بنا ٽيڪَ جي پَٽ تي ويهڻ جا فائدا توهان کي دنگ ڪري ڇڏندا

طبي ماهرن چيو آهي ته زمين تي ويهڻ صحت لاءِ فائديمند هوندو آهي، جڏهن ته بنا ٽيڪ جي پَٽ تي ويهڻ ان کان به وڌيڪ فائديمند آهي.
ماهرن موجب جڏهن اسان پٽ تي ويهندا آهيون ته اسان جي چيلهه، ڪُلها ۽ گوڏا متحرڪ رهندا آهن، مسلز مڪمل طور تي پاڻمرادي طريقي سان ڪم ڪندا آهن ۽ جسم مضبوط ٿيندو آهي، جڏهن ته ڪرسين تي ويهڻ سان جسم تي دٻاءُ وڌندو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي هونئن ته زمين تي ويهڻ فائديمند آهي ۽ ان عادت کي پنهنجي روز مرهه جي زندگي ۾ شامل ڪرڻ گهرجي پر بنا ٽيڪ جي ويهڻ بهترين آهي.
ماهرن موجب اهو ضروري ناهي ته سڄو ڏينهن زمين تي ويهجي، روز 30 منٽن تائين ويهڻ به ڪافي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.