ڪامريڊ ڄام ساقي هڪ ئي وقت ڪميونسٽ اڳواڻ، قلمڪار ۽ پورهيت پرور شخص هو. ڄام ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو پهريون سيڪريٽري به رهيو. سندس جنم 31 آڪٽوبر 1944ع تي ڇاڇري ۾ ۽ مَرتيو 5 مارچ 2018ع ۾ حيدرآباد شهر ۾ ٿيو.
ڄام ساقي 1991ع تائين کاٻي ڌر وارن جي دوستيءَ جي ڌاڳي ۾ بي بها موتين جيان پويل رهيو. ان بعد هميشه لاءِ پيپلزپارٽي سان سلهاڙيل رهيو ڄام ساقي سنڌ پاڪ جو واقعي هڪ کاهوڙي ڪردار هيو. جنھن جوڀن جا چويهه پنجويھه سال قيد ۽ روپوشي جي حوالي ڪري ڇڏيا.سندس شخصي حوالن ۾ قلمڪاريءَ وارو پاسو به ساراهَه جوڳو آهي. ڇهه ست ڪتاب سندس قلمي ڪاوشن ۾ شمارجن ٿا. هُن هِڪ عدد ناوليٽ ”کاهوڙي کجن“ جي نالي سان پهريون ڀيرو 1973 ۾ ڇپرايو. جنهن جو ٽيون ڇاپو 2018 ۾ سندس وفات واري سال ڇپيو. هي ناوليٽ سندس ئي انقلابي جدوجهد جي پس منظر ۾ سرجيل ساهتي سوکڙي آهي. ڪتاب جو عنوان شاهه لطيف جي ”سُر کاهوڙي“ جي هن بيت مان کنيل آهي.
کاهوڙي کجن، پسيو پورهيت ويسرا،
ڏوٿيئڙاڏورويا، رڃن منجهھ رهن،
ڪامل آھي تن، مون پريان جي ڳالھڙي.
ڪتاب جي ارپنا تاريخ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪندڙ هر انهيءَ فرد جي نالي ڪئي اٿائين. ڄام ساقيءَ جي هِن ناوليٽ کي ناوليٽ چئجي يا نه، انهيءَ تي آءٌ پنهنجي راءِ ڏيڻ جو حق رکان ٿو. اگر ڪهاڻي زندگيءَ جي هِڪ پهلو يا جز ۽ ناول حياتيءَ جي ڪل کي اجاگر ڪري ٿو، ته پوءِ ناوليٽ پڪ ٻنهي جي وچ ۾ ھڪ لڪير ئي ڪڍي ٿو. ”انسائيڪلوپيڊيا براٽنيڪا موجب ناول ان ڪهاڻيءَ کي چئجي ٿو، جيڪا ٻن لکن لفظن ۽ گهٽ ۾ گهٽ اڍائي سئو صفحن تائين ڦهليل هجي. ان کان گهٽ وڏي ڪهاڻي کي ”ناوليٽ“ چيو وڃي ٿو. دراصل ناول ۽ ڪهاڻيءَ جي انفرادي خصوصيت جي ميلاپ سان جيڪا صنف وجود ۾ آئي ان کي ناوليٽ چئجي ٿو. ” ان تناظر ۾ ڏسجي، ته ڄام ساقيءَ جو هي ناول کاهوڙي کجن فقط 41 صفحن تي ٻڌل آهي. سڄي ڪتاب ۾ جملي 58 صفحا آهن ،جنهن مان 17 صفا پيش لفظ ۽ پبلشر نوٽ وغيره لاءِ رکيا ويا آهن. ڏٺو وڃي، ته ايڪتاليهه صفحن جون ڪهاڻيون به لکيون ويون آهن. هي ناوليٽ خانصاحب محمد شفيع جي بنگلي اندر رهندڙ جاني/ جانب جي روپوشي ۽ روپوشيءَ دوران کنيل انقلابي قدمن جو فقط احاطو ڪري ٿو. ڪهاڻيءَ ۾ فقط هڪ دفعو جاني جانب کي حيدرآباد ويندي ڏيکاريو وڃي ٿو. مارشل ختم ٿيڻ کان پوءِ عوامي جمهوري حڪومت اچڻ کان پوءِ ناوليٽ جي مکيه ڪردار جانب کي ڳوٺ لاءِ ارادو ڪرڻ تائين هي ناوليٽ جانب (ڄام ساقيءَ) جي روپوشيءَ ۾ گهاريل ڏهن ٻارهن سالن ۽ جيل ۾ گذريل ٻارنهن سالا اذيت ناڪ زندگيءَ جو مڪمل احاطو نٿو ڪري. باقي سندس ٻولي پختي ۽ تاڃو پيٽو ڄام ساقيءَ جي مضبوط تخليقي صلاحيتن جو ساکي آهي.
ناوليٽ ۾ بنگال جي ورهاڱي جا وَڍَ، بندوق بردار مخلوق جي ڏاڍائي، آڪٽوبر انقلاب، چارٽرسٽ تحريڪ، پئرس ڪميون (Commune) ڪتاب جو ذڪر فرانس اسپين جي خانه جنگي جو ذڪر پڻ ڇيڙيل آهي. جنھن مان ڄام ساقيءَ جي عالمي انقلابي ، سياسي ادب،تحريڪن۽ تاريخي تبديلين جو ادراڪي پاسو ظاھر ٿئي ٿو.
ناوليٽ سڄو پڙهڻ کان پوءِ، به قاري جي اڃ اساٽ نٿي لهي، جو ناوليٽ اڻپورو محسوس ٿئي ٿو. يا کڻي ايئن چئجي ته ھي ھڪ طويل ڪھاڻيءَ جيتري ضخامت رکندڙ عالمي،سياسي ۽ سماجي پسمنظر جون ڪجهه جھلڪيون ڦلڪيون جھلڪيون پسايون ويون آهن.ڪنهن شخص جي ايتري ڊگهي ۽ ڪربناڪ ڪهاڻي هجي، سا فقط ايڪتاليهه صفحن ۾ ڪيئن ٿي سهيڙي سگهجي. ڄام ساقيءَ روپوشيءَ ۽ جيل جا جملي ٻاويهه چويھه سال جهنگ ۽ جبلن ۾ لطيفي ڪردار کاهوڙيء جيئان ڏٿ ڏوريو. اهوئي سبب هيو، جو هو کاٻي ڌر جي سياست جو ملڪي ۽ غير ملڪي سطح جو حوالو بڻيو. ناوليٽ آمر يحيٰ جي ايامڪاري ۽ خاتمي تائين جي روئداد پيش ڪري جلد پنهنجي اختتام تي پهچي ٿو. ناوليٽ ۾ ٻارنهن تيرنهن ڪردار آهن. پر جاني/ يا جانب هن ناوليٽ جو نائڪ آهي. باقي شهناز، شمع، صفيه ۽ نوري کان سواءِ، ٻيا ڪردار ڪهاڻيءَ ۾ ايترو متحرڪ نظر نٿا اچن.
وچ ناوليٽ ۾ صفيه جي داخلا سبب، پڙهندڙ کي ڪي رومانوي ٻول ٻڌڻ نصيب ٿين ٿا. جيڪا نهايت ئي وڻندڙ تضمين آهي. صفيه جو جانب ڏانھن محبت ڀريو جھڪاءُ قاريءَ جي من مندر جا جنسي گھنڊ وڄائي ٿو ڇڏي!سڄي قصي ۾، شاهه لطيف جي ٻن بيتن ۽ لطيفي وائي ”پيرين پوندي سان……..“ جو مکڙو فنڪاريءَ سان ڦٻائي بيهاريو ويو آهي. جنهن سان ناوليٽ جو نثري نشمين دلچسپ ٿي بيهي ٿو.جنھن ۾ صنعتي تمثيلن ۽ تلميحن جو ڪھڪشان الڳ منظر پيش ڪري ٿو.
ناوليٽ نگار ڄام ساقيءَ جي هِن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن 1973 ۾ ڇپيو. جڏهن ته موصوف 1991 ع ۾ پ پ جوائن ڪئي (1973- 1991) سندس وچ واري 19 سالن واري جدوجهد ڪاڏي وئي. جيڪڏهن ڄام ساقي انهيءَ عرصي واري انقلابي ۽ پورهيت پتوڙ پنڌ کي به ڪتاب ۾ شامل ڪري ها، ته هوندو نهايت ضخيم ناول لکجي پئي سگهيو. جيڪو اردوءَ کان علاوه ٻين ٻولين ۾ به ترجمو ڪرائي ڄام ساقيءَ جي جدوجهد کي ڏيھي،پرڏيھي سطع جي نسلن تائين پهچائجي ها! ڪتاب جو نالو ”کاهوڙي کجن“ آهي. ۽ هي ڪردار ماٺ ڪري ويهڻ وارو ڪردار ناهي. کاهوڙي لفظ پنهنجي فڪري ۽ اسمي جوهر ۾ هڪ ڊگهي داستان جيترو وسيع آهي، ته پوءِ انهيءَ هم گير عنوان لاءِ فقط 41 صفحا ناڪافي آهن، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هن ناوليٽ مان ڪوبه پنهنجي ادبي اُڃ اساٽ يا انقلابي تشنگي ماري نٿو سگهي. ان ڏس ۾ اهڙي ڪمي ڪوتاهي مصنف خود مڃي چوي ٿو: ”جيڪڏهن توهان اهو ناوليٽ پڙهڻ وقت اهو محسوس ڪيو، ته دراصل هي هڪ وڏي ناول جو پلاٽ آهي ته توهان درست محسوس ڪيو آهي.“ ص- 17 ناوليٽ ۾ جتي انقلاب جي آشا اميد جاڳائي وئي آهي اتي اجتماعي قومي مايوسي پڻ محسوس ڪرائي وئي آهي. جڏهن ”عظيم شاعر“ ۽ ”عظيم دانشور“ (شايد شيخ اياز ڏانهن اشارو) به مارشلائي مصيبتن کان گهٻرائي اهو چوڻ تي مجبور ٿئي، ته ”ميان مارائيندئو ڇا؟ ته پوءِ ڪنهن کاهوڙي انقلابيءَ جو چئن لفظ تي مشتمل هيءَ گمان/ انديشو پيدا ٿيڻ ”ڇا هيءَ قوم اٿندي…..“ نه رڳو انهي عصر بلڪي اڄوڪي عهد جو به الميو آهي! جنهن مان پاڻ کي ضرور سکڻ ۽ سمجهڻ گهرجي.ناوليٽ ۾ جڏهن جانب (فرضي نالو) جاني ڪردار طور ظاهر ٿئي ٿو، يا Replace ٿئي پيو، ته اُهي بياني لمحا جادوئي انداز ۾ پڙهندڙ کي محسوس ڪرايا ويا آهن.اِهو Methood راويءَ جو بيحد فنڪاراڻا حِس جو ڪمال چئي سگهجي ٿو. جانب نالي ڪردار حقيقت ۾ اڳتي هَلي سياسي مفاهمت جي پاليسي اختيار ڪندو،ان جو گمان گھٽ ماڻھن ڪيو ھوندو. ماضيءَ ۾ جنهن نئين ۽ ”عوامي حڪومت“ سندس گرفتاريءَ تي ڏهه مان وڌائي 25 هزار روپيا رکيا هئا. انهي اڳيان هو پنهنجا هٿيار (خيال نظريا) ڦٽا ڪندو. ڪنهن شايد صحيح چيو آهي، ته ”مان پنهنجي سوچ خيال جي ڪري مرڻ تائين وڃي نٿو سگهان، جو سوچ خيال به بدلبا رهندا آهن. ايئن ئي ٿيو… (ڪالهه جو جانب جيل بجاءِ اقتداري ايوانن ۾ ويٺل نظر آيو) بحرحال ڪامريڊ ڄام ساقي پنهنجي جواني ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه عام ماڻهوءَ ۽ انقلاب کي ارپي چڪو آهي. هاڻي، ته اهڙا ڪردار سياسي سماجي ۽ ادبي ادارا پيدا ڪري ئي نٿا سگهن. ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي نثر ۾ ٻين گڻن کان علاوه دانشمندي ۽ دور انديشي واضح طور تي نظر اچي ٿي. هِت ٻه مثال پيش ڪجن ٿا،جنهن جو لڪاءُ ڪالهه جي بنسبت اڄ گهڻو ڏکائيندڙ صورتحال ڏسي رهيو آهي.
”خدانخواسته هي جرنيلن جو ٽولو اڃان به ڪُرسيءَ سان چنبڙيو رهيو ته باقي ملڪ، خاص ڪري ننڍين قوميتن جو ڇا ٿيندو.“ هاڻي ته غريبن جو ڀلو چاهيندڙ عوامي حڪومت آئي آهي، پوءِ اڃان توهان تي وارنٽ ڇو آهي؟ عوامي!؟“ هي هڪڙي لفظ اچارڻ وقت راويءَ ڪيتري شدت سان نفرت، حقارت ۽ تعجب جو اظهار ڪيو آھي. جو لفظ سان لڳايل سوال ۽ تعجب جي نشاني ڏيڻ باوجود ليکڪ پنھنجي دانھن دٻائي ناهِي سگهيو .
 
			