي تباهه ڪارين ڪيترن ئي ملڪن جي سامونڊي وارن شهرن کي تباهي جي ڪنڌي تي پهچايو، سنڌ جي سامونڊي پٽي جيڪا ڪراچي جي هاڪس بي واري علائقي کان شروع ٿئي ٿي ۽ بدين جي زيرو پوائنٽ تي دنگ ڪري ٿي، ماضي ۾ سنڌ جي سامونڊي پٽي تي آيل طوفانن سبب بدين ۽ ٺٽي ۾ جاني ۽ مالي نقصان پهچايو، جنهن جو وڏو ڪارڻ سمنڊ ڪناري ۽ ننڍن وڏن جزيرن ۾ تمر جي وڻن جو نه هجڻ هو.
5 نومبر 2025 تي سونامي جي عالمي ڏينهن تي ڪراچي جي سامونڊي پٽي سان لاڳاپيل ماهيگير سماجي سنگت، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن ابراهيم حيدري ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ پاران ملير جي سامونڊي پٽي ابراهيم حيدري ۾ تمر جي 10 هزار وڻن جو رونبو ڪيو ويو، هن ڏهاڙي جي مناسبت سان ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جي چيئرمين نظير احمد ڀٽو، ماهيگير سماجي سنگت جي سرواڻ يونس خاصخيلي، سيما قريشي انچارج ماس ڪميونيڪيشن ڪراچي يونيورسٽي شاگرد ٽيم سان وڻن جي سمنڊ ڪناري پيوند ڪاري ڪئي، جنهن جو مقصد آهي سمنڊ ڪناري رهندڙ ماڻهن کي سمنڊ مان اٿندڙ خطرناڪ سونامي کان بچڻ لاءِ فقط هڪ رستو آهي، تنهن کي تمر جي وڻن جو هجڻ انتهائي ضروري آهي، جن ملڪن ۽ اهي خطا جتي تمر جا ٻيلا موجود آهن جيڪي سونامي جي سامونڊي طوفان کي روڪڻ جو وڏو ڪارڻ بڻجن ٿا.
ڪراچي جي سامونڊي پٽي جيڪا ڪراچي اولهه کان ملير خاص طور تي پورٽ قاسم وارن علائقن ۾ تمر جا ٻيلا موجود آهن، تن ٻيلن جي غيرقانوني ڪٽائي جو سلسلو هلندڙ آهي، اهڙي غيرقانوني تمر جي ٻيلن جي ڪٽائي تي وقت بوقت ميڊيا ذريعي نشاندهي ٿيندي رهي پر انتظاميا توڙي پورٽ اينڊ شپنگ وفاقي وزارت پاران ڪو به تحرڪ نه ورتو ويو ۽ هزارين تمر جا وڻ ڪٽيا ويا، جنهن سبب سامونڊي ويرون چڙهڻ سبب سمنڊ ڪناري ماهيگيرن جون وسنديون پاڻي هيٺ اينديون رهن ٿيون، تمر جي ٻيلن جا هجڻ ۽ ان جي فائدن بابت پنهنجي پڙهندڙن کي ڄاڻ ڏيندو هلان ته ماهرن موجب تمر جا وڻ سمنڊ جي لهرن کان ڪنارن کي ڪٽجڻ کان بچائين ٿا، مٽي کي مضبوط ڪن ٿا ۽ آڪسيجن جي فراهمي سان گڏوگڏ ماحول کي صاف ۽ خوشگوار بڻائين ٿا۔ ان سان گڏوگڏ تمر جي وڻن جا اقتصادي فائدا به آهن، ڇاڪاڻ ته انهن مان ميوو، ڇپر ۽ ٻيون شيون تيار ڪري مقامي ماڻهن لاءِ آمدني جا ذريعا پيدا ٿين ٿا۔ سماجي اڳواڻ يونس خاصخيلي جو چوڻ آهي ته سمنڊ ڪناري تي وڻن جي پوک سان نه رڳو قدرتي خوبصورتي وڌندي پر سامونڊي طوفانن ۽ هوائن کان بچاءُ ۾ پڻ مدد ملندي۔ ڪراچي يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن شعبي جي سربراهه سيما قريشي چيو ته هر شهري کي گهرجي ته هو پنهنجي ماحول دوست وڻ تمر جي پوک ۾ هٿ ونڊائي ته جيئن سامونڊي ۽ قدرتي آفتن کان پنهنجي شهرن ۽ آبادين کي بچائن، هن چيو ته تمر جا وڻ جا فائدا تمام گهڻا آهن، جن لاءِ اسين سجاڳي بابت عوام کي آگاهي ڏئي رهيا آهيون.