لاڙڪاڻو: ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ملڪيتي تڪرار جو نبيرو

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پاڪ سماجي تنظيم سنڌ جي چيئرمين حافظ گل حسن جتوئي حسيني ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ملڪيتي تڪرار جو نبيرو ڪرائي ڇڏيو.
منٺار ۽ مختيار شيخ ۾ هلندڙ ملڪيتي تڪرار جي نبيري لاءِ ڳالهيون لاڙڪاڻو پاڪ سماجي تنظيم سنڌ جي هيڊ آفيس پراڻو بس اسٽينڊ تي ٿيون.
ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ کانپوءِ حافظ گل حسن جتوئي حسيني ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪري ڇڏيو.
ان موقعي تي ٻنهي ڌرين چيو ته ملڪيت جي معاملي تي ڪجهه وقت کان اڻبڻت هلي رهي هئي، اسان حافظ گل حسن جتوئي حسيني جا ٿورائتا آهيون، جن ڳالهيون ٻڌي اسان جو ٺاهه ڪرايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.