پاڪستان ۾ صوبن ۽ وفاقي حڪومت جي وچ ۾ مالي ورڇ لاءِ نيشنل فنانس ڪميشن ايوارڊ هڪ بنيادي ۽ آئيني فورم آهي. هي ايوارڊ آئيني طور تي هر پنجين سال جاري ڪيو وڃي ٿو ته جيئن وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ مالي وسيلن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائي سگهجي. اين ايف سي ايوارڊ جو مقصد اهو آهي ته وفاقي وسيلن کي صوبن تائين پهچائڻ لاءِ هڪ اهڙو فارمولو ٺاهيو وڃي جيڪو عوام جي حقن جي تحفظ سان گڏوگڏ هر صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ مددگار ثابت ٿئي.
پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 160 تحت اين ايف سي ايوارڊ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن تحت وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾وسيلن جي تقسيم کي قانوني ۽ آئيني تحفظ ڏنو ويو آهي. تاريخي طور تي، پاڪستان ۾ ايوارڊن جو عمل گهڻو ڪري سياسي ۽ معاشي حالتن جي اثر هيٺ رهيو آهي. 1974ع ۾ پهريون اين ايف سي ايوارڊ جاري ٿيو، پر ان کانپوءِ ڪافي عرصي تائين مختلف سياسي ۽ معاشي سببن جي ڪري نوان ايوارڊز جاري ٿيڻ ۾رنڊڪون پيش آيون. 2009ع ۾ ٿيل ستون اين ايف سي ايوارڊ هڪ اهم سنگ ميل آهي، جنهن ۾ صوبن کي وڌيڪ مالي وسيلن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪافي اهم تبديلون ڪيون ويون.
اين ايف سي ايوارڊ جي تحت وفاقي حڪومت پاران وصول ڪيل آمدني جو هڪ مخصوص حصو صوبن کي ڏنو ويندو آهي. هتي ڪجهه اهم نُڪتا آهن جيڪي اين ايف سي ايوارڊ جي ورڇ ۾ استعمال ٿين ٿا:
سڀ کان وڏو عنصر صوبن جي وچ ۾ ورڇ ڪرڻ لاءِ آبادي آهي. پنجاب صوبي کي ان فارمولي تحت سڀ کان وڏو حصو ملي ٿو. ڇاڪاڻ ته اتي آبادي جو تناسب ٻين صوبن کان وڌيڪ آهي.غريب ۽ پٺتي پيل علائقن کي وڌيڪ وسيلن جي ضرورت هوندي آهي، انڪري انهن علائقن لاءِ پڻ فارمولي ۾ حساب ڪيو وڃي ٿو.
گذريل ڪجهه سالن کان، پاڪستان معاشي بحرانن جي ور چڙهيل آهي، ۽ ان بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ آءِ ايم ايف سان ٺاهه ڪيو ويو. آءِ ايم ايف جون شرطون خاص طور تي مالي خساري ۽آمدني جي وڌائڻ جي پاليسين سان لاڳاپيل آهن. وفاقي حڪومت جي اها ڪوشش آهي ته آءِ ايم ايف جي شرطن کي بنياد بڻائي، صوبن کي ملندڙ وسيلن ۾ تبديليون آڻڻ لاءِ فارمولو تبديل ڪيو وڃي. پر ان عمل سان نه صرف صوبن جي بنيادي حقن جي خلاف ورزي ٿيندي، بلڪه وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ اعتماد جو فقدان پڻ پيدا ٿيندو.
جيڪڏهن وفاقي حڪومت وسيلن جي ورڇ جي فارمولي ۾ هٿ چراند ڪري ٿي، ته ان سان صوبن جي مالي حالتن تي تمام گهڻو اثر پوندو. هيٺيان ڪجهه اهم نتيجا ٿي سگهن ٿا. صوبن کي ملندڙ مالي وسيلن ۾ ڪٽوتي ڪرڻ سان صوبن جي پنهنجي ترقياتي منصوبن ۽ عوامي خدمتن تي ڪافي اثر پوندو. جڏهن صوبن کي پنهنجا وسيلا گهٽجي ويندا، ته اهي وفاقي حڪومت تي وڌيڪ ڀاڙڻ لڳندا، جنهن سان صوبائي خودمختياري تي خطرو پيدا ٿيندو.
صوبن ۾ وسيلا گهٽجڻ سان معاشي ۽ سماجي بيچيني وڌندي، جنهن سان قومي يڪجهتي تي به خراب اثر پوندا. سنڌ پاڪستان جي معاشي سرگرمين جو اهم مرڪز آهي، ۽ ان جي معيشت ملڪ جي ڪل معاشي سرگرمين جو وڏوحصو ٺاهي ٿي. سنڌ قدرتي وسيلن، خاص طور تي گئس ۽ تيل جي پيداوار، صنعتي ۽ تجارتي سرگرمين جي حوالي سان وفاق کي وڏي آمدني فراهم ڪري ٿي. ڪراچي، سنڌ جي گادي واري شهر، ملڪ جو سڀ کان وڏو تجارتي ۽مالي مرڪز آهي، جتان قومي خزاني ۾ ٽيڪسن ۽ محصولن جي وڏي رقم وفاق کي ملي ٿي. ڪراچي ملڪ جي ڪل ٽيڪس جو لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو فراهم ڪري ٿو، جنهن ۾سيلز ٽيڪس، درآمدي ۽ برآمدي ٽيڪس، ۽ ٻين ٽيڪسن جي وڏي حصي جو ڍڪ شامل آهي. سنڌ گئس ۽ تيل جي پيداوار ۾ اهم حصو ادا ڪري ٿي، ۽ وفاق کي انهن وسيلن مان وڏو محصول حاصل ٿئي ٿو.
اين ايف سي ايوارڊ جي ورڇ ۾ سنڌ کي وفاق کان حاصل ٿيندڙ آمدني ڪل قومي ريونيو جي 24.55 آهي. هي رقم اين ايف سي فارمولن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ آبادي، غربت، محصول جي پيداوار جي صلاحيت، ۽ ايراضي جي عنصرن کي ڏٺو وڃي ٿو. پر سنڌ حڪومت کي هميشه اها شڪايت رهي آهي ته وفاق کان ان کي وسيلن ۾ ان جو جائز حصو ناهي مليو. گڏوگڏ، قدرتي وسيلن جهڙوڪ گئس ۽ تيل جي آمدني ۾ به سنڌ کي جائز حق نه ملي رهيو آهي.
سنڌ وفاق کي ٽيڪس ۽ قدرتي وسيلن جي مد ۾ تمام وڏي رقم ڏئي ٿي، پر اين ايف سي ايوارڊ جي موجوده ورڇ ۾سنڌ کي ان جي وسيلن مطابق مناسب حصو نه ٿو ملي. هن صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اين ايف سي ايوارڊ جي فارمولن ۾ تبديلين ۽ صوبن کي وڌيڪ خودمختياري ڏني وڃي، ته جيئن هر صوبي کي ان جي وسيلن جومنصفاڻو حصو ملي.
اين ايف سي ايوارڊ جي ورڇ ۾ سنڌ کي وفاق کان حاصل ٿيندڙ آمدني ڪل قومي ريونيو جي 24.55 آهي. هي رقم اين ايف سي فارمولن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ آبادي، غربت، محصول جي پيداوار جي صلاحيت، ۽ ايراضي جي عنصرن کي ڏٺو وڃي ٿو. پر سنڌ حڪومت کي هميشه اها شڪايت رهي آهي ته وفاق کان ان کي وسيلن ۾ ان جو جائز حصو ناهي مليو. گڏوگڏ، قدرتي وسيلن جهڙوڪ گئس ۽ تيل جي آمدني ۾ به سنڌ کي جائز حق نه ملي رهيو آهي.