اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ کير ۾ ملاوٽ ۽ سرڪاري ڪم ۾ خلل وجهڻ جي الزام هيٺ جوابدار غلام نبي جي ضمانت رد ڪري ڇڏي.
سرڪاري وڪيل چيو ته جوابدار ساٿي جوابدارن سان گڏجي فوڊ اٿارٽي جي ملازمن تي حملو ڪيو، جڏهن ته جوابدارن جي قبضي مان پسٽل پڻ هٿ آيو.
جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته ڇا فوڊ اٿارٽي بنا وارنٽ ڪنهن جي حدن ۾ داخل ٿي سگهي ٿي؟ ڇا ڪنهن جي حدن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ فوڊ اٿارٽي بااختيار آهي؟
سرڪاري وڪيل جواب ڏنو ته اسان وٽ جعلي کير بابت پڪي انٽيليجنس هئي.
جسٽس مندوخيل سوال ڪيو ته ڇا اطلاع ملڻ کانپوءِ ڪنهن جي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ملي وڃي ٿي؟
جوابدار جي وڪيل چيو ته سمورا الزام ڪوڙا آهن، 8 جوابدارن جي ضمانت ٿي چڪي آهي، جوابدار کير جو ڪاروبار ڪندو آهي ۽ 6 مهينن کان جيل ۾ آهي.
جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته معاشرو ايترو خراب ٿي چڪو آهي جو اسان به پريشان آهيون ته ڇا ڪريون.
جسٽس ملڪ شهزاد چيو ته جوابدار اهڙو ڪم ڪيو آهي جو کيس 10 ڀيرا وڌيڪ اندر وجهڻ گهرجي، سرڪاري ملازمن سان اهڙو رويو هوندو ته ڪم ڪيئن هلندو؟
”اهڙو ڪم ڪيو اٿائين جو ڏهه ڀيرا جيل ۾ واڙڻ گهرجي“، سُپريم ڪورٽ کير ۾ ملاوٽ ڪندڙ جوابدار جي ضمانت رد ڪري ڇڏي
You might also like