ذهني دٻاءَ کان ڇوٽڪاري جا طريقا

اڄ جي دور ۾ هر ٻيو انسان ناڪاري ذهني دٻاءَ جو شڪار آهي، جنهن جو ڪارڻ معاشري ۾ وڌندڙ بي حسي ۽ تيز رفتار زندگي آهي.
حالتون ڪهڙيون به هجن انسان ۾ جيئڻ جي اميد برقرار رهڻ گهرجي، انسان کي اها خبر هجڻ گهرجي ته هو زندگي جي رهيو آهي گذاري رهيو آهي؟ ان سوال جو جواب توهان پاڻ کان ضرور پڇو پر اسان توهان کي اهڙا اصول به ٻڌائي رهيا آهيون، جيڪي ذهني دٻاءَ مان ڇوٽڪاري ۾ توهان لاءِ مددگار ثابت ٿيندا.
پنهنجي ڪاوڙ ٻاهر ڪڍو
انسان کي روز ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙ ايندي آهي ۽ سخت قسم جو ذهني دٻاءُ محسوس ڪندو آهي، توهان هڪ ڦوڪڻو وٺو ۽ ان ۾ وات سان هوا ڀريو، پوءِ ان کي ڦاڙي ڇڏيو، توهان جو ذهني دٻاءُ گهٽجي ويندو.
صحتمند غذا
جيڪڏهن توهان ڪيلي، کير ۽ چاڪليٽ کي پنهنجي خوراڪ جو حصو بڻايو ته ذهني دٻاءُ گهٽجندو، ڇو ته انهن ۾ دماغ کي طاقت فراهم ڪندڙ جُزا هوندا آهن.
سمنڊ يا درياهه جو مشاهدو ڪيو
توهان اڪيلائي ۾ سمنڊ يا درياهه جو مشاهدو ڪيو، ان سان نه رڳو ذهني سڪون ملندو پر تازگي جو احساس به ٿيندو.
جسماني سرگرمي
جسماني سرگرمي کي روز جو معمول بڻائي ڇڏيو، گهٽ ۾ گهٽ 15 منٽن تائين روز واڪ يا ورزش ڪيو.
موسيقي ٻڌو
مصروف ڏينهن ۾ رڳو 15 کان 30 منٽ اکيون ٻوٽي پنهنجي پسنديده موسيقي مان لطف اندوز ٿيو.
ذهني دٻاءَ جا قسم
ياد رکو ته ذهني دٻاءُ ٻن قسمن جو هوندو آهي، هڪ ناڪاري ۽ هڪ هاڪاري.
هاڪاري ذهني دٻاءَ توهان لاءِ ضروري آهي، ڇو ته انسان ۾ مقابلي ۽ ڪاميابي جي اميد پيدا ڪندو آهي پر ناڪاري ذهني دٻاءُ دماغي صحت لاءِ تمام گهڻو نقصانڪار آهي، ڇو ته اهو مايوسي ڏانهن وٺي ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.