ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪسٽمز عملدارن ڪارروائي ڪندي پرڏيهه مان پهتل مسافر جي قبضي مان لکين رپين جي ماليت جا جديد آءِ فون ۽ پرڏيهي شراب جون بوتلون هٿ ڪري ورتيون آهن.
جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي ڪسٽمز ٽيم پرڏيهي اڏام ذريعي پهتل هڪ مسافر جي شڪيا سرگرمين جو نوٽيس ورتو، جيڪو ڪسٽمز چيڪنگ کان بچڻ لاءِ لڳ ڀڳ 20 منٽن تائين ايئرپورٽ جي واش روم ۾ موجود رهيو.
مسافر جي واش روم مان ٻاهر اچڻ کانپوءِ ڪسٽمز عملدارن واش روم جي تلاشي ورتي، جنهن دوران ڪموڊ جي هيٺان لڪايل 14 نوان جديد آءِ فون هٿ ڪيا ويا.
ان کانپوءِ ۾ مسافر جي سامان جي تلاشي دوران شراب جون 2 بوتلون پڻ هٿ ڪري ضبط ڪيون ويون. برآمد ڪيل سامان جي مجموعي ماليت لڳ ڀڳ 50 لک رپيا ٻڌائي وئي آهي.
ڪسٽمز اختيارين موجب، مسافر اعتراف ڪيو ته ڪسٽمز اهلڪارن کي ڏسي ڊپ وچان هن موبائل فون واش روم ۾ لڪايا هئا.
ڪسٽمز عملدارن سمورو سامان ضبط ڪري مسافر خلاف قانوني ڪارروائي ۽ وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
ڪراچي هوائي اڏي تي ڪسٽمز جي واش روم ۾ لڪل مسافر جي تلاشي، ڪموڊ هيٺان 14 نوان آءِ فون هٿ!
You might also like