ورسي جي مناسبت سان اسين، قاضي فيض محمد، جا مقروض آهيون

محمد علي جناح جهڙي وڏي شخصيت، جھرڪن جهڙي  ننڍي شهر ۾  ڪيئن ٿي پيدا ٿي سگهي؟ اها آهي حڪمرانن جي تاريخ سان هٿ چراند  حڪمرانن جي نظر ۾ وڏو ماڻهو صرف وڏي شهر ۾ ئي پيدا ٿيڻ گھرجي  . هالاڻي جهڙي ننڍڙي شهر جو رهواسي، نوابشاه شهر ۾ وڪالت ڪندڙ قاضي فيض محمد به ڀلا وڏو ماڻهو ڪيئن ٿو قبول ڪري سگهجي. علامه آءِ آءِ قاضي کي ويجهو رهندڙ، صوفي منش، انسان دوست، غريبن جو هڏ ڏوکي، حساس طبيعت جو مالڪ، شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو عقيدتمند ۽ راڳ جو شوقين قاضي فيض محمد ، سنڌ هاري ڪميٽي جي اڳواڻن ۾ به شامل رهيو ته نيشنل عوامي پارٽي سان هم آواز به رهيو ته شيخ مجيب الرحمٰن جي عوامي ليگ جو سينئر نائب صدر به رهيو.

. 1965 جي پاڪ  ڀارت جنگ کان پوءِ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو،  ايوب خان جي ڪابينا مان استعيفا ڏيئي نوابشاهه جي دوري تي آيو ته قاضي فيض محمد اهو پهريون شخص هو جنهن عوامي ليگ  ۾ ھجڻ جي باوجود سندس آجيان ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن نوابشاهه بار ڪائونسل کي خطاب ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ته سائين قاضي فيض محمد ۽ سيد رشيد احمد

سندس آڌر ڀاءَ ڪيو.  قاضي فيض محمد يا سائين رشيد احمد، ان وقت بار جا صدر هئا.

سيد رشيد احمد ان وقت نعپ سان سلهاڙيل هو.  اسان ان وقت گورنمينٽ ڪاليج نوابشاه ۾ پڙهندا هئاسين. خبر پوڻ تي اسان به وڃي ڪورٽ پهتاسين. . ذوالفقار علي ڀٽي، شاگردن ۽ وڪيلن کي ڪار جي ڇت تي چڙهڻ جي لاءِ منهنجي ڪلهي جو سهارو ورتو ۽ جڏهن تقرير شروع ڪيائين ته  توازن برقرار رکڻ جي ڪوشش ۾ ڏڪي رهيو هو.  شاندار شخصيت کي تمام ويجھي کان ڏسڻ، ان وقت ڪنهن خواب کان گهٽ نه هو . ذوالفقار علي ڀٽو،  سائين قاضي فيض محمد جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو. سندس خواهش هئي ته قاضي صاحب سندس پارٽي ۾ شامل ٿين پر جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي پيپلزپارٽي جو بنياد وڌو ته قاضي صاحب ان ۾ شموليت اختيار ڪرڻ کان معذرت ڪندي  عوامي ليگ ۾ رھڻ کي ترجيح ڏني ، پر ايوبي آمريت جي خلاف گڏجي جدوجهد ڪرڻ جو کيس يقين ڏياريو. . نوابشاه مان قاضي محمد بخش ڌامراه، احمد نواز اعواڻ، عبدالفتاح ميمڻ، شاهنواز قريشي، پهريان شخص هئا جن پيپلزپارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي. شيخ مجيب الرحمن، ڪجهھ ساٿين سميت اگر تله سازش ڪيس ۾ قيد هو.

ان وقت مختلف جماعتن تي ٻڌل حڪومت مخالف  ڊيڪ جي نالي سان اتحاد جوڙيو ويو هو پر ان سان گڏوگڏ نيشنل عوامي پارٽي، عوامي ليگ، پيپلزپارٽي ۽ جميعت العلماءَ اسلام  جي قيادت جي طرفان گڏجي جدوجهد هلائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو.  . ايوبي آمريت جي خاتمي کان پوءِ،  جڏهن يحيٰ خان جي طرفان 1970 ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو ته ان وقت اوڀر پاڪستان ۾ مجيب الرحمن جا ڇھه نڪتا، اتان جي عوام جو آواز بڻجي سامهون آيا ، جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ پيپلزپارٽي، خيبرپختونخواهه ۾ نعپ ۽ جميعت العلماءِ اسلام ۽ بلوچستان ۾ نعپ اڪثريت حاصل ڪئي.

. عوامي ليگ جي طرفان سنڌ، خيبرپختونخواهه مان به ڪجھه اميدوارن به چونڊن ۾ حصو ورتو پر ڪير به ڪامياب نه ٿي سگهيو. قاضي فيض محمد، انهن چونڊن ۾ عوامي ليگ جي طرفان نوابشاه مان قومي اسيمبلي جي سيٽ تي چونڊن ۾ حصو ورتو. سندس مقابلي ۾ پيپلزپارٽي جي طرفان حاڪم علي زرداري ۽ مسلم ليگ جي طرفان شبير احمد شاھ اميدوار هئا.  آئون تازو تازو سکر جيل مان آزاد ٿي جڏهن قاضي صاحب سان ملڻ ويس ته چيائون ”بابا چڱو ٿيو جو تون آزاد ٿي آيو آهين، هاڻي توکي مون سان گڏ اليڪشن مهم تي هلڻو پوندو “ . سنڌ هاري ڪميٽي جا ڪجهھ ساٿي به ان سلسلي ۾ سرگرم هئا.

آئون ٻئي ڏينهن کان ئي قاضي صاحب سان گڏ مهم هلائڻ ۾ شامل ٿي ويس. ڪٿي قاضي فيض محمد ته ڪٿي حاڪم علي زرداري يا شبير احمد شاھ ! !  سياسي لحاظ کان ڪا ڀيٽ ئي نه آهي پر افسوس جو سال به 1970ته قاضي صاحب جي حصي ۾ ملندڙ ووٽ به 1970. .حاڪم علي زرداري، ڪامياب ٿيو.  ڪهڙا نالا کڻجن، ڪنهن جي ڪردار تي آڱر کڻجي، سچ پچ  چپ چڱي آهي.  چڱن ڀلن ماڻهن ڏاڍو مايوس ڪيو.

شيخ مجيب الرحمن کان پوءِ عوامي ليگ جو سينئر نائب صدر ، سنڌ دوست، سٺي ڪردار ۽ سٺي ساک جو مالڪ، ائين چونڊون هارائي وڃي ته ان مان اسان جي سياسي شعور جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.  . قاضي فيض محمد ، نه مايوس ٿيو ۽ نه ئي عوامي ليگ کان ڌار ٿيو. پاڪستان جي حڪمرانن پوءِ جيڪو ڪجهھ ڪيو، اهو هاڻي ماضي جي تاريخ ٿي چڪو آهي.  مشرقي پاڪستان کي بنگلاديش ٿئي اڌ صدي کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي. قاضي فيض محمد، بنگلاديش بنجڻ کان پوءِ به جھاڳيندو رهيو، پڪاريندو رهيو، لکندو رهيو، نڀائيندو رهيو.

قاضي فيض محمد ، حساس دل انسان، سچ پچ تمام وڏو ماڻهو هو  پر جيئن ته سندس جيئڻ مرڻ، ننڍي شهر سان هو ته مالي لحاظ کان به کيس وڌ ۾ وڌ وچولي طبقي ۾ ڳڻي سگهجي ٿو، ان ڪري سندس سياسي ڪردار، عملي جدوجهد، قرباني، سنڌ دوستي ۽ عوام دوستي، مستقل مزاجي ۽ نظرياتي سوچ کي هميشه نظر انداز ڪيو ويو.  قاضي صاحب آخر ۾ ”ٻاويهه سئو ٻاويهه“ ڏينهن جي نالي سان هڪ شاهڪار ڪتاب به لکيو، جيڪو بدقسمتي سان هٿ نه اچي سگهيو آهي . قاضي فيض محمد پاڻ به سٺو جهونگاريندڙ،  بلڪه ڳائيندڙ به هپ.  شاھ لطيف، سچل سرمست، بلي شاھ سندس پسنديده شاعر هئا.

شاعري جڏهن شاھ جي هجي، ڳائيندڙ جڏهن استاد منظور علي خان هجي ۽ داد ڏيندڙ وري جيڪڏهن سائين قاضي فيض محمد هجي ته سچ پچ سڄي محفل جو نچڻ ڪير ڏسي . بيشڪ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ٻيون وڏيون شخصيتون به ضرور رهنديون آيون آهن پر اهو اعزاز  صرف نوابشاه جهڙي ننڍي شهر جو نصيب آهي جنهن سان قاضي فيض محمد جهڙي نرالي، گهڻ رخي پر تمام وڏي قدآور شخصيت جو شاندار ماضي جڙيل آهي

. ياد رهي ته 1969 ۾ جڏهن ون يونٽ ٽوڙڻ جي لاءِ، ۽ ووٽر لسٽون سنڌي زبان ۾ به شايع ڪرڻ جي لاءِ شاگردن جي هاءِ ڪمانڊ جي طرفان سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس ۾ بک هڙتال شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ته ضعيف العمري جي باوجود قاضي فيض محمد پاڻ شاگردن سان بک هڙتال ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو پر تشدد پڻ برداشت ڪيو.  ”تتيءَ ٿڌيءَ ڪاه ڪانهي ويل ويهڻ جي“ جو عملي ڪردار. ڪاش يا ته ڪنهن وڏي شهر سان وابسته هجي ها يا وري سندس واسطو ڪنهن خوشحال خاندان سان هجي ها  !

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.