دريا خان مري (ويب ڊيسڪ) مقامي صحافي اختر خاصخيلي دريا خان مري ٽائون ڪميٽي جي وائيس چيئرمين تي پلاٽ تي قبضي جو الزام هڻندي چيو آهي ته هن هٿياربند گهرائي ورتا آهن.
اختر خاصخيلي موجب وائيس چيئرمين پلاٽ تي بيٺل جهنگ رات جي اونداهي ۾ ڪٽرائي ڇڏيو آهي ۽ قبضي لاءِ هٿياربند ويهاري ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.
هن چيو ته وائيس چيئرمين اڳ سئوٽن تي حملو ڪري کين زخمي ڪيو هو، جنهن جو مٿس ڪيس داخل ٿيل آهي، هن پلاٽ تي قبضو ڪري اڏاوت ڪئي ۽ ڪورٽ سڳوري ڪم روڪرائي ڇڏيو.
سندس چوڻ هو ته وائيس چيئرمين طاقت جي زور تي ٻيهر قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، آءِ جي سنڌ معاملي جو نوٽيس وٺي.
You might also like