اسلام آباد/لاهور (بيورو/م ڊ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي امير سعد رضوي، سندس ڀاءُ انس رضوي سميت پارٽي جي مجلس شورا جي ميمبرن ۽ مظاهرين خلاف مختلف قلمن تحت وڌيڪ 3 ڪيس مريد ڪي جي سٽي ٿاڻي تي داخل ڪيا ويا آهن جنهن کانپوءِ انگ 4 ٿي ويو آهي. ڪيسن ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ، ڀڃ ڊاهه تي ڀڙڪائڻ، تشدد، حڪومت ۽ رياستي ادارن، پوليس ۽ انتظاميا کي گهٽ وڌ چوڻ، عوام کي رياست خلاف بيهڻ تي ڀڙڪائڻ جا الزام لڳايا ويا آهن. ڪيسن ۾ پوليس وڌيڪ 104 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان کان اڳ 4 جوابدار حراست ۾ ورتا ويا هئا، هاڻي انگ 108 ٿي ويو آهي. چارئي ڪيس پوليس اهلڪارن جي فرياد تي داخل ڪيا ويا آهن، پوليس چيو ته گرفتار ٿيل جوابدارن وٽان، پيٽرول بم، پسٽل، ڏنڊا ۽ پٿر مليا. ڪيسن ۾ 30 قلم لڳايا ويا آهن، دهشتگردي جي خاتمي جا 2 قلم به شامل آهن جن جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ۽ عمر قيد جي سزا به اچي سگهي ٿي. هوڏانهن موٽروي تي ڀڃ ڊاهه جي الزام ۾ ٽي ايل پي جي 200 ڪارڪنن خلاف شيخوپورا جي صدر ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ان ڪيس ۾ 12 قلم لڳايا ويا آهن. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي امير سعد رضوي ۽ انس رضوي جو پتو لڳائي ورتو آهي، سندن چوڻ آهي ته ٻنهي کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، ڪير ساڻن سهڪار ڪندو ته سهڪار ڪرڻ وارن خلاف به ڪارروائي ٿيندي. سندن زخمي هجڻ بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي پر جيڪڏهن هو زخمي آهن ته کين پاڻ کي قانون حوالي ڪرڻ گهرجي جيئن سندن علاج ڪرائي سگهجي. ياد رهي ته ٻئي اڳواڻ مريد ڪي مان اوچتو گم ٿي ويا هئا. ٻئي پاسي حڪومت ٽي ايل پي واقعي تي جعلي خبرن خلاف وڏو ايڪشن وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. فيڪ نيوز نيٽ ورڪ وائکو ڪندي مرڪزي ڪردارن جي لسٽ تيار ڪئي وئي آهي، ملوث ماڻهن خلاف پي سي سي آءِ اي تحت ڪيس داخل ٿيندا، ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ۽ خاص يونٽن طرفان گرفتارين جو امڪان آهي. جعلي وڊيوز ۽ آڊيوز جي فرانزڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، سوشل ميڊيا پليٽ فارمن کي نوٽيس جاري ڪندي اهڙن اڪائونٽس جي معطلي جي سفارش ڪئي وئي آهي. لاهور ۾ پوليس ٽي ايل پي جي سربراهه سعد رضوي جي گهر تي ڇاپي ۾ هٿ آيل رقم ۽ ٻئي سامان جا تفصيل جاري ڪيا جن موجب، 11 ڪروڙ 44 لک پاڪستاني ڪرنسي، 50 هزار ڀارتي ڪرنسي، برطانيا، ڪينيڊا، سعودي عرب، يو اي اي جي ڪرنسي به ملي. پرڏيهي ڪرنسي جي ماليت 25 لک رپين کان وڌيڪ آهي جڏهن ته 6 ڪروڙ 34 لک کان وڌيڪ ماليت جو سون به مليو. ٻئي پاسي ٽي ايل پي مريد ڪي ۾ سڪيورٽي اهلڪارن جي مبينا فائرنگ ۾ مارجي ويل 3 ڪارڪنن جا لاش وٺڻ لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ وفاقي حڪومت ۽ لاهور پوليس سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.
-
ٽي ايل پي کي ايترو سگهارو ڪنهن بڻايو؟
اسلام آباد(امتياز گل) جنرل ضيا الحق جي دور ۾ جيڪا پاليسي رکي وئي جنهن تحت سني، ديوبندي، بريلوي، شيعا ۽ مذهبي-سياسي-عددي ڌڙا مختلف طريقن سان رياست جي عملداري کي چئلينج ڪرڻ جو وسيلو بڻيا ، اهو سلسلو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري آهي. اهو سلسلو 1986-87 کان هلندڙ آهي.هي سڀ ڇو ٿيو؟ ظاهر آهي رياست جا پڻ ڪي ذاتي مفاد هئا. تازو جيڪو ٿيو، جڏهن ٽي ايل پي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وئي، ان جي پويان ڇا سبب هئا؟ هڪ راءِ آھي ته گهرو وزير جي سخت ڪارروائي ايف آءِ ايف وغيره جي مشورن تي ڪئي وئي، ٻي راءِ اها آهي ته سخت غصي سبب هي قدم کنيو ويو ڇاڪاڻ ته ٽي ايل پي انهن ماڻهن جي سرپرستيءَ هيٺ آئي جن کي اڳ ڪنهن حد تائين تربيت ۽ سهڪار ڏنو ويو، پر هن ڀيري انهن کي رياست خلاف بيهاريو ويو ۽ سفارتي جڳهن تي چيلنج ڪيو.هاڻي سوال اهو آهي ته ٽي ايل پي کي ايترو بااختيار ڪنهن بڻايو؟ جيڪا شدت ۽ ڪيترن ئي تازن واقعن مان ظاهر ٿيندڙ رويو آهيٽي ايل پي جا 2017، 2018، 2020 ۽ 2021 وارا احتجاج، ۽ فيض آباد جي اندر ڪجهه وقت تائين قبضي جهڙا اهي واقعا عوام جي زندگي کي مفلوج ڪندا رهيا. فيض آباد جي دهرڻي دوران، اسٽيبلشمنٽ جي ڪجهه آفيسرن جي مداخلت جي نشاندهي کان پوءِ به ڪيتريون سازشون سامهون آيون،.ڇا ٽي ايل پي جو موجوده رويو صرف خارجي پاليسي تي اعتراض آهي؟ نه — اصل ۾ هنن جي مطالبن جي پرديءَ هيٺ ٻيون سياسي ۽ سماجي حقيقتون هونديون آهن. اهي گروھ گذريل سالن ۾ بار بار عوام جي زندگين کي متاثر ڪندا آيا آهن، ۽ هر دفعي عوام ۽ رياستي ادارن جون قربانيون عوام تي وڌن ٿيون.وڏي ڳالهه اها آهي ته انهن گروهن کي اڳتي وڌائڻ ۽ تحفظ ڏيڻ وارن سڀني ماڻهن کي به پاڻ جوابده بڻجڻو پوندو. اهي سرپرست جيڪي انهن کي استعمال ڪندا رهيا آهن عارضي مفادن لاءِ، اڄ ڏسي رهيا آهن ته جنم ڏنل “جهادي” هاڻي ننڍن ننڍن بلائن ۾ ڦهلجي چڪا آهن قانون سڀني تي برابر لاڳو ٿيڻ گهرجي، نه ڪي مخصوص گروهن تي ڇڏي ڏنو وڃي. نه ته پاڪستان رڳو وڌيڪ نقصان نه ٿيندو، پر عالمي سطح تي به اها تصوير جنم وٺندي ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن کي انتهاپسند گروهه بليڪ ميل ڪن ٿا.
-
نرم رويي جي ڪري ٽي ايل پي اڳتي وڌي،هاڻي رياست بليڪ ميل نه ٿيندي
اسلام آباد(م ڊ)گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته ٽي ايل پي وارن ٻه ڀيرا مارچ ڪيا،کين ڍر ڏني وئي جيڪو سٺو فيصلو نه هو، پهريون ڀيرو انهن پاڪ ڀارت جنگ دوران احتجاج ڪيو،ٻيو ڀيرو پاڪ افغان ويڙهه دوران انهن احتجاج شروع ڪيو،هن چيو ته جٿن جي بليڪ ميلنگ ۾ نه اينداسين،9 مئي،26 نومبر هجي يا ٽي ايل پي جا ڌرڻا هجن اهي برداشت نه ڪيا ويندا،انهن سان 9 مئي جهڙو سلوڪ ٿيندو،ڪيسن جا فيصلا به ٿيندا،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اسان جي اهلڪارن کي گوليون لڳيون آهن،ايس ايڇ او کي ڪيئي درجن گوليون لڳيون آهن،هاڻي انهن سان گهٽ نه ٿيندي، ٽي ايل پي سان ڳالهيون ڪيون ويون،انهن مذهبي اڳواڻن کي به شرمسار ڪيو،کين واپسي جو رستو به ڏنو ويو،انهن جي مطالبن ۾ فلسطين جو ذڪر نه هو، اهي حيران ڪندڙ مطالبا هئا،جن ۾ پڪڙيل پئسا،سون ،گرفتار ڏوهارين جي آزادي شامل هئي،پسنديده مولوين کي سرڪاري پوسٽن تي مقرري جا مطالبا به هئا،احتجاج ڪندڙن جي قيادت کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا،جن ڏوهه ڪيو ۽ جن ڪرايو انهن کي ڪيس ڀوڳڻا پوندا،هن چيو ته افسوس جو مقام آهي ته ڪالهه کان پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا تي ٽي ايل پي جي ڌرڻي جي حمايت ڪري رهي آهي،رياست جو فيصلو آهي ته هاڻي بليڪ ميل ناهي ٿيڻو،28 ماڻهن کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ کان روڪيو ويو آهي،فيڪ نيوز پکيڙيندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي،اها ڪارروائي وقتي ناهي،ٻاهرين ملڪ ويٺل پاڪستان ۽ دين جو نالو خراب ڪري رهيا آهن،اهي ٻاهر ويهي سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا پکيڙي رهيا آهن،انهن جا اڪائونٽس بلاڪ ٿيندا،گرفتاريون ٿينديون،ثبوتن سان کين سزائون ڏيارينداسين،هن چيو ته مون کي به ڌمڪيون مليون آهن،ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي،ماضي ۾ رياست جي نرم روئي جي ڪري اهي اڳتي آيا پر هاڻي نظر ايندو ته جٿا ڪنهن کي ڌمڪيون نه ڏئي سگهندا
-
سعد رضوي وٽ ايترو سون ۽ پئسا ڪٿان آيا؟پنجاب حڪومت
لاهور (عوامي آواز نيوز) پنجاب پوليس دعويٰ ڪيو آهي ته تحريڪ لبّيڪ پاڪستان (TLP) جي سربراهه سعد حسين رضوي جي گهر تي ڇاپي دوران وڏي مقدار ۾ غير ملڪي ڪرنسي، پرائز بونڊز، سون ۽ چاندي هٿ آيا آهن۔ بي بي سي جي رپورٽن موجب پوليس طرفان سماجي رابطن واري پليٽفارم اِڪس (X) تي سادي ڪاغذ تي لکيل تفصيلن ۾ لکيل آهي ته اها ڪارروائي انسپيڪٽر عمر ڊوگر اين سي سي آءِ اي ۽ ايف آءِ اي جي اهلڪارن جي موجودگيءَ ۾ ڪئي، ۽ ان دستاويز تي ٽنهي جون صحيحون موجود آهن۔پوليس جي طرفان البت اها وضاحت نه ڪئي وئي آهي ته ضبط ڪيل شين جي قانوني حيثيت ڇا آهي ۽ انهن تفصيلن کي سوشل ميڊيا تي ڇو شيئر ڪيو ويو۔ بي بي سي موجب، پوليس سان وڌيڪ ڄاڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو پر ڪوبه جواب نه مليو۔ٽي ايل پي جي طرفان پڻ هن معاملي تي اڃا تائين رسمي بيان جاري نه ٿيو آهي، البت ٻن ڏينهن اڳ پارٽي جي ڪيترن ئي ميمبرن ڇاپي جي تصديق ڪئي هئي۔ ٽي ايل پي سان لاڳاپيل سوشل ميڊيا ڪارڪنن دعويٰ ڪئي ته پوليس جيڪي شيون ڏيکاري رهي آهيون، اهي پاڻ سان کڻي آيا هئا ۽ اها سڀ ڪجهه "پراپيگنڊا” آهي۔پوليس جي جاري تفصيلن موجب، سعد رضوي جي گهر مان 1922 گرام سون، 898 گرام چاندي، 50 هزار ڀارتي رپيا، 2885 يورو، 8592 سعودي ريال، 4250 برطانوي پائونڊ، 2500 هانگ ڪانگ ڊالر، 200 ڪينيڊين ڊالر، 1440 درهم، 5200 شامي ڪرنسي، 84 ملئيشين رنگٽ، هڪ آمريڪي ڊالر ۽ 25 عراقي دينار هٿ آيا آهن۔ان کان علاوه، پوليس موجب 11 ڪروڙ 41 لک کان وڌيڪ پاڪستاني رپيا به سعد حسين رضوي جي گهر مان برآمد ٿيا۔پوليس جي ڪارروائي کان پوءِ پنجاب حڪومت پڻ هن معاملي تي سوال اٿاريا آهن۔صوبائي حڪومت سماجي رابطن تي سوال رکيو ته:آخر سعد رضوي جو ڪاروبار ڇا آهي؟ ڇا هي رقم دشمن ملڪن جي خفيه ايجنسين طرفان ڏنل آهي؟ انهن اثاثن جا ذريعا ڪهڙا آهن؟ ڇا هي صدقن ۽ خيرات جو پئسو هو؟ هڪ مدرسي جي مولوي جي گهر ۾ سون جون سِرون ڪيئن آيون؟”سعد رضوي يا ٽي ايل پي قيادت طرفان هن وقت تائين ان معاملي تي ڪو به تبصرو يا وضاحت پيش نه ڪئي وئي آهي۔
-
ٽي ايل پي وارن 60 اهلڪار مستقل طور معذور ڪري ڇڏيا: ڊي آءِ جي آپريشنز
لاهور(عوامي آواز نيوز)ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور فيصل ڪامران چيو آهي ته سعد رضوي فرار ٿيل آهي،کيس گولي لڳي آهي ته ثبوت ڏين،سعد رضوي پوليس وٽ ناهي،جلد ٽريس ڪري وٺنداسين،اسان جي 17 اهلڪارن کي گوليون لڳيون آهن،ٽي ايل پي وارا 282 لاشن جا ثبوت آڻي ڏيکارين،شاهدره ۾ مظاهرين پوليس اهلڪارن تي تشدد ڪيو،مظاهرين پوليس تي سڌي فائرنگ ڪري رهيا هئا،پوليس اهلڪارن ۽ ايس ايڇ او کي گولي لڳي ته رياست خاموش رهندي؟،مظاهرين جي تشدد سان 60 پوليس اهلڪار مستقل طور تي معذور ٿي ويا،انهن وٽ جيڪي ڏنڊا هئا انهن ۾ ڪوڪا لڳل هئا،اهي رڳو انتشار پکيڙي رهيا هئا،دشمن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن،هن چيو ته اسان ٽي ايل پي وارن کي چيو ته غزا ۾ ته ماڻهو خوش آهن توهان ڇا لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهيو؟ اهي هميشه ڪوڙ ڳالهائي ماڻهن کي گمراهه ڪن ٿا، هن ڀيري انهن رياست جو وڏو نقصان ڪيو آهي،انهن کي هر ڀيري معافي ملي آهي پر هن ڀيري ساڻن گهٽ نه ٿيندي،پوليس وارن جي حالت ڏسجي ته انهن جٿن سان منهن ڏيڻ ايترو آسان ناهي
-
مذهبي جماعت خلاف ڪارروائي، جوابدارن جا بينڪ اڪائونٽ منجمد
لاهور (م ڊ) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) تشدد وارين سرگرمين ۾ ملوث هڪ مذهبي گروهه خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. ايف آءِ اي جي ترجمان موجب، مذهبي گروهه جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي اڪائونٽس ۽ اثاثن جي جاچ ڪئي پئي وڃي. ترجمان چيو ته جوابدارن جا ڪيترائي بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪيا ويا آهن، ۽ منجمد اڪائونٽس کي تشدد واري احتجاج جي فنڊنگ لاءِ استعمال ڪيو پئي ويو. ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته مالي مدد ۾ ملوث ماڻهن جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ وجهڻ جو عمل جاري آهي.