ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت پنهنجي شهرت جي سفر کي بالي ووڊ سپر اسٽار شاهه رخ خان کان وڌيڪ ڏکيو قرار ڏئي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪنگنا رناوت تازو نئين دهلي ۾ هڪ تقريب دوران چيو ته منهنجو واسطو هڪ اهڙي ڳوٺ سان آهي، جنهن جو ڪنهن نالو به نه ٻڌو هوندو، ڀملا، توهان شاهه رخ خان جي ڳالهه ٿا ڪيو، ان جو واسطو دهلي سان آهي.
هن چيو ته مرڪزي ڌاري ۾ اچي ايتري ڪاميابي ماڻيندڙ مان شايد پهرين عورت آهيان، جيڪا هڪ ڳوٺ مان آئي آهيان، شايد ڪيترائي ماڻهو منهنجي تجزيي سان اختلاف ڪن، پر مان سچائي جي معاملي ۾ نه رڳو ٻين پر پاڻ سان به ايماندار رهندي آهيان.
پر سوشل ميڊيا واهپيدارن اداڪارا جي ان بيان تي تنقيد ڪئي آهي.
هڪ واهپيدار چيو ته شاهه رخ خان جو نالو کڻڻ ئي ظاهر ڪري ٿو ته هوءَ ان کي گهٽ ظاهر ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن پاڻ کي وڏو ثابت ڪري سگهي، بهتر آهي ته ڪنگنا جو دفاع نه ڪيو وڃي.
ٻئي واهپيدار لکيو ته ان جي والدين کيس چندي ڳڙهه جي ڊي اي وي اسڪول ۾ سائنس پڙهڻ موڪليو هو، اها ڳالهه پراڻي اخبارن ۾ ڇپيل آهي، جڏهن هوءَ سچ ڳالهائيندي هئي.
You might also like