لنڊن (مرتضيٰ علي شاهه) صدر مملڪت آصف علي زرداري لڳ ڀڳ 10 ڏينهن لنڊن ۾ قيام ڪيو، جڏهن ته لنڊن پهچڻ کان اڳ هن آسٽريا جو چار ڏينهن وارو دورو پڻ ڪيو، جنهن بابت معتبر ذريعن تصديق ڪئي آهي ته صدر زرداري اهو دورو بلاول ڀٽو زرداري جي هڪ ويجهي سڃاڻپ رکندڙ آسٽريائي خاندان جي خاص درخواست ۽ دعوت تي ڪيو هو.
معتبر ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري آسٽريا ۾ جنهن خاندان سان ملاقات لاءِ ويو، ان خاندان جا فريال ٽالپر جي خاندان سان پڻ ويجها لاڳاپا آهن ۽ ڪجهه مهينا اڳ فريال ٽالپر جي ڌيءَ جي شادي ۾ ڄاڻايل آسٽريائي خاندان پڻ شرڪت ڪئي هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ان کان پوءِ پاڪستان کان ٻاهر هڪ ٻئي هنڌ بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڄاڻايل خاندان وچ ۾ ملاقات پڻ ٿي، جنهن کان پوءِ آسٽريائي خاندان اصرار ڪيو ته هو صدر آصف علي زرداري کي پنهنجي گهر خاص مهمان طور دعوت ڏيڻ چاهين ٿا. ان خاص دعوت تي صدر زرداري آسٽريا پهتو ۽ لڳ ڀڳ چار ڏينهن اتي قيام ڪيو.
ان دوري دوران خاندان جي انتهائي ويجهن ذريعن طرفان اهي اطلاع پڻ سامهون آيا ته امڪاني طور بلاول ڀٽو زرداري جي شادي يا مڱڻي بابت ڳالهه ٻولهه اڳتي وڌي سگهي ٿي.
ان حوالي سان آڪسفورڊ يونيورسٽي سان لاڳاپيل ٽن مختلف ذريعن، جيڪي بلاول ڀٽو زرداري جا هم ڪلاسي پڻ رهي چڪا آهن، ٻڌايو ته بحث هيٺ آسٽريائي خاندان جا بلاول ڀٽو زرداري سان لاڳاپا نوان نه، پر سندس شاگرديءَ واري زماني کان هلندا پيا اچن.
انهن ذريعن موجب آسٽريائي خاندان سان تعلق رکندڙ بلاول ڀٽو جي دوست سان سندس دوستي ان وقت کان قائم آهي، جڏهن هو آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري جي ڀينرن سان پڻ سندس دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ وقت سان گڏ ٻنهي خاندانن وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن.
بلاول ڀٽو زرداري ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي پنهنجي شادي بابت سامهون آيل خبرن جي ترديد ڪئي هئي، جڏهن ته ذريعن موجب ان معاملي بابت رابطن ۽ ملاقاتن جو سلسلو ختم نه ٿيو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران وڌيڪ ملاقاتن جو پڻ امڪان آهي.