اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف (پي ٽي آءِ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته 27 سيپٽمبر جو احتجاج ملتوي ڪرڻ بابت ڪا به تجويز غور هيٺ ناهي.
پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته 27 سيپٽمبر جي احتجاج جي قيادت خيبرپختونخوا جو وڏو وزير سهيل آفريدي ڪندو، جڏهن ته لانگ مارچ ملتوي ڪرڻ لاءِ حڪومت سان ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي.
بئريسٽر گوهر چيو ته احتجاج رڳو پي ٽي آءِ جو اڪيلو فيصلو ناهي، پر اهو سمورين جماعتن جي صلاح مشوري سان ڪيو ويو آهي، 27 سيپٽمبر واري احتجاج ۾ سموريون سياسي جماعتون شرڪت ڪنديون.
هن چيو ته گهرو وزير محسن نقوي سان بيڪ ڊور چينلز ذريعي رابطو رهندو آهي، جنهن جا تفصيل ميڊيا تي نٿا ٻڌائي سگهجن، حڪومت سان اسان جو رابطو رهندو آهي، جنهن کي ڪڏهن به لڪايو ناهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته عمران خان هميشه ڳالهين کي ترجيح ڏني آهي، پي ٽي آءِ باني ڳالهين جو اختيار محمود اچڪزئي ۽ علامه ناصر عباس کي ڏنو آهي، اسان جي ڳالهين واري آڇ کي ڪمزوري سمجهيو ويو، في الحال حڪومت سان ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه پيو ٿين..
هن چيو ته وزيراعظم جو خط ملڻ سٺي ڳالهه آهي، اپوزيشن ليڊر طرفان خط تي ڪوآرڊينيشن ڪئي پئي وڃي. عدالتي حڪمن باوجود 10 مهينن کان پي ٽي آءِ باني سان اسان جي ملاقات ناهي ٿي.