اڄ منهنجي آواز جي دنيا سان وابستگيءَ ۽ ريڊيي جي دنيا سان سلهاڙجڻ کي 29سال ۽ ٽيليويزن جي دنيا سان ناتي ڳنڍجڻ ۽ اسڪرين رستي پنهنجي ناظرين سان مخاطب ٿيڻ کي 22 ورهه مڪمّل ٿي رهيا آهن. ريڊيي سان منهنجو پيشاورانه تعلق ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي مائڪرو فون وسيلي پهرين آڪٽوبر 1995ع کان ڳنڍيو، جڏهن ته ٽيليويزن اسڪرين رستي مون پنهنجن ناظرين سان پهرين آڪٽوبر 2002ع سان اکيون اکين ۾ ملائڻ شروع ڪيون. منهنجي ريڊيي توڙي ٽي ويءَ جي سفر جي شروعات جي حوالي سان ٻه سهڻا اتفاق عجيب آهن ۽ مون لاءِ اعزاز آهن. هڪ اهو ته منهنجي ٻنهي ميڊيمس سان سلهاڙجڻ جي تاريخ ساڳئي (پهرين آڪٽوبر) آهي. آءٌ ريڊيي جي دنيا سان جنهن سال (1995ع) ۾ وابسته ٿيم، ان کان ٺيڪ 7 سال پوءِ آءٌ ساڳئي ئي تاريخ تي ٽيليويزن جي دنيا ۾ داخل ٿيس. اهو هڪ عجيب اتفاق آهي. ان جو هڪ فائدو اهو به آهي ته مونکي پنهنجي ٻنهي براڊڪاسٽنگ ميڊيمس جي ڪيريئر شروع ڪرڻ وارا ڏينهن ڌار ڌار ياد ناهن ڪرڻا پوندا. ٻيو اتفاق اهو آهي ته (جيتوڻيڪ ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جي نشريات 24 سيپٽمبر 1995ع تي شروع ٿي چڪي هئي) پر مون ان افتتاح کان پورو هڪ هفتو پوءِ جڏهن پنهنجو پهريون ريڊيو پروگرام ڪيو، ته اهو پروگرام مون ان ريڊيو اسٽيشن جي ”پهرين مقامي ڪمپئر“ طور ڪيو . جڏهن ته ٽيليويزن ڪيريئر ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جنهن پهرين سيٽيلائيٽ چينل سان سلهاڙجي مون پنهنجو پروفيشنل ڪيريئر شروع ڪيو، ان چينل (ڪي ٽي اين) جو پهريون ڪمپئر ئي آءٌ هئس ۽ چينل جي پهرين انائونسمينٽ ڪرڻ جو اعزاز ئي منهنجي ڀاڱي ۾ آيو. نه رڳو اهو، پر اڳتي هلي جڏهن پهرين ڊسمبر 2005ع تي ان ئي چينل جي بطن مان سنڌي ٻوليءَ جي پهرين سنگيت چينل ”ڪشش ٽي ويءَ“ جنم ورتو ته ان جي پهرين ڪمپئر بڻجڻ جو اعزاز به مونکي مليو ته پهرين آڪٽوبر 2007ع تي جڏهن سنڌي ٻوليءَ جو پهريون نيوز چينل ”ڪي ٽي اين نيُوز“ شروع ٿيو ته ان جي افتتاحي اسڪرين تي نمودار ٿيڻ جو اعزاز به مونکي ئي نصيب ٿيو.
آواز جي دنيا سان وابستگيءَ جا 29 سال ۽ ٽيليويزن جي دنيا سان سلهاڙجڻ جا 22 سال ايڏو ڊگھو عرصو آهي، جو انهن ٻنهي دنيائن (جيڪي هڪٻئي کان گھڻيون مختلف آهن) جا هزارين قصا پيٽ ورن ۾ آهن، جيڪي لکڻ ويهجي ته شايد 29 ڪتاب هڪڙا ۽ 22 ڪتاب ٻيا لکي سگھجن ٿا. انهن دنيائن جا لاها چاڙها ۽ ڏکيائيون توڙي سوڀ جا قصا به ايڏا طويل آهن، جو انهن کي هڪ لکڻيءَ ۾ سمائڻ ممڪن ئي ڪونهي. انهن ٻنهي شعبن سان اڌ زندگيءَ جيترو گذاري چُڪڻ کانپوءِ به اڄ به ڪنڌ ورائي ٿو ڏسان ته ڄڻ ڪلهه جي ڳالهه ٿي لڳي ته پهرين آڪٽوبر 1995ع واري منهنجي پهرين ريڊيو پروگرام ”روح رهاڻ“ لاءِ ان کان هڪ ڏينهن اڳ، پروڊيوسر ڪوثر ٻرڙي مونکي پاڻ سان گڏ ويهاري ٻئي ڏينهن جي پروگرام لاءِ گيت پئي شيڊيول ڪرايا. هن لسٽ (ڪيُوشِيٽ) ۾ پهريون ڪلام لکي، وچ ۾ هڪ اڌ گيت لکي، مونکان هڪ سوال ڪيو ته ”ڪهڙو فنڪار توکي صفا ناهي وڻندو!؟“ مون ان نؤخيز (16 سالن جي) عمر واري ذهني سطح، موسيقيءَ جي محدود ڄاڻ توڙي نؤجوانيءَ جي اٻهرائيءَ جي مليل جليل ڪيفيتن پٽاندر ڪوثر صاحب کي ٺهه پهه جواب ڏيندي چيو: ”جلال چانڊيو!“
ڪوثر صاحب فوراً 10 نمبر گيت جي جاءِ تي جلال چانڊيي جي ڳايل ڪلام ”چيم آخر ٻڌي هٿڙا“ جا ٻولَ لکيا ۽ ان ڪلام کي اڳلي ڏينهن منهنجي پروگرام لاءِ شيڊيول ڪيو. اهي ٻول لکندي ڪوثر صاحب مونکي پروڊيوسر جي حيثيت سان پهرين سمجھاڻي اها ڏني ته ”پروگرام جو شيڊيول ڪڏهن به تنهنجي مرضيءَ جو نه هوندو، بلڪه ٻڌندڙن جي مرضيءَ جو هوندو. تون پروگرام ۾ اهي گيت ڪونه وڄائيندين، جيڪي توکي پسند هجن، بلڪه اهي ڪلام نشر ڪندين، جيڪي ٻڌندڙن کي پسند هجن. جلال چانڊيو توکي وڻي نه وڻي! پر ٻڌندڙن جي اڪثريت کي پسند آهي، تنهنڪري تون جيڪڏهن چاهين ٿو ته تنهنجو پروگرام مقبول رهي ۽ گھڻا ماڻهو ٻُڌن ته پوءِ توکي عوامي پسند جوخيال رکڻو پوندو.“
ڪوثر صاحب جِي اها ڳالهه مون ڳنڍ ٻڌي اهڙي رکي، جو اها اڄ سُوڌي ياد آهي ۽ ڪڏهن به ڪانه وسرندي.
ريڊيي تي منهنجو پهريون پروگرام (جيئن مون ٻڌايو) ”رُوح رهاڻ“ هو، جيڪو ريڊيي لاڙڪاڻي جو صبح 9:04 لڳي کان 10:00 لڳي تائين نشر ٿيندر 26 منٽن جو ڊسڪ جاڪي پروگرام آهي. منهنجو پهريون ريڊيو پروڊيوسر ڪوثر ٻرڙو صاحب هو. اهو پهريون اسٽوڊيو انجنيئر، جنهن مونسان ان پهرين پروگرام ۾ پينل آپريٽ ڪيو، حبيب الله هڪڙو صاحب مرحُوم هو. (جيڪو مونکي پيار مان ”شودا ڇوڪرا“ چوندو هو.) منهنجو پهريون نشر ڪيل گيت سائنڻ عابده پروين جي آواز ۾ ”لک ناز سکيو آهين نوان“ هو، جڏهن ته منهنجا آن ايئر چيل پهريان لفظ هئا: ”السلام عليڪم سامعين!“پهرين آڪٽوبر 2002ع تي جڏهن ”ڪي ٽي اين“ جي نشريات جو آغاز ٿيو، ته ان جي شام 5:00 لڳي نشر ٿيل اوپننگ انائونسمينٽ (افتتاحي اعلان) منهنجو ڪيل (ريڪارڊيڊ) نشر ٿيو. ”ڪي ٽِي اين“ تان منهنجو پهريون باضابطه پروگرام ”محفل“ هو، جنهن جو ڊائريڪٽر (منهنجو پهريون ڊائريڪٽر) اسلم تنيو هو. ”محفل“ پروگرام جي پهرين شُوٽ، ڊفينس ڪراچيءَ جي هڪ بنگلي ۾ ٿي هئي. جنهن ۾ مون ”محفل“ جي جن پهريَن ٽن پروگرامن جِي ميزباني ڪندي، جن راڳين سان خاص پروگرام ڪيا، تن ۾ حنيف لاشاري، سجاد يُوسف ۽ عاشق نظاماڻي شامل هئا. منهنجو پهريون ٽي وي فريم ٺاهيندڙ عڪاس (منهنجو پهريون ڪيميرا مين) نصير صديقي (مرحوم) هو، جڏهن ته منهنجو پهريون ٽي وي ميڪ اپ آرٽسٽ اياز شاهه هو. اڳتي هلي هي پروگرام ”ڪي ٽِي اين“ جو بيحد مقبول پروگرام ثابت ٿيو، جنهن ۾ مونکي سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن ناميارن توڙي اڀرندڙ راڳين سان 300 کان مٿي پروگرامن جي نظامت ڪرڻ جو موقعو مليو. جڏهن ته ”ڪي ٽِي اين“ لاءِ منهنجو پهريون اسٽيج شو ڪراچيءَ جي بحريه آڊيٽوريم ۾ سُومر 4 نومبر 2002ع تي ريڪارڊ ٿيو، جنهن جو ڊائريڪٽر ’ڪي. ڪي‘ (خادم خاصخيلي) مرحوم هو. جنهن ۾ مون سان شبنم نواز ۽ سبرين هيسباڻيءَ ساٿي ڪمپئر طور ڪمپيئرنگ ڪئي. هي شو هڪ مهينو پوءِ، جمعي 6 ڊسمبر 2002ع تي عيدالفطر جي ڏينهن ”ڪي ٽِي اين“ تان نشر ٿيو هو.
مون ريڊيي جي ڪيريئر جي شروعات ته لاڙڪاڻي ريڊيي کان ڪئي، پر ان کانپوءِ سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورين ريڊيو اسٽيشنز تان ”مهمان ڪمپئر“ طور پڻ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. 2003ع کان مان باضابطه ’ايف ايم‘ انڊسٽريءَ سان واڳجي ويم. مونکي ايف ايم جي دنيا ۾ ’ڊِي جي‘ (ڊسڪ جوڪي) ’آر جي‘ (ريڊيو جوڪي) جي حيثيت سان متعارف ڪرائيندڙ، معروف براڊڪاسٽر نثار ميمڻ هو. ريڊيي جي دنيا ۾ ڪوثر ٻرڙي کان علاوه پيشڪار جي حيثيت سان جن جن سُونهَن منهنجي رهنمائي ڪئي، تن ۾ ريڊيي لاڙڪاڻي تي خواجه امداد علي نصير احمد سومرو ، آغا محمّد علي مرحوم، نثار ميمڻ ، ضمير علي بدايوني ، زاهد قلباڻي ، خليل ڪاڪيپوٽو ۽ شوڪت خاصخيلي ، الاهي بخش ٻانڀڻ ۽ گل حسن قريشي ، ريڊيي ڪراچيءَ تي وري نثار ميمڻ ، محمّد نقي آپا، حسن ڪاظمي ، علي نواز خاصخيلي ۽ ٻيا شامل آهن. ريڊيي جا ڊيوٽي آفيسر به استاد جو درجو رکن ٿا، جيڪي اوهانجي لهجي ۽ تلفظ جي سنوار ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، ريڊيي جي اهڙن ڊيوٽي آفيسرن ۽ سينيئر انائونسرن ۾ مان جن کي پنهنجو استاد مڃان ٿو، تن ۾ سيما جبين (ايف ايم 101)، عالم زيدي، آپا شبينه افتخار، ممتاز علي شيخ ۽ ظفر قريشي وغيره شامل آهن.
پاڪستان ٽيليويزن تي 2002ع ۾ ئي مونکي محمّد بخش سميجي متعارف ڪرايو، جڏهن هن مونکي ڪراچيءَ جي هڪ مقامي هوٽل ۾ هڪ ادبي پروگرام جي ڪمپيئرنگ ڪندي ڏٺو ۽ ٻڌو، پر منهنجو پي ٽي ويءَ تي آڊيشن ريڪارڊ ڪندڙ پهريون پيشڪار مقبول شجراح هو. (جنهن سان مون بعد ۾ ڪئين پروگرام گڏ ڪيا.) پي ٽي ويءَ تي منهنجي ميزبانيءَ ۾ نشر ٿيندڙ پهريون پروگرام ”سي آيتون آهين“ هو، جيڪو ڀٽائيءَ جي ڪلام جي ساڃاهه تي مشتمل هو، جنهن جو پرڊيوسر نعيم بلوچ هو. پاڪستان ٽيليويزن تي مونکي جن پروڊيوسرن سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو، تن ۾ منظور قريشي ، فيض ٻگھيو ، اعجاز عليم عقيلي ، منظور مگسي ، اقبال سعيد انصاري ، حميد هاليپوٽو ، قربان چنا ، محمّد حسين خانزادو ، مُزمل شجراح ، امين ميمڻ ، امجد حسين شاهه ، غلام مصطفيٰ سولنگي ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته اسڪرپٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان غلام حيدر شيخ جي به جھجھي رهنمائي ڳچ عرصو حاصل رهي. انهن پروڊيوسرن سان گڏوگڏ ٽيليويزن جي دنيا ۾ خاص ڪري ”ڪي ٽِي اين“ جي شروعاتي ڏينهن ۾ جن ناميارن فنڪارن، سينيئر جي حيثيت سان منهنجي لفظن، ڳالهائڻ جي انداز ۽ پيشڪش جي انداز جي اصلاح ڪئي ۽ مونکي چيچ پڪڙي هلڻ سيکاريو، تن ۾ شفيع محمّد شاهه صاحب، انور سولنگي صاحب، اي. آر. بلوچ ، آپا مهتاب اڪبر راشدي، سلطانه صديقي ، رشيد صابر ، مصطفيٰ قريشي روشن عطا ، شمشيرالحيدري ، سيّد يار محمّد شاهه صلاح الدّين تنيو ، گلاب چانڊيو ، قمرالنساءِ هڪڙو اياز گاد ، نيبل شيخ، طاهر آرائين مرحوم ۽ ٻيا شامل آهن.