افغانستان سان جنگ بندي بعد زبان به بند ڪئي وڃي: فضل الرحمان

پشاور(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته افغان قيادت سان رابطا ٿيا آهن ۽ اسين چاهيون ٿا ته مسئلا سمجهداري سان حل ڪيا وڃن. اسلام آباد جي ڪنونشن سينٽر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ماضيءَ ۾ به پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو هو، ۽ هاڻ به اهو ڪردار ادا ڪري سگهان ٿو. هن چيو ته افغان قيادت سان رابطن جو سلسلو جاري آهي، ۽ اسان چاهيون ٿا ته مسئلا ڳالهين ۽ سمجهه سان حل ٿين. پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ هاڻ جنگ بندي ته ٿي وئي آهي، هاڻ زبان بندي به ٿيڻ گهرجي. اشتعال بدران حالتن کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ٿيڻ گهرجي. مولانا فضل الرحمان چيو ته تحريڪ لبيڪ سان جيڪو سلوڪ ڪيو ويو، ان جي ماضيءَ ۾ به مذمت ڪئي هئي ۽ هاڻ به ڪندو آهيان. ڪنهن به حال ۾ تحريڪ لبيڪ خلاف تشدد جو رستو اختيار نه ڪرڻ گهرجي ها.هن چيو ته ڪشمير بابت افغان پرڏيهي وزير جي بيان تي واويلا ڪرڻ بدران، ڪشمير تي پاڻ پنهنجي ڪردار کي به ڏسڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.