حڪومت جون آءِ پي پيز کان ڇوٽڪاري جون دعوائون ڌوڙ، 30 ۽ 40 سالن جا نوان معاهدا ڪرڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هڪ ڇاسي آءِ پي پيز کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جون دعوائون ڪيون پيون وڃن ته ٻئي پاسي 30 ۽ 40 سالن جي نون معاهدن جو انڪشاف ٿيو آهي.
ان ڏس ۾ ڪهڙين ڪهڙين آءِ پي پيز سان معاهدا ڪيستائين تائين لاڳو آهن، ان جا تفصيل به سامهون اچي ويا آهن.
موجودا حڪومت طرفان به چئن آءِ پي پيز سان نوان معاهدا ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، حڪومت 2025ع ۾ چار آءِ پي پيز سان نوان معاهدا ڪيا.
حڪومت 30 جولاءِ 2025ع تي جامشورو ڪول پاور پلانٽ سان 30 سالن جي مدي وارو معاهدو ڪيو.

You might also like