اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) غير فعال سمز سان جڙيل واٽس ايپ اڪائونٽس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، غير فعال، رد يا غير استعمال سمز سان ڳنڍيل واٽس ايپ اڪائونٽس بلاڪ ڪيا ويندا، جڏهن ته غير فعال موبائل نمبرن سان ڳنڍيل واٽس ايپ اڪائونٽس غيرقانوني سرگرمين لاءِ استعمال ٿيندا رهيا آهن.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته غير فعال سمز سان ڳنڍيل ڪجهه واٽس ايپ اڪائونٽس فراڊ ۽ ٻين غيرقانوني سرگرمين لاءِ استعمال ٿيندا آهن. واٽس ايپ تي موبائل نمبر وقت سر تبديل ڪرڻ سان واهپيدار پنهنجن اڪائونٽس تي ڪنٽرول برقرار رکي سگهندا.
بيان موجب، غير فعال سمز سان جڙيل واٽس ايپ اڪائونٽس بلاڪ ڪرڻ جي ڪارروائي ڪنهن به وقت شروع ٿي سگهي ٿي، واهپيدارن کي گهرجي ته پنهنجا واٽس ايپ اڪائونٽس موجوده ۽ فعال موبائل نمبرن سان ڳنڍين.
موبائل نمبر تبديل ڪندڙ واهپيدارن کي واٽس ايپ ۾ نمبر تبديل ڪرڻ وارو آپشن فوري طور استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
You might also like