اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪراچي سميت سڄي ملڪ لاءِ ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي مهانگي ڪئي وئي.
نيپرا آگسٽ لاءِ بجلي 8 پيسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب حڪومتي پاليسي گائيڊ لائنز موجب واڌ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي به لاڳو ٿيندي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته بجلي واهپيدارن کان وصولي آڪٽوبر جي بلن ۾ ڪئي ويندي.
سي پي پي اي آگسٽ جي ايڊجسٽمينٽ ۾ 19 پيسا في يونٽ واڌ گهري هئي.
You might also like