يمن جنگ ۾ پاڪستان کي ڦاسائي گوادر بندرگاهه تي حملو ڪيو ويندو: اڳوڻو آمريڪي فوجي

آمريڪي فوج جي اڳوڻي گرين بيريٽ ۽ جنگي ناما نگار مائيڪل يون دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان آهستي آهستي حوثين سان لاڳاپيل وچ اوڀر جي جنگ جي ويجهو پهچي رهيو آهي ۽ هن سموري صورتحال جي پٺيان اصل نشانو چين ۽ عربي سمنڊ جي ڪناري تي واقع گوادر بندرگاهه ٿي سگهي ٿي.

مائيڪل يون جو چوڻ آهي ته هن ڪيترائي مهينا اڳ روزانو ٿيندڙ حملن ۽ فوجي ڪاررواين کي الڳ الڳ واقعن طور ڏسڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ هاڻي جاپان ۾ ويهي هو سڄي صورتحال کي وسيع پسمنظر ۾ ڏسي رهيو آهي، جنهن کان پوءِ هو ان نتيجي تي پهتو آهي ته بظاهر مختلف علائقن ۾ ٿيندڙ تڪرار اصل ۾ هڪ ئي وڏي جنگ جون مختلف شڪليون آهن. سندس لفظن ۾، ”هي بلڪل اها ئي جنگ آهي، رڳو جنگ جو هنڌ مختلف آهي.“

مائيڪل يون موجب وچ اوڀر، فاڪ لينڊ ٻيٽن، پاناما ۽ تائيوان سميت مختلف جاگرافيائي علائقن ۾ جاري يا اڀرندڙ ڇڪتاڻ کي الڳ الڳ بحران سمجهڻ بدران هڪ وسيع عالمي ٽڪراءَ جو حصو سمجهڻ گهرجي.

هن خاص طور تي سعودي عرب جي دفاع بابت پاڪستان جي موقف کي انتهائي اهم قرار ڏيندي دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن پاڪستان حوثين سان لاڳاپيل ڪنهن جنگ يا علائقائي فوجي تڪرار ۾ عملي طور شامل ٿي وڃي ٿو ته ان کان پوءِ ڪو اهڙو حملو، جنهن جو الزام اسلام آباد تي مڙهي سگهجي، پاڪستان خلاف ڪارروائي جو جواز پيدا ڪري سگهي ٿو ۽ اهڙي صورتحال ۾ گوادر بندرگاهه کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو.

مائيڪل يون موجب گوادر جي اصل سامري اهميت ان ڪري آهي، جو اها عربي سمنڊ تي واقع چين جي ”پٽي ۽ شاهراهه“ رٿا سان لاڳاپيل اهم بندرگاهه ۽ چين-پاڪستان اقتصادي راهداري جي وڏن منصوبن ۾ شامل آهي. تنهن ڪري پاڪستان کي ڪنهن علائقائي جنگ ۾ ڇڪڻ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ڇڪتاڻ آخرڪار چين جي مفادن تائين پهچي سگهي ٿي.

مائيڪل يون مستقبل جي تڪرارن بابت پاڻي کي ان کان به وڌيڪ خطرناڪ عنصر قرار ڏيندي ايٿوپيا جي نئين ڊيم ۽ نيل درياهه جو مثال ڏنو. سندس چوڻ هو ته مصر پنهنجي پاڻي جي ضرورتن لاءِ لڳ ڀڳ مڪمل طور نيل درياهه تي ڀاڙي ٿو ۽ مٿين علائقن ۾ موجود وڏا ڊيم پاڻي جي وهڪري کي ضابطي ۾ رکڻ جي صلاحيت سبب مستقبل ۾ انتهائي طاقتور سامري هٿيار بڻجي سگهن ٿا.

هن دعويٰ ڪئي ته اهڙا ڊيم، جن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي يا مرحليوار طريقي سان استعمال ڪري پاڻي جي وهڪري تي وڏي پيماني تي اثرانداز ٿي سگهجي، ايندڙ ڏهاڪي جي اهم ترين جاگرافيائي ۽ سياسي هٿيارن ۾ شامل ٿي سگهن ٿا.

مائيڪل يون پاڪستان، گوادر، وچ اوڀر، ڳاڙهي سمنڊ، تائيوان ۽ پاڻي بابت مستقبل جي تڪرارن کي هڪ وسيع عالمي سامري تصوير سان ڳنڍيندي ان کي چين خلاف مبينا صهيوني وڏي حڪمت عملي جو حصو قرار ڏنو ۽ دعويٰ ڪئي ته بظاهر مختلف ملڪن ۽ علائقن ۾ ٿيندڙ واقعن کي الڳ الڳ ڏسڻ بدران چين جي عالمي معاشي ۽ سامري اثر رسوخ کي محدود ڪرڻ لاءِ هلندڙ هڪ وڏي جدوجهد جي پسمنظر ۾ سمجهڻ جي ضرورت آهي.

You might also like