اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم ڊويزن ذريعن چيو آهي ته جنگي حالتن جي خاتمي تائين پاڪستان کي قطر مان ايل اين جي نه ملندي.
پيٽروليم ڊويزن ذريعن موجب قطر گيس پاڪستان کي گيس جي فراهمي جي ٿيڻ جي حوالي سان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مارچ لاءِ قطر مان 8 ايل اين جي ڪارگوز اچڻا هئا، رڳو ٻه ئي آيا آهن، ايل اين جي جا باقي 6 ڪارگو 7، 11، 12، 16، 20 ۽ 21 مارچ تي اچڻا هئا.
ذريعن موجب پاڪستان کي موجوده ايل اين جي جي لوڊ مينيجنگ ڪرڻي پوندي، 20 کان 21 مارچ تائين لوڊ مينيجنگ ڪري ايل اين جي دستياب رهي سگهي ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ صنعتي سيڪٽر سميت ٻين شعبن کي اين ايل جي سپلاءِ متاثر ٿيندي.
هوڏانهن واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته ايل اين جي قطر مان ئي ايندي پر متبادل آپشن موجود آهن.
You might also like