حڪومت سان اختلاف ختم، پ پ قانون سازي واري معاملي تي نرمي ڏيکارڻ لاءِ راضي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)حڪومت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي وچ ۾ جاري سياسي ڇڪتاڻ ۽ قانونسازي تي اختلاف ختم ڪرائڻ لاءِ بيڪ ڊور رابطا ڪامياب ٿي ويا.
ذريعن موجب، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ٻنهي سياسي پارٽين وچ ۾ ڊيڊ لاڪ ختم ڪرائي ڇڏيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت پيپلز پارٽي سان ڳالهين ۽ رابطن لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي مڪمل مينڊيٽ ڏنو هو، جنهن کانپوءِ پيپلز پارٽي قانونسازي جي معاملي تي نرمي ڏيکارڻ لاءِ راضي ٿي وئي آهي.

You might also like