ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ برطانيا جي گڏيل پيشڪش ۾ 1998ع ۾ رليز ٿيل فلم ”جناح“ ۾ هالي ووڊ جي مشهور اداڪار ڪرسٽوفر لي طرفان پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جو ڪردار ادا ڪرڻ هڪ منفرد مثال بڻجي ويو.
فلم جي هدايتڪاري جميل دهلوي ڪئي، جڏهن ته اسڪِرپٽ جميل دهلوي ۽ ڊاڪٽر اڪبر ايس احمد لکيو. فلم ۾ ششي ڪپور، شيرين شاهه، رچرڊ لنٽرن، شڪيل ۽ ٻين اداڪارن پڻ اهم ڪردار ادا ڪيا.
ڪرسٽوفر لي کي جناح جو ڪردار ملڻ جي ڪهاڻي به دلچسپ آهي.
سندس چوڻ آهي ته 1997ع ۾ لنڊن ۾ پاڪستان جي 50هين سالگرهه جي هڪ تقريب دوران ڊاڪٽر اڪبر احمد ۽ جميل دهلوي کانئس پڇيو ته هو محمد علي جناح بابت ڇا ڄاڻي ٿو؟
لي جواب ڏنو ته جناح غيرمعمولي عزم ۽ ذهانت رکندڙ اڳواڻ هو، جنهن پاڪستان نالي سان هڪ نئين رياست قائم ڪئي.
ان کانپوءِ کيس چيو ويو ته ”اسان چاهيون ٿا ته توهان جناح جو ڪردار ادا ڪريو.“
لي موجب، جناح سان سندس قد ۽ جسماني بيهڪ ۾ هڪجهڙائي به سندس چونڊ جو هڪ ڪارڻ ٿي سگهي ٿي.
ڪردار قبولڻ کانپوءِ ڪرسٽوفر لي جناح جي زندگي ۽ شخصيت بابت ڪتابن ۽ ٻين مواد جو تفصيلي مطالعو ڪيو.
هن جناح جي هلڻ، ڳالهائڻ، هٿن جي اشارن ۽ کنگهه تائين جو مشاهدو ڪيو، جڏهن ته پراڻي فلمي فوٽيج ۽ ريڊيو رڪارڊنگز مان به مدد ورتي.
فلم جي شروعات لاءِ جناح کي هڪ فرشتي آڏو پنهنجي زندگيءَ جو حساب ڏيندي ڏيکارڻ جو تصور هو، پر اسلامي عقيدن سان نه ٺهڪڻ سبب ان کي تبديل ڪري فرضي آسماني لائبريري جو منظر شامل ڪيو ويو، جتي جناح جي زندگيءَ جون فائلون ڳوليون وڃن ٿيون.
فلم جي شوٽنگ دوران ڪرسٽوفر لي لڳ ڀڳ 10 هفتا ڪراچيءَ ۾ رهيو.
سندس اچڻ جي خبر جلد شهر ۾ پکڙجي وئي، پاڪستان ۾ ڪجهه حلقن طرفان ”ڊريڪولا‘“۽ ٻين منفي ڪردارن لاءِ مشهور هڪ مغربي ۽ عيسائي اداڪار کي جناح جو ڪردار ڏيڻ تي تنقيد به ڪئي وئي.
لي جو موقف هو ته اداڪار پنهنجي ڪردارن کان مختلف هوندو آهي ۽ ڪنهن اداڪار جا اڳوڻا ڪردار سندس نئين ڪردار جي صلاحيت جو معيار نٿا بڻجي سگهن.
فلم جي شوٽنگ دوران سخت گرمي، محدود پروڊڪشن ٽيم، سيڪيورٽي ۽ فنڊنگ سميت مختلف مسئلا پڻ سامهون آيا، جڏهن ته حڪومت جي تبديلي سبب فلم جي مالي معاملن تي به اثر پيو.
قائدِاعظم جي ڪردار کي وڌيڪ حقيقت جي ويجهو آڻڻ لاءِ لي جناح جي مزار تي پڻ ويو.
سندس چوڻ هو ته اتي کيس پهريون ڀيرو ان ڪردار جي ذميواريءَ جو اصل احساس ٿيو.
فلم جي ڪلائمڪس ۾ ورهاڱي دوران مهاجر قافلي جي هڪ منظر جي شوٽنگ وقت ڪرسٽوفر لي جذباتي ٿي ويو ۽ سندس اکين مان وهندڙ ڳوڙها حقيقي هئا.
فلم جو اردو ورزن پڻ تيار ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪرسٽوفر لي جي آواز جي ڊبنگ اداڪار غلام محي الدين ڪئي.
سندس آواز کي هالي ووڊ جي ٽيم طرفان منظور ڪيو ويو ۽ ڪجهه منظرن لاءِ آواز ۽ چپن جي حرڪت کي هم آهنگ ڪرڻ خاطر ڪيترائي ڀيرا ريهرسل ڪئي وئي.
”جناح“ کي نيويارڪ، لاس اينجلس، لنڊن ۽ قاهرا جي فلمي ميلن ۾ پيش ڪيو ويو، جتي ان کي سٺا تنقيدي رايا مليا، پر پاڪستان کان ٻاهر فلم کي وڏو ڊسٽريبيوٽر نه ملي سگهيو.
ڪرسٽوفر لي جي يادگيري موجب، فلم سان لاڳاپيل سڀ کان يادگار لمحو پاڪستاني عوام جو ردعمل هو، دڪاندارن، پوليس اهلڪارن، فوجين ۽ فلم جي ايڪسٽراز آخر ۾ کيس هڪ ئي لفظ چيو”مهرباني.“
You might also like