سيمي فائنل ۾ شڪست تي ائين لڳو ته ڄڻ ڪنهن زوردار چماٽ وهائي ڪڍي هجي: ايڊن مارڪرم

ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ايڊن مارڪرم چيو آهي ته نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ عبرتناڪ شڪست ٽيم لاءِ ”زور دار چماٽ“ برابر آهي.
ايڊن مارڪرم ميچ جي پڄاڻي واري تقريب دوران خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ٽورنامينٽ ۾ لڳاتار ڪاميابين کانپوءِ اهڙي شڪست واقعي مايوس ڪندڙ آهي.
سندس چوڻ هو ته هيءَ هار ٽيم لاءِ هڪ سبق به آهي ۽ هاڻي کين وڌيڪ مضبوط ٿي اڳتي وڌڻو پوندو.
مارڪرم چيو ته کيس اميد هئي ته ايڊن گارڊنز جي پِچ بيٽنگ لاءِ سازگار هوندي ۽ جيڪڏهن بيٽر ٿورو روايتي انداز اختيار ڪن ها ته ٽيم لڳ ڀڳ 190 رنسن تائين پهچي سگهي پئي.
هن چيو ته ٽيم شڪست جو تفصيلي جائزو وٺندي، پر پهرين رانديگرن کي جذباتي طور سنڀالڻ جو موقعو ڏنو ويندو ته جيئن ايندڙ ميچن ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهجي.
واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪا پهرين بيٽنگ ڪندي 169 رنسون ٺاهيون هيون، پر نيوزيلينڊ اهو هدف سولائيءَ سان هڪ وڪيٽ وڃائي 13 هين اوور جي پنجين تي حاصل ڪري ورتو هو.
نيوزيلينڊ جي ڪاميابي ۾ اوپنر فِن ايَلن جي شاندار 33 بالن تي ناقابلِ شڪست سينچري اهم ڪردار ادا ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.