اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ ) جي وفد اڄ جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، جنهن دوران سياسي معاملن ۽ اپوزيشن جي احتجاجي تحريڪ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ميڊيا رپورٽن موجب، وفد ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر شامل هئا.
مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين اڳواڻن پي ٽي آءِ وفد جو آڌر ڀاءُ ڪيو، جنهن کانپوءِ ملاقات ٿي.
ملاقات دوران اپوزيشن جي احتجاجي تحريڪ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جڏهن ته تحريڪ انصاف طرفان مولانا فضل الرحمان جي جماعت جمعيت علماءِ اسلام کي 27 سيپٽمبر تي ٿيندڙ لانگ مارچ ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني وئي.
You might also like