سنڌ رواداري مارچ

تحرير: عاجز جمالي

سنڌ جي رواداري ھن پوري خطي ۾ صدين کان مشھور رھي آھي، سنڌ کي ڪڏھن به پنھنجي رواداري جو ڪنھن کي يقين ڪونه ڏيارڻو پيو ، پاڪستان ٺھڻ وقت سنڌ ۾ آيل لکين مھاجرن جو  ريلوي اسٽيشنن ڀرسان آباد سنڌ جي شھرن ۾ سنڌين  آڌر ڀاءُ ڪيو ھئو ، کليل ميدانن تي ديڳون پچائي کين مانيون کارايون ، گھر گھر مان ڪپڙا گڏ ڪري سندن اگھاڙا انگ ڍڪايا ، ايتري قدر جو کين پنھنجا خالي گھر ڏنا، پنھنجين زمينن تي ٻنيون آباد ڪرڻ ڏنيون، ننڍن ننڍن شھرن ۾ روزگار ڪرڻ لاءِ کين سهولتون ڏنيون ، سنڌ ۾ رھندڙ سنڌي مسلمانن جي اھا رواداري به اسلام جي سبب ھئي ، ماڻھن جي سوچ ھئي ته ھندستان مان آيل مسلمان ڀائرن جي ھر ممڪن مدد ڪرڻي آھي.

اھا ھئي سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻھن جي رواداري، پاڪستان ٺھڻ بعد به سنڌي ماڻھن سنڌ ۾ رھندڙ ھندن سان ھميشه ڀائرن جھڙو ورتاءُ رکيو ، سنڌ ۾ عيدون، ھولي، ڏياري ، عاشوري جو ڏھاڙو سڀ مسلمان ۽ ھندو گڏجي ملھائيندا ھئا ۽ اھا سنڌ جي رواداري ھئي ، اڄ سنڌ مٿان ايڏو ڏکيو وقت اچي ويو آھي جو سنڌي ماڻھن کي سنڌ جي رواداري خاطر به سنڌ رواداري مارچ ڪرڻو پوي ٿو . ڇو ته اڄ سنڌ تي اسان جا ڪالھوڪا مھمان ڪڙڪي پيا آھن ۽ مذھب جو نالو وٺي سنڌ مٿان حملي آور آھن ، ان ڪري اھو ضروري ٿي پيو آھي سنڌ ۾ امن، آشتي، رواداري ۽ انسان دوستيءَ خاطر گڏجي مذھبي انتھا پرستي خلاف ھڪ آواز ٿجي، اڄ ٽن پھرن جو سنڌ رواداري ڪاميٽيءَ پاران ڪراچي ۾ ٽي تلوار ڪلفٽن کان سنڌ رواداري مارچ شروع ڪيو ويندو جيڪو ڪراچي پريس ڪلب تي پھچي جلسي ۾ تبديل ٿيندو جتي سنڌ رواداري ڪاميٽي ۽ ٻين تنظيمن جا اڳواڻ ھن جلسي کي خطاب ڪندا.

سنڌ رواداري مارچ جو لڳ ڀڳ ٻه ھفتا اڳ اعلان ڪيو ويو ھئو ،ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌو نواز، پنھل ساريو ، عاليه بخشل ۽ ٻين اڳواڻن اھو اعلان ڪيو ھئو ،جنھن بعد ھي دوست ٻن ھفتن تائين پھرين حيدر آباد ۽ پوءِ ڪراچي ۾ مختلف سياسي سماجي ڌرين سان ملاقاتون ڪندا رھيا آھن ، پر مارچ جي تاريخ کان اوچتو ٻه ڏھاڙا اڳ ھڪ مذھبي تنظيم ساڳئي ڏينھن ساڳئي وقت ۽ ساڳئي ھنڌ تي گڏ ٿيڻ جو اعلان ڪيو ، اھڙو اعلان سنڌ جي رواداري کي چڀاٽڻ جي برابر آھي ، احتجاج ڪرڻ ۽ گڏ ٿيڻ جو ڄاڻايل مذھبي تنظيم کي حق آھي پر اعلانيل مارچ خلاف ڪنھن به قسم جو فتنو کڙو ڪرڻ جو حق ناھي ،ان ڪري سنڌ سرڪار ۽ سنڌ پوليس مٿان ذميواري اچي ٿي ته اعلانيل سنڌ رواداري مارچ جي ھر سطح تي حفاظت ڪئي وڃي ۽ مارچ کي پنھنجي طئي ٿيل پروگرام تحت مڪمل ٿيڻ ڏنو وڃي ،ڇو ته سنڌ رواداري مارچ جا مطالبا تمام واضح آھن. مارچ جو مطالبو آھي ته ايڪسٽرا جوڊيشل قتل جو شڪار ٿيل ڊاڪٽر شاھنواز راڄپر جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ، قاتلن خلاف سنڌ سرڪار جي جوڙيل تحقيقاتي ڪاميٽي جي سفارش تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آھي، پر افسوس جي ڳالهھ آھي ته سنڌ سرڪار رپورٽ جاري ڪري ،ايف آءِ آر داخل ڪري گھر ويھي رھي آھي اڄ تائين ڪوبه قاتل گرفتار نه ٿيو آھي. رواداري ڪاميٽي جو ٻيو مطالبو پيپلز پارٽيءَ کان آھي ته ڊاڪٽر شاھنواز جي قاتلن کي ھار هارائيندڙ پيپلز پارٽي جي ايم اين اي امير علي شاھ جي خلاف پارٽي ڪارروائي ڪري ، بلاول ڀٽو چڱي ريت ڄاڻي ٿو ته ڪھڙي ريت بيدرديءَ سان سندس امڙ شھيد بينظير ڀٽو کي پڻ دھشت گردن شھيد ڪيو ھئو. رواداري مارچ جو ٽيون مطالبو سنڌ ۾ امن آشتي برقرار رکڻ ۽ مذھبي انتھا پرستيءَ کي رد ڪرڻ آھي ، ھي ٽيئي مطالبا سنڌ ۾ صدين کان جاري روداري جي عين مطابق آھن ، ھنن مطالبن ۾ اسلام ۽ ڪفر جو ٽڪراءُ ڪٿي آھي؟ ھنن مطالبن ۾ مڪمل سنڌ جي رواداري سمايل آھي ، ان ڪري سنڌ جا امن پسند، انسان دوست ، مذھب جا چاھيندڙ، اسلام جي بنيادي روح کي سمجهندڙ ماڻھو ھن رواداري مارچ ۾ شريڪ ٿي انتھا پسنديءَ کي رد ڪن. رواداري مارچ اڄ ٽن پھرن جو ٽين وڳي ڪلفٽن جي ٽن تلوارن کان شروع ٿيندي، اميد ڪجي ٿي ته سنڌ جا باشعور ماڻھو گڏجي پنھنجي پختي شعور جو ثبوت ڏيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.