او ٽي پي: توهان جي فون تي ايندڙ ڪوڊ ڪيئن هيڪ ٿئي ٿو ۽ ڇا بچاءُ ممڪن آهي؟

سائبر ڏوهارين جي هٿان توھان جو فون هيڪ ٿيڻ ۽ فراڊ جو ڊپ جلد ختم ٿي سگھي ٿو.
ڀارت جي شهر بئنگلورو جي رمن ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۽ انڊين انسٽيٽيوٽ آف سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سندن جي تيار ڪيل ٽيڪنالاجي ايندڙ ٻن کان ٽن سالن اندر ون ٽائيم پاس ورڊ (او ٽي پي) هيڪنگ کي روڪيندي.
اِها ٽيڪنالاجي ڪوانٽم فزڪس تي ٻڌل آهي،جيڪا بئنڪنگ، دفاع ۽ ٻين شعبن ۾ رابطن کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگھي ٿي.
آر آر آءِ جي ڪوانٽم انفارميشن اينڊ ڪمپيوٽنگ (ڪي آءِ سي) ليب جي سربراهه پروفيسر اروشي سنها برطانوي خابرو اداري کي ٻڌايو ته ”موبائل فون جي ڪم ڪرڻ جو طريقو، او ٽي پي ٺاهڻ جو طريقو، ڊوائيس ٽيڪنالاجي، هي سڀ نئين عمل ذريعي بدلجي ويندا ۽ ان کي ڊوائيس کان آزاد رينڊم نمبر جنريشن چئجي ٿو.“
ڪوانٽم فزڪس تي ٻڌل هن ٽيڪنالاجي جا تجربا ليبارٽري ۾ ڪاميابي سان ڪيا ويا آهن ۽ هاڻي ان کي لانچ ڪرڻ جي ضرورت آهي.
آءِ آءِ ٽي بمبئي جي هاءِ انرجي فزڪس سينٽر جي پروفيسر انندا سنها موجب، ”موجوده پروٽوٽائپ اڃا پورٽيبل ناهي، اهو هڪ آپٽيڪل ٽيبل تي آهي، جنهن لاءِ نهايت ڪنٽرول جي ضرورت آهي، جيئن ٻه سال اڳ آر آر آءِ ۾ اروشي سنها ۽ سندس ساٿين ڏيکاري هئي.“
هن چيو ته ” هڪ اسٽارٽ اپ ذريعي اهو ڪٿي به لڳايو ويندو، هيءَ ڊوائس گيگا بائيٽ في سيڪنڊ جي ٽارگيٽ رفتار تي ڪوانٽم رينڊم بِٽس پيدا ڪندي.“
او ٽي پيز ڪيئن هيڪ ٿين ٿا؟
پروفيسر انندا سنها چيو ته ون ٽائيم پاس ورڊ (او ٽي پي) انڪرپٽڊ رابطن کي محفوظ رکڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن.
پروفيسر اروشي سنها، انندا سنها ۽ پي ايڇ ڊي شاگرد پنگل پرتيوش ناٿ جي اِها تحقيق ڪئناڊا جي يونيورسٽي آف ڪيلگري سان سهڪار جو نتيجو آهي.
هن تحقيق جا نتيجا ”فرنٽيئرز ان ڪوانٽم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي“ نالي رسالي ۾ شايع ٿيا آهن.
پروفيسر اروشي سنها ڊوائيسز ۾ خرابيون ڪيئن پيدا ٿينديون آهن اهو سمجهائڻ لاءِ ريفريجريٽر جي مثال ڏنو.
هُن وضاحت ڪئي ته ”اسان هميشه ريفريجريٽر جو استعمال ناهيون ڪندا ڇو ته اسان ڄاڻون ٿا ته وقت سان گڏ ان جي ڪارڪردگي گهٽجي ويندي ۽ نيٺ اسان کي ان کي تبديل ڪرڻو پوندو، ساڳيو حال موجوده بي ترتيب نمبر جنريٽرن جو آهي.“
هن چيو ته ” ڪائي به ڊيوائس مڪمل طور تي محفوظ ناهي، ڀلي کڻي ڪيڏي به جديد ڇو نه هجي، ڪجهه ڊوائيسن ۾ خاميون ٿين ٿيون ۽ جيئن جيئن ڊوائيس پراڻي ٿيندي وڌيڪ خراب ٿيڻ لڳندي، ۽ ڪجهه ماڻهو انهن ننڍين خامين مان فائدو وٺي حملو ڪري سگھن ٿا، انهيءَ ڪري اسان اهڙي ٽيڪنالاجي ٺاهڻ چاهيون ٿا جيڪا ڊوائيس سان لاڳاپيل مسئلن کان پاڪ هجي.“
ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ محققن محفوظ رابطن لاءِ ”ڊيوائس کان آزاد رينڊم نمبر جنريشن“ نالي هڪ نئون طريقو تيار ڪيو آهي.
اِها ٽيڪنالاجي بئنڪنگ ۽ دفاع جهڙن شعبن لاءِ ڪارائتي ثابت ٿي سگھي ٿي.
پروفيسر اروشي سنها چيو ته ”موبائل فون جي حوالي سان او ٽي پي ٺاهڻ لاءِ بي ترتيب نمبرن جي ضرورت هوندي آهي، ڪوانٽم فزڪس جي اصولن کي استعمال ڪري ان عمل کي محفوظ بڻائي سگھجي ٿو.“
پروفيسر اروشي سنها وضاحت ڪئي ته سندن ٽيڪنالاجي گذريل سالن ۾ ٽيبل ٽاپ ڪوانٽم آپٽڪس آرڪيٽيڪچر استعمال ڪندي تيار ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته ”ڪڏهن ڪڏهن اسان کي غلط فهمي ٿي سگھي ٿي ته اهي طريقا ورهين تائين تجارتي پراڊڪٽس بڻائي نه ٿا سگهجن پر اسان پنهنجي موجودا ڪم سان انهيءَ غلط فهمي کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون.“

نئون طريقو ڪيترو مهانگو آهي؟
پروفيسر انندا سنها چيو ته ”في الحال ڪلائوڊ بيسڊ ڪوانٽم ڪمپيوٽرز تي ڪم ڪرڻ مهانگو آهي پر اِهو خرچ بعد ۾ گهٽجي ويندو ڇو ته اسان جي استعمال ڪيل الگورٿم ۾ رڳو هڪ ڪيوبٽ استعمال ٿيو آهي.“

اڳتي ڇا ٿيڻ وارو آهي؟
هن چيو ته ” ايندڙ ٽارگيٽ آر آر آءِ ۽ اسان جي اسٽارٽ اپ ڪوسِن ٽيڪ جي قيادت ۾، رينڊمنس باڪس نالي هڪ ڪمپيڪٽ ڊيوائس ٺاهڻ آهي جيڪو ”ليگٽ-گرگ ان ايڪواليٽي“ جي اصولن جي بنياد تي حقيقي تصديقي رينڊم نمبر تيار ڪندو.“
سندس چوڻ هو ته ” ان جو پروٽوٽائپ ٺاهڻ شروع ۾ مهانگو هوندو پر جڏهن اسان ان کي ملڪ ۾ مقامي طور تي ٺاهڻ شروع ڪنداسين ته قيمت گهٽجي ويندي ۽ پوءِ اهو عام طور تي سستو ۽ دستياب ٿي ويندو، هي ٽيڪنالاجي بئنڪنگ، دفاع ۽ محفوظ رابطن لاءِ مناسب هوندي.“
پر بئنڪ رينڊم نمبر ڪيئن تيار ڪندا؟
پروفيسر انندا سنها چيو ته او ٽي پي ٺاهڻ لاءِ بئنڪ کي انهن ننڍن يونٽن مان هڪ جي ضرورت پوندي.
سندس چوڻ هو ته ” في الحال مارڪيٽ ۾ موجود تجارتي رينڊم نمبر جنريٽر مڪمل طور تي تصديق ٿيل نه آهن، مڪمل سرٽيفڪيشن اها ڳالهه يقيني بڻائيندي ته ڪو به انهن سان ڇيڙڇاڙ نه ٿو ڪري سگھي، نظرياتي طور تي به نه.“
ماهر پراميد آهن ته پهريون پورٽيبل پروٽوٽائپ تيار ٿيڻ ۾ ٻه يا ٽي سال لڳندا.
پروفيسر اروشي سنها پراميد آهي ته نئين ٽيڪنالوجي استعمال ڪرڻ لاءِ ڊوائيسن ۾ ڦيرڦار ضروري ٿينديون ڇاڪاڻ ته سڀ رينڊم نمبر جنريٽر ڪنهن نه ڪنهن ڊوائيس تي ڀاڙيندا آهن.
ان کانسواءِ موبائل ۾ ڊيٽا محفوظ ڪرڻ جو انداز به بدلجي ويندو، پر فون پاڻ مڪمل طور تبديل نه ٿيندي.
۽ جيڪڏھن هيڪرز يا ڊارڪ ويب جا ماهر ان کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪن ته ؟
پروفيسر انندا سنها چيو ته ”اِها ڪوانٽم فزڪس جي طاقت آهي، جيڪڏھن ٻيو ڪو به اهڙي ئي ڊوائس ٺاهيندو تڏهن به هو ڪنهن ٻي تصديق ٿيل يونٽ جي رينڊم نمبرن جي اڳڪٿي نه ڪري سگهندو، انهيءَ ڪري ان کي هيڪ ڪرڻ ناممڪن آهي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.