ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش جي تخت گاهه ڍاڪا جي علائقي ميرپور ۾ هڪ گارمينٽس فيڪٽري ۾ باهه لڳڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 16 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
فائر سروس موجب 12 فائر فائيٽنگ يونٽس موقعي تي پهچي باهه وسائڻ جو عمل شروع ڪيو، توڙي جو مرڪزي باهه تي ضابطو آندو ويو آهي پر ڪجهه حصن ۾ اڃا تائين باهه ڀڙڪي رهي آهي.
ڍاڪا فائر سروس جي ميڊيا سيل فوتگين جي تصديق ڪندي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته وڌيڪ فوتگيون به ٿي سگهن ٿيون.
اها باهه منجهند جو 7 ماڙ عمارت ۾ لڳي، ان سان گڏ کي ڪيميڪل گودام ۾ بليچنگ پائوڊر، پلاسٽڪ ۽ هائيڊروجن پرآڪسائيڊ جو ذخيرو ڪيل هو، باهه ڪيميڪل گودام کي به وڪوڙي وئي.
شروعاتي جاچ موجب ماڻهو زهريليون گيسون خارج ٿيڻ سبب فوت ٿيا.
Prev Post
You might also like