کنگهه جا ٽي سيرپ ٻارن لاءِ موتمار، الرٽ جاري

صحت جي عالمي اداري طرفان جاري ڪيل هڪ ايڊوائزري ۾ ڀارت جي ٽن کنگهه جي سيرپن کي گدلو ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اداري ٻين ملڪن جي اختيارين کي تنبيهه ڪندي زور ڏنو آهي ته اهي پاڻ وٽ انهن دوائن جي موجودگي بابت هيلٿ ايجنسي کي اطلاع ڏين.
ڊبليو ايڇ او چيو آهي ته متاثر دوائن ۾ سريسان فارماسوٽيڪل جي ڪولڊ ريف، ريڊينيڪس ڪمپني جي ريسپيفريش ۽ شيپ فارما جي ري لائف شامل آهن.
اداري طرفان اهو به چيو ويو آهي ته گدليون شيون هڪ وڏو خطرو هونديون آهن ۽ نقصان جو ڪارڻ بڻجي سگهن ٿيون، امڪاني طور موتمار بيماري جو ڪارڻ به بڻجي سگهن ٿيون.
ڀارت جي هيلٿ اٿارٽي سينٽرل ڊرگ اسٽينڊرڊ ڪنٽرول آرگنائيزيشن صحت جي عالمي اداري کي آگاهه ڪيو ته ڄاڻايل سيرپ مبينا طور تي ڏکڻ رياست مڌيا پرديش جي ضلعي ڇندواڙا ۾ 5 سالن کان ننڍي عمر جي ٻارن کي ڏنا ويا هئا، جيڪي تازو لاڏاڻو ڪري ويا هئا.
رپورٽ موجب سيرپن ۾ زهريلي ڊاءِ ٿيلين گلائيڪول جو مقدار مقرر حد کان تقريبن 500 ڀيرا وڌيڪ هو.
سينٽرل ڊرگ اسٽينڊرڊ ڪنٽرول آرگنائيزيشن طرفان چيو ويو آهي ته ڪا به نقصانڪار دوا ملڪ کان ٻاهر نه موڪلي وئي آهي، جڏهن ته غير قانوني طور ان کي ٻاهر موڪلڻ جون به ڪي شاهديون موجود ناهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.