فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ايئرپورٽ تي 92 پاڪستاني سک مسافرن کي سفر کان روڪيو ويو.
ايف آءِ اي موجب، سک مسافر فيصل آباد کان شارجا رستي ڀارت روانو ٿيڻ چاهين پيا، سفري دستاويز اڻپورا هجڻ ۽ حڪومتي اين او سيز موجود نه هجڻ سبب مسافرن کي روڪيو ويو.
ايف آءِ اي ٻڌايو ته مسافرن وٽ واپسي جا ٽڪيٽ ۽ حڪومت پاڪستان طرفان گهربل اجازت ناما نه هئا. مسافرن کي مذهبي معاملن واري وزارت، پرڏيهي وزارت ۽ گهرو وزارت جا اين او سيز گهربل هوندا آهن.
ايف آءِ اي موجب، سک مسافرن جو تعلق ننڪانه صاحب ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن سان آهي.
You might also like