”سُشانت قتل ٿيو، دِشا سالين سان اجتماعي لڄالٽ ٿي“، پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار سشانت سنگهه راجپوت جي موت وارو معاملو هڪ ڀيرو ٻيهر بحث هيٺ اچي ويو آهي، سندس پوسٽ مارٽم ۾ شامل رهندڙ روپ ڪمار شاهه اداڪار جي موت بابت ڪيئي سنگين دعوائون ڪيون آهن.
پوسٽ مارٽم ٽيم جي ميمبر انڪشاف ڪيو آهي ته سشانت کي ڦاهي ڏيڻ کان اڳ مبينا طور 2 کان 3 ڀيرا ڳلو دٻايو ويو هو.
روپ ڪمار شاهه موجب، سشانت جي ڳچيءَ تي گهُٽي جا واضح نشان موجود نه هئا، پر سندس اکين تي موجود زخمن سبب هو ان معاملي کي رڳو آپگهات قرار ڏيڻ تي مطمئن نه هو.
هن دعويٰ ڪئي ته اداڪار جي ڳچيءَ جي کاٻي پاسي ڪنهن اوزار سان 3 کان 4 ڀيرا زخم ڪيا ويا هئا، جن جي گهرائي اٽڪل 2 کان 3 ملي ميٽر هئي.
پوسٽ مارٽم ٽيم جي ميمبر اهو به الزام لڳايو ته سشانت جو پوسٽ مارٽم رات ئي ۾ مڪمل ڪرڻ لاءِ مٿس دٻاءُ وڌو ويو.
سندس چوڻ هو ته اڳوڻي ممبئي پوليس آفيسر سچن وازي کيس ٻئي ڏينهن ڪارروائي ڪرڻ بدران ساڳئي رات پوسٽ مارٽم مڪمل ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
روپ ڪمار شاهه دعويٰ ڪئي ته ان کانپوءِ کيس لڳ ڀڳ 15 ڏينهن تائين حراست ۾ رکيو ويو ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
سندس چوڻ هو ته کيس ٽائر جي اندر وجهي به ماريو ويندو هو، جڏهن ته ماسڪ پاتل ڪيترائي ماڻهو وٽس ايندا ۽ کيس ڌمڪيون ڏيندا هئا.
هن سشانت سنگهه راجپوت جي اڳوڻي مئنيجر دِشا سالين جي موت بابت به سنگين دعوائون ڪيون.
روپ ڪمار شاهه موجب، دِشا جي پوسٽ مارٽم ۾ شامل سندس هڪ ساٿي کيس ٻڌايو هو ته جسم تي ڪيترائي زخم ۽ نشان موجود هئا، جڏهن ته چپن، ڪنن ۽ ڇاتي تي به ڪٽ جا آثار هئا.
روپ ڪمار شاهه وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته دِشا سالين کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو ۽ مبينا واقعي ۾ 5 کان 6 ماڻهو ملوث هئا. تنهن هوندي به انهن دعوائن جي آزاداڻي طور تصديق نه ٿي سگهي آهي ۽ انهن کي ثابت ٿيل حقيقتن طور نٿو ڏسي سگهجي.
ياد رهي ته سشانت سنگهه راجپوت 14 جون 2020ع تي ممبئي جي باندرا واري علائقي ۾ پنهنجي فليٽ ۾ مئل حالت ۾ هٿ آيو هو، ان وقت سندس عمر 34 سال هئي.
ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ، 8 جون 2020ع تي سندس اڳوڻي مئنيجر دِشا سالين ممبئي جي مالاڙ واري علائقي ۾ هڪ عمارت جي 14هين ماڙ تان ڪِرڻ سبب فوت ٿي هئي.
دِشا سالين جي والد ستِيش سالين اڳ ئي ٻنهي موتن وچ ۾ تعلق جو شڪ ظاهر ڪري چڪو آهي.
سندس چوڻ آهي ته کيس يقين آهي ته سشانت ۽ دِشا جي موتن وچ ۾ ڪنهن نه ڪنهن نوعيت جو ڳانڍاپو ضرور آهي.
دِشا جي والد سشانت سنگهه راجپوت جي موت بابت سي بي آءِ جي مبينا ڪلوزر رپورٽ تي به سوال اٿاريا آهن ۽ معاملي جي ٻيهر جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.
اهڙي ريت سشانت ۽ دِشا جي موتن بابت مختلف دعوائون ۽ سوال هڪ ڀيرو ٻيهر سامهون آيا آهن.

You might also like