طالبان جي هڪ ڀيرو ٻيهر فائرنگ،پاڪ فوج جو ڀرپور جواب، چوڪيون تباهه

پشاور(م ڊ) خيبر پختونخوا جي ضلعي ڪُرم ۾ افغان طالبان ۽ فتنهءِ خوارج هڪ ڀيرو ٻيهر بنا ڪنهن اشتعال جي فائرنگ شروع ڪئي، جنهن تي پاڪ فوج پاران سخت ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويو. سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ افغان طالبان ۽ فتنهءِ خوارج کي سخت نقصان رسيو، ۽ انهن جون چوڪيون باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويون. ذريعن موجب، پاڪ فوج جي فائرنگ سان افغان طالبان جو هڪ ٽينڪ پڻ تباهه ٿي ويو، ۽ طالبان پنهنجي چوڪيون ڇڏي ڀڄي ويا.سيڪيورٽي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪُرم سيڪٽر ۾ طالبان جي هڪ ٻي پوسٽ ۽ ٽينڪ جي پوزيشن پڻ تباهه ڪئي وئي، جڏهن ته طالبان ڪيترائي لاش پوسٽ تي ڇڏي فرار ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.