مذهبي ۽ سياسي سماجي انتهاپسندي آخر ڇو ۽ ڪيستائين؟

تحرير: حميده گهانگهرو

تاريخ جي گواهي زمين آسمان جي وچ ۾ ٽچڪندڙ پاڻي ۽ ٻرندڙ باهه جي ڀڀڙ جيان غير فطري غير انساني روين کي ڌوڏي ڇڏيندي آهي.قديم کان جديد دور تائين ڪيتري به سائنسي ٽيڪنالوجي ترقي ڪري فرش کان عرش تائين اڏامي سوچن جي سمنڊ کي لهرن ۽ ڇولين جي لپيٽ ۾ آندو آهي پر تنهن هوندي به انتهاپسندي مذهبي، سياسي، سماجي برادريءَ جا غير مهذب ريتن رسمن جا رويا هميشه  انساني جانين جو کاڄ بڻجي نقصان ڪري رهيا آهن. اهڙا واقعا هر دور جي ترقي واري عمل ۾ ڪارنهن جي داغ وانگر سچائي ۽ حقيقت پسندي ۾ رڪاوٽ بڻيا آهن. تنهن هوندي به سچ، همٿ، جرئت جي طاقت اونچي ڳاٽ سان تاريخ ۾ سرخرو رهي آهي. اهڙي انتهاپسندي جي جابرانه ظالمانه فيصلن وقتي طور تي تمام گهڻا نقصان ضرور ڏنا آهن پر ظلم خلاف مظلوم جي ويڙهه قربانيءَ ۾ هميشه بهادرن کي ياد ڪيو ٿو وڃي،.

سقراط کي زهر پيارڻ وارو ۽ وقت جا حڪمران ته اڄ ڪنهن کي ياد به نه هوندا جڏهن ته سقراط جي قربانيءَ سان سرشار اڄ به جرئت جو مثال آهي. بهادريءَ جي ڀيٽا ڏيڻ وقت ڪنهن به رنگ، نسل، مذهب، ٻوليءَ جي سڃاڻپ کان مٿانهون ٿي صرف ۽ صرف سچائيءَ جي مثال سان ياد ڪيو ٿو وڃي. مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙهي سمجهيو ويو ته سندس هڏيون مٽي ۾ ملائي ختم ڪيون وينديون پر، مخدوم بلاول جي جدوجهد جي اها مٽي ئي اڄ به گواهي ڏئي ڪيترين نسلن لاءِ مثال قائم ڪندي.

انگريزن برصغير تي حملا ڪري قابض ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڀڳت سنگهه، هيمو ڪالاڻي بغاوت ڪندي ڦاسيءَ جي ڦندن کي ڳلي جو هار سمجهي انگريز سرڪار جي ناپاڪ سازشن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. اڄ مٿن فلمون ٺاهي گيت لکيا وڃن ٿا. پر اهي انگريز مير جعفر جهڙي ڇاڙتن جي سڃاڻپ کان سواءِ ڪا حيثيت نٿا رکن.ڀڳت سنگهه نوجوانن جي جدوجهد جو سرواڻ طور شرٽن جي ڇاتيءَ تي نظر اچي ٿو. ڀڳت سنگهه سک هيو پر سندس نظريو ۽ جدوجهد ڪنهن به انتهاپسنديءَ کان مٿانهين هئي، انهيءَ ڪري بنا ڪنهن رنگ نسل مذهب ڪري سڀني جو شهيد رهنما آهي.

سو نفرتون غير انساني روين مان جنم وٺن ٿيون جيڪي ملڪي، قومي، انساني ترقي ۽ ڀائيچاري لاءِ تباهي جو ڪارڻ آهن. دنيا هڪ ٻئي سان جڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پر هتي اها بدقسمتي آهي ته پهرين مسلم، هندو عليحدگي ڪري ملڪ ٺاهيو ويو هاڻي وري مسلمانن ۾ به نفرتن جو ڄار وڇايو پيو وڃي. ڪڏهن ڪنهن ٻارن کان پڇيو آهي ته پاڻ کي برگر فيملي سڏرائيندي ٻاهر جا برانڊ، ميڪڊونلز، K.F.C کائيندي نفرت جو اظهار ڪيو آهي؟ بلڪل به نه پر ملڪ ۾ ملائيت جو اهڙو ڄار وڇايو پيو وڃي جيڪو انسانيت جي تقدس کي نفرت ۾ بدلائڻ جي ڪوشش سمجهي ٿي وڃي. سمجهڻ گهرجي ته ڊاڪٽر شاهنواز جي وارثي ڪندڙ ٿر جي هندو ڪيترو ساٿ نڀايو. بي درديءَ سان قتل مذهبي انتهاپسندي جي آڙ ۾ ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ سرداري ۽ جاگيرداري نظام جي پوئيواري ڪري ٿو.

انڊيا کان آيل ذاڪر نائيڪ نفرت جا انبار کڻي مذهب جي آڙ ۾ غلط لفظ ٿو ڳالهائي. جڏهن ته ٻن ملڪن جا آرٽسٽ، اديب، شاعر عالم ٻن ملڪن جي اهڙي برج هوندا آهن جيڪي بين الاقوامي قانون تحت امن ۽ ڀائيچاري لاءِ رستا ٺاهي جوڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ذاڪر نائيڪ عورتن نياڻين جي سوالن جا جواب ڏيڻ بدران سندن توهين ڪئي آهي تنهن ڪري اهڙن سوڙهن محدود ذهنيت وارن ماڻهن کي باشعور عوام کان پري رکيو وڃي. انسان جو ڌرتي تي اچڻ جو وجود برائي جي عمل کان بچائڻ آهي.

اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته جديد سائنسي ترقي، گهڻين ڳالهين کي بدلائي ترقي جي عمل کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ڪيتريون تحقيقات ۽ ليڪچر ٻڌڻ جي ضرورت آهي. هر انسان آدم جي اولاد سمجهيو وڃي ٿو. ته دنيا ۾ آيل پهريون انسان آدم آهي ته پوءِ فرقن، مذهبن، ٻولين جي فرق ۾ ورهاست ڇو.گهوٽڪيءَ ۾ هڪ ديوان ڪيترن سالن کان اسٽيشن تي تمام مسافرن کي پاڻي پياري رهيو آهي. هن ديوان جي هٿ ۾ جهليل پاڻي جي گلاس ۾ ڪا به انتهاپسنديءَ جي نفرت ناهي بس انسان جي بنيادي ضرورت اڃ اجهائڻ وارو فلسفو زندگيءَ کي جيئارڻ جو درس ڏئي ٿو.

سياسي، نفرتون. اڄڪلهه قلم ڪارن کي گهڻو نشانو بڻائين ٿيون. نصرالله گڏاڻي سچ جو آواز عوام جي بنيادي مسئلن جي حق جو آواز بڻجي سرداري نظام جي خلاف آواز اٿاريو. سندس ڏوهه خاموش ويهڻ نه هو، انهيءَ ڪري ظلم جي انتها جو علمبردار بارودي هٿيار سان سندس لاءِ جان ليوا ثابت ٿيو. پر سندس اڳيان موت جا فرشتا نظر پيا اچن ۽ هن دنيا کي الوداع ڪندي هٿ مٿي ڪري ڪاميابي جي وڪٽري ڏيکاري. هن جو موت ڄڻ پوري دنيا لاءِ اتساهه بڻجي ويو ۽ قاتل گمنامي جي اوڙاهه ۾ گم ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ثبوت ملڻ کان پوءِ سندن وايون بتال آهن. سلام آهي نصرالله جي امڙ کي جنهن پنهنجي شهيد پٽ جو آواز بڻجي انصاف لاءِ حوصلو بلند رکيو اچي ٿي. قاتل ٻرن مان لڪي عوام آڏو لعنت بڻيل آهي. سو هن دور ۾ هڪ نئين باک ڦٽي آهي ته شهيدن جي مائرن پوتيون لاهي پرچم ٺاهي انصاف لاءِ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي احتجاج ڪري رهيون آهن.

اڄوڪي 13آڪٽوبر جي ڏينهن کي سنڌ جي سڄاڻ، باشعور، ترقي پسند اديبن شاعرن، سماجي اڳواڻن اتحاد جو مظاهرو ڪندي فرسوده نظام جي رکوالن، تهذيب، ثقافت امن پسند ڌرتيءَ جي اڳواڻن هٿ هٿ سان ٻڌي استحصال جو ڇا تصور آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ڏسون ته جمهوريت پسند عوام جي اڳواڻ حڪومت ڪهڙا انصاف جا جوهر ڏيکاري ٿي؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.