ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ منڪي پاڪس جو هڪ ٻيو ڪيس سامهون آيو آهي.
سرجاني ٽائون جي 45 ورهين جي رهواسي ۾ ايم پاڪس جي تصديق ٿي آهي، متاثر شخص کي سنڌ انفيڪشن ڊزيز اسپتال آندو ويو هو.
اسپتال انتظاميا موجب متاثر مريض جي جسم تي داغ ظاهر ٿيڻ کانپوءِ پي سي آر ٽيسٽ ڪيو ويو، جنهن ۾ منڪي پاڪس جي تصديق ٿي.
هلندڙ سال سنڌ ۾ ايم پاڪس جا 42 تصديق ٿيل ڪيس سامهون اچي چڪا آهن، جن مان 14 ڪيسن جو تعلق ڪراچي سان آهي.