سنڌ جا قدرتي وسيلا جيڪڏهن ايمانداري سان سنڌ جي عوام تي خرچ ڪيا وڃن، ته هي ڌرتي نه صرف خوشحال ٿي سگهي ٿي، پر تعليم، صحت، روزگار ۽ ترقيءَ جو مرڪز پڻ بڻجي سگهي ٿي. پر افسوس ته سنڌ جي معدني وسيلن مان ڪمايل اربين رپين مان مقامي ماڻهن جي ڀلائي، تعليم، صحت توڙي روڊن ۽ رستن تي اٽي ۾ لوڻ برابر به رقم خرچ نٿي ڪئي وڃي. سنڌ جا ماڻهو اڄ به بنيادي سهولتن کان محروم زندگي گذاري رهيا آهن، جڏهن ته سندن زمينن جي هيٺان هٿ ايندڙ تيل ۽ گئس ٻين جي گهرن جي روشني ۽ روزگار جو ذريعو بڻجي ٿو. اهو رريو ڏهاڪن کان سنڌ جي ماڻهن سان جاري آهي. سڄي سنڌ جي اقتصاديات جو وڏو حصو انهن ضلعن مان ملي ٿو، جتي نه ته پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر آهي ۽ ئي بهتر اسڪول، اسپتالون، تفريحي گاهون، راندين جا ميدان وغيره آهن.
ان تناظر ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبر سجاد علي سومري پاران پيش ڪيل ٺهراءُ هڪ حوصلا افزا ۽ عوامي نمائندگيءَ وارو قدم آهي، جنهن جو تعلق سنڌ جي بنيادي حقن جي بحاليءَ سان آهي. ٺهراءُ ۾ جن نُڪتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، سي حقيقت ۾ سنڌ جا اهم ۽ بنيادي مسئلا آهن. سجاد علي سومرو پنهنجي ٺهراءُ ۾ واضع ڪيو آهي ته گھوٽڪي، سانگهڙ، خيرپور، ڄامشورو، بدين، ٽنڊوالهيار ۽ ٻين ضلعن مان روزانو اربين رپين جو تيل ۽ گئس نڪري ٿو، پر انهن علائقن کي رائلٽي جي رقم کان محروم رکيو ويو آهي. ان لاءِ سنڌ جي وسيلن تي رڳو قبضو ڪندڙ طبقا ئي خوشحال آهن، عوام نه. انهن ضلعن جا مقامي ماڻهو نه ته پنهنجي زمين جي پيداوار مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ نه ئي انهن کي ڪو معاشي سهارو ملي ٿو. تيل ۽ گئس ڳوليندڙ ڪمپنيون، جيڪي روزانو ڪروڙين رپين جو تيل وغيره حاصل ڪن ٿيون سي نه رڳو مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪن ٿيون، پر ماحول کي به برباد ڪري رهيون آهن. گھوٽڪيءَ ۾ ڪارخانن مان نڪرندڙ زهريلو پاڻي جڏهن زمين ۾ ڇڏيو وڃي ٿو، تڏهن اهو زهريلو پاڻي جر کي به خراب ڪري ٿو، جنهن مان مختلف خطرناڪ بيماريون پکڙجي رهيون آهن ۽ ان سان گڏ زهريلو دونهون پڻ بيمارين جو سبب بڻجي رهيو آهي. جن علائقن مان ملڪ جي توانائيءَ جو وڏو حصو پورو ٿئي ٿو، اهي علائقا ۽ ڳوٺ بجلي ۽ گيس جي سهولتن کان محروم آهن. ۽ اتان جا رهواسي هن جديد دؤر ۾به ڇيڻا ٻاري رڌ پچاءُ ڪن ٿا ۽ رات جو ڏيئا ٻاري گهرن ۾ روشني ڪن ٿا. اهو استحصال آهي، جيڪو هاڻ ڀيانڪ صورت اختيار ڪري چڪو آهي.
سجاد علي سومري جو اهو مطالبو بلڪل جائز آهي ته سنڌ حڪومت هڪ اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي جوڙي، جيڪا گذريل سترهن سالن ۾ تيل ۽ گئس رائلٽي جي مد ۾ حاصل ٿيندڙ رقم جا تفصيل عوام آڏو رکي ڇو ته عوام کي اڄ ڏينهن تائين اها ڄاڻ به ناهي ڏني وئي ته ڪيتري رقم ملي ۽ اها رقم آخر ڪٿي خرچ ٿي. عوام کان اهو سڀ ڪجهه لڪائڻ، ساڻن ڌوکو آهي. ٻي اهم ڳالهه جيڪا ٺهراءُ ۾ ڪئي وئي آهي، سا اها آهي ته انهن ضلعن ۾ قائم تيل، گئس ۽ ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪارخانن ۾ مقامي نوجوانن کي روزگار نٿو ڏنو وڃي. هر ڳوٺ، هر شهر جو نوجوان روزگار جي ڳولا ۾ در بدر آهي، جڏهن ته سندس ئي زمين مان نڪرندڙ دولت سان ٻيا ماڻهو امير بڻجي رهيا آهن. مقامي نوجوانن کي نظرانداز ڪرڻ سان منجهن احساس محرومي پيدا ٿي رهي آهي، جيڪا کين مختلف سوچڻ ۽ ڪرڻ تي اڪسائيندي نظر اچي رهي آهي. ان صورتحال ۾ جڏهن مقامي نوجوان پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪن ٿا، ته مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا وڃن ٿا. ڏهرڪي ويجهو ماڙي گئس ڪمپني جي ڏاڍ خلاف ٿيل احتجاج دوران نوجوانن تي داخل ڪيل ڪوڙا ڪيس رڳو انهن مظلوم ماڻهن جي زبان بند ڪرائڻ جي ڪوشش آهي، جيڪي روزگار ۽ پنهنجي وسيلن تي مالڪي جو حق گهري رهيا آهن. سنڌ جي زمين ايتري زرخيز آهي جو جيڪڏهن انصاف سان ان جي وسيلن کي استعمال ڪيو وڃي، ته هي ڌرتي ملڪ جي هر شهري لاءِ خوشحالي جو مرڪز بڻجي سگهي ٿي. پر صورتحال اها آهي ته نه تعليم آهي، نه صحت، نه روزگار، نه روڊن جي سهولت. وڏن ضلعن جا اسپتال به ڪنهن تباھ ٿيل عمارتن جو منظر پيش ڪن ٿا، اسڪولن ۾ استاد نه آهن، تعليم تباهه ٿيل آهي.
سنڌ سرڪار نه صرف ان ٺهراءُ کي سنجيدگيءَ سان وٺي، پر ان تي عملي قدم به کڻندي اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا عوام آڏو شفاف رپورٽ پيش ڪري. هر ضلعي مان نڪرندڙ معدنيات جي مد ۾ ڪيتري رقم ملي ٿي ۽ اها رقم ڪٿي استعمال ڪئي وڃي ٿي. ساڳئي وقت تيل ۽ گئس ڪمپنين کي به پابند ڪيو وڃي ته هو لاڳاپيل ضلعن جي مقامي نوجوانن کي ترجيح بنيادن تي نوڪريون ڏين. ماحولياتي قانونن تي سختي سان عمل ڪرائڻ ضروري آهي ته جيئن سنڌ جي زمين ۽ پاڻي وڌيڪ گندلاڻ جو شڪار نه ٿين. گھوٽڪيءَ ۽ ٻين ضلعن ۾ زهريلي پاڻي کي بور وسيلي زمين اندر ڇڏڻ نه ڏيو وڃي ڇاڪاڻ ته ڪمپنين جي ان عمل سان انساني صحت ۽ زندگيءَ لاءِ خطرا وڌي رهيا آهن.
سنڌ جا وسيلا، سنڌ جي ماڻهن جا ئي آهن. انهن تي اشرافيه جو ناجائز قبضو ۽ اختيار نه هلڻ گهرجي ته جيئن سنڌ جا ماڻهو به تعليم، صحت، صاف پاڻي، روزگار ۽ عزت واري زندگيءَ گذارڻ جو حق حاصل ڪري سگهن.