آمريڪا جنگ کٽڻ وارو آهي، آبناءِ هرمز تي اسانجو قبضو آ: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ايران خلاف جنگ کٽي رهيو آهي ۽ آبنائي هرمز آمريڪا جي قبضي ۾ آهي.

ٽرمپ ٽيڪساس جي شهر ڊيلاس ۾ ريپبلڪن پارٽي جي وچ مدي وارين چونڊن واري گڏجاڻي جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ايران خلاف آمريڪا کي ڪاميابيون حاصل ٿي رهيون آهن.

آمريڪي صدر ٽرمپ اڳوڻين آمريڪي حڪومتن جي ماحول دوست پاليسين کي وڌندڙ مهانگائي جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ته آمريڪا ۾ مهانگائي گهٽائڻ لاءِ منهنجي حڪومت خوراڪ سميت لڳ ڀڳ سمورين شين جي اگهن ۾ تيزيءَ سان گهٽتائي آندي آهي، جڏهن ته ايران خلاف جنگ کٽڻ کانپوءِ تيل جا اگهه وڌيڪ گهٽ ٿيندا.

ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر آبنائي هرمز جو نالو تبديل ڪري ان کي ’آبنائي ٽرمپ‘ رکڻ جي تجويز ڏني ۽ طنزيه انداز ۾ چيو ته مون کي يقين آهي ته ايراني قيادت هن نالي سان تمام گهڻي خوش ٿيندي.

آمريڪي صدر ايران کي گذريل 51 سالن کان وچ اوڀر جو ’دٻدٻي وارو ملڪ‘ قرار ڏيندي چيو ته هاڻي ايران خطي ۾ اڳ وانگر طاقتور نه رهيو آهي.

You might also like