پاڪستان ۾ غير ماڻهو ماڻهو تمام گھڻا اچي رهيا آهن. بنگالي، برمي ۽ ٻين ڪيترن ملڪن مان ماڻهو هتي اچي آباد ٿين پيا. انهن ڌارين مان افغانستان جا ماڻهو سڀني کان وڌيڪ ڏٺا وڃن ٿا. جيڪي سڄي ملڪ جي وسيلن تي قابض ٿي رهيا آهن. هر هنڌ پنهنجو ديرو ڄمائيندا وتن. پنهنجا ڪاروبار کولي رهيا آهن. پنهنجن مائٽن مٽن، يارن دوستن، عزيزن ۽ واسطيدارن کي به هتي گھرائي رهيا آهن ۽ کين ڌنڌن سان لڳائيندا رهن ٿا. اهو سلسلو سڄي ملڪ ۾ جاري و ساري آهي. هتي سندن آدمشماري آهستي، آهستي وڌي رهي آهي. ڏسندي، ڏسندي لکين افغاني اسان جي ملڪ ۾ پهچي ويا
سنڌ ۾ ڪافي ماڻهو سندن سهولتڪار بڻيل آهن خود سرڪار سڳوري به سڌي طرح يا اڻ سڌي طرح انهن کي سهولتون ڏيئي رهي آهي. کين سنڌ جا سياڻپ ڪارڊ جاري ڪري ڏنا پيا وڃن. کين مختلف ضلعن ۾ ڊوميسائيل به ڏنا پيا وڃن ۽ سرڪاري ادارن ۾ نوڪريون به ڏنيون پيون وڃن. انهيءَ کان سواءِ روزگار جا موقعا به ملي رهيا اٿن.. هاڻ ته ٻهراڙين ۾ ڪاٺ جو واپار ڪري رهيا آهن. سرن جي بٺن جا ٺيڪا به کنيا اٿن. دوڪاندار به بڻجي ويا آهن. مطلب ته ڪيترن ئي ڌنڌن ۽ ڪاروبارن سان لڳندا پيا وڃن. جنهن ڪري هاڻ هو غربت جي لڪير کان مٿي ٿيندا پيا وڃن. هتي خوشحالي واري زندگي گذارين پيا. اهوئي سبب آهي جو افغاني جا ڪٽڪ سنڌ جو رخ ڪري رهيا آهن. اهو ته، نقصان ٿئي پيو جو هو هتان جا روزگار هٿ ڪري رهيا آهن. پر، هتي ملڪيتون ۽ جائدادون به خريد ڪندا وتن. زمينون، پلاٽ، مارڪيٽون ۽ جڳهيون خريد ڪري رهيا آهن.
هڪ اندزي موجب سنڌ ۾ ويهه لک افغاني پهچي چڪا آهن. انهن کان وڌيڪ اهو نقصان ٿي رهيو آهي ته، منشيات جو ڪاروبار به ڪري رهيا آهن. اسان جا نوجوان اهي نشي آور شيون خريد ڪري استعمال ڪري رهيا آهن. جنهن ڪري اسان جي ڪافي نوجوانن جو مستقبل اونداهو ٿيندو پيو وڃي. سندن زندگيون تباهي جي طرف ڌڪجنديون پيون وڃن. ان عمل تي ساڃاهه وند فڪر مند آهن ان کان علاوه اسلحو به اهي ئي وڪرو ڪن ٿا. جيڪي سنڌ واسين کي ڏنو پيو وڃي. ان اسلحي جي زور تي جهيڙا ڪيا پيا وڃن. خونريزي وڌي رهي آهي. خاص ڪري قبائلي جهيڙن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي. ڦرون ۽ چوريون به ٿي رهيون آهن. ڌاڙن ۽ اغوائن جهڙا ڏوهه به روز جو معمول بڻجي ويا آهي.
سنڌ جي ماڻهن ڌارين جي آبادڪاري جي خلاف ڪيترائي دفعا احتجاج ڪيا. ڌرڻا هنيا جلسا ۽ جلوس به ڪيا. خاص ڪري سنڌ جون قومپرست ڌريون انهن جي خلاف آواز بلند ڪنديون رهيون. ساڃاه وند ماڻهو رڙيون ڪندا رهيا. پر، حڪومت انهن جي هڪ به ڪونه ٻڌي. حڪومت جي ڪن تي جونءِ به ڪانه چري. البته حڪومت ڪجهه ڏينهن لاءِ پٺاڻن جي خلاف سختي ڪري پوءِ اها ختم ڪري ڇڏي. پٺاڻن کي نرمي ملڻ ڪري ٻيهر پنهنجا ديرا ڄمايا ۽ ساڳئي نموني رهڻ لڳا. هاڻ جڏهن ملڪ ۾ حالتون خراب ٿينديون پيون وڃن. افغانستان ۽ پاڪستان جي سرحد تي ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي. ٻنهي ملڪن جي طرفان فائرنگ جو سلسلو شروع ٿيو آهي ۽ جاني نقصان ٿيو آهي. فوجون هٿيار کڻي مورچابند ٿي حملا ڪري رهيون آهن. تڏهن اسان جي حڪمرانن اکيون پٽيون آهن. هوش ۾ آيا آهن. افغانين کي پنهنجي ملڪ موڪلڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن. وفاق طرفان اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي. هاڻ انهن کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. تڏهن سنڌ حڪومت به تحرڪ ۾ آئي آهي. کين نيڪالي ڏيڻ لاءِ همت ڪئي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪراچي ۾ افغانين جو تعداد تمام گھڻو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هاڻ سنڌ حڪومت به انهن کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ لاءِ کين لڏرائي رهي آهي. پٺاڻن جي ڳوٺن کي خالي ڪرايو پيو وڃي. اهو، هڪ سٺو قدم آهي. آئون سمجهان ٿو ته، ان فيصلي تي سنڌ جو هر ماڻهو ضرور خوش ٿيو هوندو. پر، ساڳئي وقت اهو به انديشو ۽ خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته، ڪجهه وقت گذرڻ کان پوءِ، حڪومت طرفان انهن سان نرمي نه ڪئي وڃي. نرمي ڪرڻ سان اهي ٻيهر واپس اچي سگھن ٿا ۽ هتي وري مضبوطي سان ڌاڪو ڄمائڻ جي ڪوشش ڪندا. جيئن ماضي ۾ ٻه ٽي دفعا ائين ٿيو هو. اهڙن مثالن کي ماڻهو وساري ڪونه سگھيا آهن. پر، اهي چڱي طرح ياد آهن. خدا ڪري هن ڀيري ائين نه ٿئي.