سنڌ جو ھاري، ھاري ڪارڊ ۽ خوشحال سنڌ جو خواب

ڊاڪٽر دلدار لغاري

سنڌ جي وڏي آبادي ھارين يا کيت مزدورن تي مشتمل آھي  ۽ حڪومت وڏي آواز دعوا ٿي ڪري ته زراعت سنڌ ۽ ملڪ جي ڪرنگھي جي ھڏي آھي ھاڻ اچو ته جائزو وٺون ته ڪرنگھي جي ھڏي جي حيثيت رکندڙ زراعت ۽ ان کي ڪلھن تي کڻي جيوت ڏيڻ واري ھاري سان سندن وهنوار ڪھڙو آھي ھاري جيڪو سڄي خاندان سميت ڏينھن رات ، گرمي سردي زمينن تي زراعت جي پوکائي ان جي حفاظت ان جي گڏ پاڻي ڀاڻ دوا اسپري سڀ جو زميوار آھي انلاءِ نه ويھڻلاءِ پلاٽ يا زمين آھي نه وري بھتر علاج،  ٻارن لاءِ بھتر تعليم نه ٻي ڪا سھولت آھي جئين ته ھاري جي پنھنجي زمين يا پلاٽ ناھي ان لاءِ ھو رھائش جي حوالي سان ھميشه دربدري واري زندگي گھاري ٿو

حڪومت سنڌ جيڪا ھاري ھاري ڪريو پنھنجو گلو خراب ڪري ڇڏيو آھي تن  سترنھن سالن جي حڪومتي عرصي دوران ھارينلاءِ ڇا ڇا ڪيو ان تي به غور ڪيون ٿا پيپلز پارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽي نعرو ڏنو ڪپڙو روٽي ۽ مڪان  ان جي دور حڪومت تي ان نعري تي ڪيترو عمل ٿيو ان کي ڇڏي پاڻ ھن وقت مسلسل سترنھن سالن کان حڪومت ۾ رھندڙ آصف علي زرداري صاحب ۽ بلاول ڀٽو زرداري صاحب جي حڪومت ۾ ھارين مزدورن سان وڌيڪ ويڌن ۽ مصيبت وارو دور رھيو آھي.

سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنھور صاحب ٽينينسي ايڪٽ تحت ھڪ ھاري جي پٽيشن تي ھارين جي ڀلائي لاءِ تقربن 35 صفحن تي ٻڌل ھڪ فيصلو ڏنو جنھن ۾  ڪجهه آبزرويشنس ۽ حڪومت لاءِ ھارين جي ڀلائي لاءِ  ڪجهه ڊائريڪشنس ھئا پر جئين ته سنڌ حڪومت جي ايوانن ۾ سڀ ڀوتار ويٺل آھن ۽ جيڪي غريب ھاري کي سک جو ساھ کڻڻ به نٿا ڏين ان پيپلز پارٽي جي حڪومت  ان ھاء ڪورٽ جي فيصلي ۾ ڏنل ڊائريڪشن تي عمل ڪرڻ بجاءِ ان کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلنج ڪري ڇڏيو

ھاري ڪارڊ

دنيا کي بيوقوف ٺاھڻ لاءِ ھاري ڪارڊ جو اجراءُ ڪيو ويو جيڪو ھارين سان دوکي ۽ فريب کانسواءِ  ڪجهه به نه ھو  ستين فارم جي شرط لڳائي ويئي ۽ پاڻ سڀني کي خبر آھي ته پنجانوي سيڪڙو ھاري وٽ نه پنھنجي زمين آھي نه وري ستون فار اھو ساڳيو شرط وري ڀاڻ سبسڊي ڏيڻلاءِ لاڳو ڪيو ويو ھي به دنيا کي بيوقف ٺاھڻ ۽ ھارين سان ڀونڊي مذاق جي برابر ھو

ھاري گھر

2022 واري مھا ٻوڏ ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ھاري ٿيو ھڪ پاسي سندس پوکيل فصل تباھ ٿيا سڄي محنت ۽ پئسو ضايع ٿي وي ته ٻي پاسي سندس ڪکائين  گھرن سان گڏ رکيل سامان ، ان ، بسترا  به تباھ ٿي ويا ھو ٻارن جي زندگي بچائي اچي روڊ ، شاخ يا سم نالن جي ڪناري بي يار و مددگار ٿي ويٺو ان وقت حڪومت ۽ انظاميا سندن ساھئتا ڪئي سا سڀ پاڻ کي خبر آھي  سرڪار کين گھر ٺاھي ڏيڻ جا واعدا ڪيا  ۽ سروي جي بھاني ٻه سال کين آسري ۾ رکيو جڏھن گھر (جن کي گھر چوڻ ئي مناسب ناھي ھڪ 10×10 جو ڪمرو نه ورانڊو نه بورچي خانو نه وري ليٽرين )  مليا تڏھن ساڳي شرط پلاٽ پنھنجو ھجي يا ڀوتار لکي ڏي

ھاري وٽ ته پلاٽ يا زمين ھئي ڪونه  جو سندن گھر ٺھي سگھي وري به ھاري ڀوتار جي ڪڍ ته سائين پلاٽ تي اجازت ڏيو ته گھر ٺھرايان  بدقسمتي سان حڪومت سنڌ ڪڏھن ھاري ۽ کيت مزدورلاءِ ڪڏھن ڪو ڀلائي جو ڪم نه ڪيو آھي بنگال ۽ پنجاب جي  ڪجهه حصن ۾ جتي جاگيرون ٽوڙي ھارين کي ٿوريون زمينون ڏيئي  جاگيرداري واري غلامي مان آزادي ملي اتي نه صرف ھاري خوشحال ٿيو پر ملڪ کي به وڏو فائدو ٿيو  سنڌ حڪومت  افغانين بنگالين بيھارين ڪشميرين ۽ ٻين ڌارين کي زمينون الاٽ ڪري ٿي انھن کي ڪالونيون ٺاھي ڏي ٿي ٻي پاسي بحريا ڊي ايڇ اي ۽ ٻين کي ڀڳڙن جي مٺ تي زمينون ڏيئي وڏيون رھائشي ڪالونيون ٺھرائي ٿي پر سنڌ جي ھاري لاءِ ِ ڪو زمين جو ٽڪرو ڏيڻ لاءِ تيار ڪونھي جنھن مان سندن ھاري دشمني جو ثبوت  ملي ٿو

جيڪڏھن سنڌ کي خوشحال ۽ ترقي يافتا ٺاھڻو آھي ته ھن جاگيرداري ۽ سرداري جي ناسور مان جان ڇڏائڻي پوندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.