پاڪستاني مرد بي وفا آهن، پرڏيهي سان شادي ڪنديس: سعيده امتياز

اداڪارا سعيده امتياز چيو آهي ته پاڪستاني مردن جي اڪثريت بي وفا آهي، تنهن ڪري منهنجو شريڪ حيات پاڪستاني نه پرڏيهي هوندو.
سعيده امتياز تازو هڪ پروگرام ۾ محبت، لاڳاپن ۽ شادي جي معاملي تي کليل نموني ڳالهايو.
هن چيو ته منهنجي خيال ۾ محبت هڪ احساس جو نالو آهي، ڀلي اها ڪنهن به رشتي ۾ هجي، احساس سان ئي پيار وڌندو آهي.
سندس چوڻ هو ته اڪثر مرد پنهنجي گهروارين سان محبت جي دعويٰ ڪندا آهن پر ٻاهر وڃي ٻين عورتن کي به اهي ئي لفظ ورجائيندا آهن پر جيڪڏهن کين پنهنجي گهرواري جو احساس هجي ته ڪڏهن ائين نه ڪندا.
سعيده امتياز موجب جڏهن ڪنهن رشتي ۾ احساس موجود هجي ته انسان جو ضمير ان کي غلط رستي تي وڃڻ کان روڪيندو آهي، تنهن ڪري ڪنهن به رشتي جو بنياد احساس تي ئي هجڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته مون کي ارينج ميريج کان خوف ٿيندو آهي، منهنجي خيال ۾ شادي کان اڳ زال مڙس ۾ مطابقت هجڻ گهرجي، چاهيان ٿي ته منهنجي شادي محبت ۽ ارينج ٻنهي جو ميلاپ هجي، مطلب مان پسند پاڻ ڪنديس ۽ معاملا گهر وارا طئي ڪندا.
اداڪارا چيو ته مون کي لڳي ٿو شريڪ حيات پاڪستاني نه هوندي، ڇو ته منهنجي ذهن ۾ ڪيترائي سال اڳ کان اهو خيال اچي چڪو آهي ته پاڪستاني مرد سان شادي نه ڪنديس، انهن جي اڪثريت بي وفا هوندي آهي، جڏهن ته ٻاهرئين ملڪن ۾ اهڙا معاملا گهٽ هوندا آهن، اتي هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ جي اجازت به ناهي هوندي.
سعيده امتياز اهو پڻ اعتراف ڪيو ته ڪجهه معاملن ۾ عورتن جو به ڏوهه هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.